Wednesday, November 24, 2021

جابلو ٽڪرين جو نوحو

 
















سياري جي موسم مس جو ٿورو گھڻو سُرتار ڏيکاريو آهي. ان موسم جي ايندي ئي اسان کي پنهنجي پاڙيسري جبلن جي تانگھ لڳڻ شروع ٿي چڪي آهي. 21 نومبر 2021 آچر جي ڏينهن ان پاسي منهن ڪيو هيو سين. اسان چئن دوستن، مائٽن يا کڻي ائين چئو ته گھر ڀاتين جي ٽيم هئي جنهن ۾ مان اميرگل، عبدالڪريم ڪٽوهر، گل بهار ۽ سيف علي شامل هيا. اسان ٽن موٽر سائيڪلن تي پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. اسان جو خيال اهو هيو ته ”تلور وادي“ جو سير ڪجي ڇوته پورو هڪ سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي ان ساڳي جڳهه کي اسان جي وڏي ٽيم ڳولهي هٿ ڪيو هو. ان نموني اسان ان واديءَ جي ڳولهي هٿ ڪرڻ واري پهرين سالگره ملهائڻ پئي گهري. پر چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي ته الله سائين جي من ۾ ٻي سو اسان ان رستي کان ڀلجي ٿورو اڳيان هليا ويا هياسين ۽ پوءِ مون کي اهو خيال آيو هو ته ڇونه اڄ وري ڪنهن نئين ماڳ کي ڳولهي هٿ ڪيون ۽ ان جو سير ڪيون. اهو سوچي، موٽر سائيڪلن جو رخ اتر بدران ڏاکڻئين پاسي کڻي ڪيو هيوسين. پوءِ جابلو وادين اندر جڙيل نئين مان ٻڪرين جي ڌڻن پاران جڙيل چارن تي موٽر سائيڪلون ڊوڙائيندا، نوڪدار جابلو پٿرن کان موٽر سائيڪلن کي بچائيندا ٻنهي پاسي جابلو چوٽين کي نظرن ۾ سمائيندا، ڄاڱري ٻيرن جي اڻ کٽ قدرتي باغن جي پاسي ۾ هلندا هلياسين، دل پئي گھري ته اسان ان نموني هنن وادين ۾ گھمندا ئي رهون. اڳتي هلي جڏهن ڏٺوسين ته هاڻي موٽر سائيڪلن کي اڳتي وٺي هلڻ ڏکيو آهي ته انهن کي اتي لاڪ ڪري وري رکيوسين کڙين تي زور. گهمندي ڦرندي ڄاڱري ٻيرين سان گڏ ڪرڙ جي پڪن جو کٽڙو مٺڙو سواد وٺندي هڪ ڦهليل وسيع ميدان ۾ وڃي پهتا هياسين جتي چئني پاسي جابلو سلسلا هيا، ميدان جي وچ ۾ پاڻيءَ جو هڪ حوض جڙيل هيو جيڪو پاڻي کان بلڪل خالي هيو. حوض جي آس پاس جانورن جي پيرن جا نشان ۽ ڇيڻا ٻڌائي رهيا هيا ته ڪنهن وقت هت پڻ انسانن سان گڏ جانورن جي رهائش پڻ ٿي هوندي. اتي پهچڻ بعد اسان کي تمام گھڻو سڪون مليو هو. نه شور نه گوڙ، نه ماڻهو نه جانور ها پکي پکڻ ۽ جيت جڻيا سو گھمي ڦري رهيا هيا، اهي اتي ڇونه گھمن اهي جايون ئي ته سندن مسڪن آهن ۽ اسين انسان آهيون ته پنهنجي آسائشن ۽ عياشين لاءِ باقي سمورن جيون کي بيدرديءَ سان لتاڙيندا پيا هلون. هڪڙن ساهوارن کي ته ڪهي، ذبح ڪري کائي چٽ ڪري ڇڏيون ٿا، جيئن ڪنهن وقت هن جابلو سلسلي ۾ هرڻن جا ڌڻ رهندا هيا پر هاڻي انهن جي نسل مان هڪ به باقي ناهي بچيو، سڀ بندوق جي نالي مان نڪتل گولين جو بک ٿي اسان جي پيٽ جي اڻ کٽ آنڊن ۾ هضم به ٿي چڪا آهن پر ٻيا ساهوارا جهڙوڪر گدڙ آهن، جن جو نسل اڃا به ٿورو ڪي گھڻو هتي ملي ٿو پر شڪار جا شوقين، ڪتا ڪڇ ۾ ڪري هنن بي گناهه ۽ خوبصورت جانورن جو نسل پڻ تباهه ڪرڻ جي پويان لڳل آهن. ان قسم جا خيال اتي پهچي ذهن ۾ ڪنهن زهريلي ڪنڊي وانگر چڀندا رهندا آهن.

               اسان جي گروپ اتي ساهي پٽي، ڏٻر محلي خيرپور کان ورتل ڪيلن جي ڳوٿريءَ کائي چٽ ڪري، عبدالڪريم پاران منرل واٽر جي آندل بوتل منجھان ڍڪ پاڻي پي ڦنرا ٿي پياسين. جيئن ته اها وادي اسان پهرين ڀيرو گھمي هئي ۽ اسان جي هن ٽوئر ۾ اسان جو ساٿي عبدالڪريم پڻ پهريون ڀيرو شريڪ ٿيو هو ان نسبت سان اسان واديءَ جو نالو ڪريم وادي رکيو هو. اسان کي اتي ڪيترائي قيمتي فاسل مليا، ڪجھ جيڪي کڻڻ جهڙا هيا انهن کي ساڻ کنيو سين باقي جيڪي فاسل هيا انهن کي سلامي ڏيئي واپسيءَ ڪئي سين ته گل واديءَ ۾ هڪ سهڻي جبل جي ٽڪريءَ کي اسٽون مافيا پاران بارود سان برباد ڪرڻ واري ڪڌي ڪم هڻي هانو ڦسائي وڌو هو. گل بهار ۽ عبدالڪريم ته اڳتي شهنودا بادشاهه واري اباڻي قبرستان ڏانهن روانا ٿي چڪا هيا پر مون موٽر سائيڪل کي ان جھرندڙ، تباهه ٿيندڙ، ناس ٿيندڙ سونهن ٽڪريءَ طرف موڙي ڇڏيو هو. ان ٽڪريءَ جي بلڪل سامهون جابلو ٽڪرين کي ٽۡڪر ٽڪر ڪندڙ مزدورن جون جھوپڙيون نظر آيو هيون. مون انوقت اتي بيهي ان ٽڪريءَ جو نوحو چيو هو. ان ٽڪريءَ جي مٿاهين بيهڪ بلڪل ان نموني جي آهي جهڙوڪر ڪا تمام وڏي ڪمي مٿس ويٺي آهي. مون کي افسوس ٿيڻ لڳو ته شايد هاڻي اهو منظر وري ڏسڻ لاءِ نه ملي. خبر نه ٿي پوي ته اسان جا ماڻهون ايترا انڌا ڇو ٿي ويا آهن، ڇو هو ٻن ٽڪن جي عيوض پنهنجو ڌرتيءَ جو اپمان پيا ڪيا ڪن، ڇو اهي ان قسم جي خوبصورتين کي ناس پيا ڪن؟؟؟؟؟؟

مون کي اها ساڳيا خيال پڻ آيا ته هت سنڌ اندر چرٻٽ راجا جو راڄ آهي، ڪو قانون ناهي، ڪو ڪنهن کي چوڻ وارو ناهي، جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري، روڊ ڪنهن ننڍڙي پائيپ لاءِ اکوڙي ڇڏي، واهن تي بند بڌي پنهنجي زمين ريج ڪري باقي غريبن جا فصل ڀلي برباد ٿين، اوطاقن تي نوجوانن کي گھرائي قتل ڪري ڇڏي، اسپتالن ۾ صحت بدران موت ملي، تعليمي ادارن اندر جهالت پروان چڙهي، امن امان جو پکي عرب شڪارين هٿان ڪسي وڃي، ڪا نياڻي زماني جي وهنوارن مان تنگ ٿي ڪري هاسٽل ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪنهن نياڻيءَ کي اغوا ڪري بليڪ ميل ڪري سندس زبردستي مذهب مٽائي ڪنهن واهيات مسٽنڊي جي حوالي ڪري ڇڏجي ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي. اهڙي ماحول ۾ هنن ٽڪرين جي پرزا پرزا ٿيندڙ پٿرن جا آواز ڪير ۽ ڇو ٻڌندو!!!!!!!
جيتوڻيڪ سنڌ جي سيد سرڪار ڪيترا ڏينهن اڳ ڇائيتاليهه سال اڳ ان اعلان کي وري ورجايو هو ته روهڙيءَ کان ڪوٽ ڏجي تائين وڇايل هنن جابلو ٽڪرين کي ”ٽڪر نيشنل پارڪ“ ڪيو ويندو ۽ لڳي ائين ٿو ته اهو محض اعلان ئي هيو ۽ جيڪو کانئن ڪڏهڪو وسري به ويو هوندو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو