Friday, November 23, 2018

جت نه پکيءَ پير....کاهوِڙي ڪردار فيض علي ڪٽوهر کي پيٽا



هي فيض علي ڪٽوهر آهي، جنهن جي زندگي سراپا جدوجهد رهي آهي. سڄاڳ ٻار تحريڪ کان وٺي عوامي تحريڪ تائين، ٻالڪپڻ کان وارن جي چاندي ٿيڻ تائين، پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين هن هڪ اڏول انقلابي جو ڪردار نڀائيو آهي. سندس سڄي حياتي نوڪيلن ڪاون تي هلندي گذري آهي پر خوددار ايترو جو ڀلي کيس ڏينهن جا ڏينهن فاڪا به ڇونه ڪڍڻا پون پر ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگبو، هو ڀلي بک ڀرم جي شل مَه وڃي شان جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. هو پنهنجي غريباڻي حال ۾ مگن ۽ خوش آهي. هن پنهنجا پير سوڙ آهر ڊگهيڙڻ سکي ورتا آهن. فيض علي ڪٽوهر جت ڪڏهن به زماني ۾ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي ته هن ڪڏهن به پنهنجي اولاد (ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين) جي تعليم 

تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو آهي.
ڳوٺ پنواڙي ۾ سڀ کان غريب گهراڻي جو ڇوڪرو نويد علي ڪٽوهر فيض علي جو پٽ آهي جيڪو پنهنجي محنت ۽ پنهنجي والد جي اتساهه بدولت چين ۾ ايم فل اسڪالر شپ حاصل ڪري اتي اعلي تعليم پيو حاصل ڪري. سندس ان عمل مان ثابت ٿو ٿئي ته پئسو سڀ ڪجهه ناهي 

هوندو.

هونئن فيض عليءَ جي پنهنجي حياتي زهر ڀري رهي آهي. يونيورسٽي مان ايم اي اڪنامڪس فرسٽ ڪلاس ڪيل فيض علي کي ڪنهن به اداري نوڪري نه ڏني ان جو سبب اهو نه هو ته جو وٽس ڪا صلاحيتن جي کوٽ هئي. يونيورسٽي جا استاد ته اڄ به سندس کجيءَ جي فصل تي لکيل تحقيقي ڪتاب پنهنجي شاگردن کي پڙهڻ لاءِ رفر ڪندا آهن ان جو سبب اهو آهي وٽس پرچي نه هئي. فيض علي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران اڪنامڪس ۾ ليڪچررشپ جو لکتي امتحان (جيستائين مون کي ياد اچي پيو) چار دفعا پاس ڪيو هو.
فيض عليءَ جي وڏي ۾ وڏي خامي اها آهي ته کيس نام نهاد ڊپلوميسي ناهي ايندي ۽ اهو سڀ ڪنهن کي سچ منهن تي ڦهڪائي هڻندو آهي ڀلي اڳلو ڪو وڏو سياستدان، ڪامورو يا قومپرست ۽ انقلابي به ڇونه هجي.
مون کي فخر آهي ته مان فيض علي جي خاندان سان تعلق رکان ٿو.

آخر ۾ مرشد لطيف جي سر کاهوڙي جا ٻه بيت کيس ارپيندس:
سڪا منهن سندن، پيرين پراڻا کيٿڙا،
سا جوء ڏوري آئيا سونهان جت منجھن،
ڳجها ڳجھيون ڪن تهان پراهين پنڌ جون.
...
جت نه پکيء پير تت ٽمڪي باهڙي
ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪيء کير ري

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو