Friday, November 23, 2018

Primitive Tools/weapons made in Paleolithic and Stone Age era







هي چرٽ جا گهڙيل پٿر آهن. هنن جي گهڙت لڳ ڀڳ چاليهه هزار سال اڳ روهڙيءَ جي جابلو علائقن ۾ پيليوليٿڪ دئور جي انسانن هٿان ٿيل آهي. هو ڇرٽ جا پٿر جبلن مان ڪڍي انهن کي گڏ ڪري ان مان مختلف قسم جا اوزار ٺاهيندا هيا. اروڙ، شاهنودي بادشاهه ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۽ اڌم سلطان بادشاهه وارن علائقن ۾ هن قسم جا ڪيئي ورڪشاپ آهن. اڌم سلطان وارو ورڪشاپ ته ميلن تائين پکڙيل آهي. اهي انسان انهن پٿرن جي رڳڙ سان باهه ٻارڻ به سکي ويا هيا ۽ پنهنجي شڪار ڪيل جانورن کي باهه ۾ ڀڃڻ (سجي ڪرڻ) پڻ سکي ويا هيا. انوقت تائين اهي ڪنهن به قسم جو لباس ڪونه پائيندا هيا. پٿر جي دئور وارو انسان جهنگلي جانورن کان ٿورو ايڊوانس هو نه ته جانورن ۽ انسانن وچ ۾ تمام گهٽ فرق هوندو هيو جڏهن ته پيليوليٿڪ دئور جو انسان انهن کان الاهي وڌيڪ ايڊوانس هو.اسان جو هي جابلو سلسلو انساني تهذيب جو مک مرڪز رهيو آهي. پوري دنيا اندر تهذيب هتان کان پکڙي آهي پر افسوس ته هي سمورا آثار ڌرتي جي گولي تان ميسارجڻ جي تمام ويجهو آهن. بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جابلو علائقو پٿر ڍوئيندڙن جي انڌن هٿوڙن ۽ ٽيڪمن جي زد ۾ آهي.لطيف يونيورسٽي پندرهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي جنهن جا آرڪيالاجيءَ جا ڊاڪٽر پروفيسر پنهنجي ايرڪنڊيشن رومس ۾ ويهي ملٽي ميڊيا تي تحقيق ۾ تمام گهڻو مصروف آهن، کين بظاهر هنن عظيم آثارن جي مٽجڻ جي ذري برابر پرواهه ڪونه ٿي ڏسجي ۽ نه ئي سکر يا خيرپور جي ضلع اانتظاميه جي ڪن تي جونءِ چري....-----------------------------------------لکين سال اڳ جڏهن انسانن پنهنجي بچاءُ ۽ شڪار لاءِ پٿر مان اوزار ۽ هٿيار ٺاهڻ سکيا هيا ته هي اوزار/هٿيار ان دئور سان تعلق رکن ٿا. شاهنودي بادشاهه ۽ ڇتن شاهه بادشاهه جي درگاهن جي وچ تي جبل جي چوٽيءَ تي هڪ اهڙي ماٿري آهي (جنهن کي اسان مصور ماٿري جو نالو ڏنو آهي) جتي اهي اوائلي انسان رهندا هيا. انهن انسانن جي رهائش جا چٽا پٽا نشان اتي اڄ به موجود آهن. اتي انهن رهڻ لاءِ ڪيئي پلاٽ ٺاهيا هيا، هر پلاٽ جي چوڌاري پٿر رکيل آهن ۽ اهي اتي سون جي تعداد ۾ آهن. اتي بعد ۾ پيليوليٿڪ دئور جا انسان به رهيا هيا ۽ انهن جا ورڪشاپ جڙيل آهن. اسان هي پٿر اتان نموني طور کنيا هيا جڏهن ته اتي ان قسم جا ننڍا توڙي وڏا پٿر جهجهي انگ ۾ موجود آهن جن کي انساني هٿن سان گهڙيو ويو آهي. مون ان مصور ماٿري جي هڪ ننڍڙي وڊيو به ٺاهي هئي جنهن کي ٿوري دير بعد اپلوڊ ٿو ڪريان.

1 comment:

  1. اوھان تاريخي ڪم ڪري رھيا آھيو. جس لھڻو.. گھڻي وقت کان پوءِ جڏھن تحقيقون ٿينديون اوھان جا ڊاڪيومينٽ وڏي رفرنس طور ڪم ايندو. زبردست.

    ReplyDelete