Thursday, October 27, 2011

سکر بورڊ جي چيئرمين سيد غلام مجتبى شاهه صاحب کي مبارڪباد.

اها ڳالهه سيد غلام مجتبى شاهه صاحب کي ثابت ڪرڻي پوندي ته واقعي سندس مقرري سٺو عمل آهي. جيئين ته سائين جن ڪاليجي استادن جي تنظيم سپلا ۾ به ڪم ڪري چڪا آهن ۽ سندن انوقت استادن جي حقن لاءِ سٺي ڪنٽريبيوشن هئي پر هاڻي اهي سپلا جا نمائندا ناهن هڪ اهم اداري جا سربراهه آهن جتي کيس يارن کي راضي رکڻ بجاءِ سنڌ جي ٻورڊن اندر انتها تي پهتل بدديانتين تي ڌيان ڏيڻو پوندو. سنڌ کي بچائڻو آهي ته سنڌ جي تعليم کي بچايڻو پوندو. جيڪي ادارا اهو خير جو ڪم سرانجام ڏيئي سگھڻ جي قابل آهن انهن ۾ اسان جا اهي انٽرميڊيئيٽ ۽ سيڪنڊري بورڊ وڏي، اهم، سگھاري جاءِ والارين ٿا. پر افسوس ته ماضيءَ ۾ ڪنهن به سرڪاري بورڊ ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. ڪاپي ڪلچر، پئسن تي پوزيشنون ڏيڻ، بورڊ جي ملازمن جي ٻارن جون پوزيشنس اچڻ، تمام دير سان رزلٽن جو اچڻ، امتحان جو انتهائي ناقص طريقه ڪار، اسيسمنٽ نالي ۾ عظيم مشڪري، شاگردن ۽ شاگردياڻين جو بورڊن جي درن تي سرٽفيڪيٽس حاصل ڪرڻ لاءِ ڌڪا کائڻ، بورڊ جي ملازمن هٿان سندن بي عزتيون ڪجھ ڪارستانيون آهن جيڪي اسان جي بورڊن ڪرتا ڌرتائن جو شيوو رهيا آهن. سپلا سائين جن کي مبارڪباد ڏني آهي ان جو جواب سائين جن کي بورڊ اندر مثبت تبديلين سان آڻڻ گھرجي. جي سائيجن اهو سڀ ڪجھ ڪيو ته مان کيس يقين سان چوان ٿو ته تاريخ ٿي سگھي ٿو ته سندس ڀاءُ وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه کي ته وساري ڇڏي کيس ضرور ياد رکندي، ٻي صورت ۾ سائين جن به هڪ روائتي طاقتور وزير جا ڪاموري ڀاءُ جي حيثيت سان سڃاتا ويندا. سڀ ڪجھ سندس هٿ ۾ آهي.

2 comments:

  1. محترم سائين امير گل صاحب!
    سائين اوهان جو بلاگ کي وزٽ ڪري ڏاڍي خوشي ۽ اوهان لي اهو اطلاع به ڪندو هلان ته مون surhaan.com/blog شروع ڪيو آهي مهرباني ڪري ويب سائيٽ تجو سير ڪرڻ جي زحمت ڪندا ته هي ٻلاڪ توهان جو شڪرگزار ٿيندو .
    سنڌ جو همدرد، سنڌين جو همدرد
    منصور ميراڻي
    CEO,
    Surhaan.com

    ReplyDelete
  2. منصور اوهان جا لک احسان، رڳو خوش ٿيڻ کان ڪم نه هلندو مان صرف ان وقات خوش ٿيندس جڌهن اوهان اهو ٻڌايندو ته ڪهڙي ڳالهه جي ڪري اوهان کي خوشي ٿي آهي. مهرباني ڪري رڳو داد نه ڏيو داد ڏيڻ جا سبب به لکو ته هي جيڪي آئيڊيا آهي اها تمام سگھاري آهي يا هي جيڪو ڪم آهي اهو ڀلو آهي يا برو آهي. ڀلي ۽ بري لکڻ سان گڏ انهن جا سبب به لکو ته هي ڪم ڇو ڀلو آهي. مثال طور جيئين مان ۽ اوهان ٻئي سنڌي بلاگ هلايون ٿا. ڀلا سنڌي ۾ بلاگ مينٽين ڪرڻ، لکڻ، تبصرا ڪرڻ جي ڪهڙي اهميت آهي، ائين ته ناهي اسين اهي چريا هجون جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ نيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي ويهي ٽائيم پيا زيان ڪريون؟ سو سائين ڪنجوسي محض پئسي ڏوڪڙ جي ناهي ٿيندي لفطن جي ڪنجوسي به ٿيندي آهي انڪري ان ڪنجوسائپ مان اسان جي سنڌي نوجوانن کي نڪرڻو پوندو.. جيڪي ڪجھه اوهان جي من ۾ اچي اهو وڏي فضيلت ۽ سهڻي نموني بيان ڪريو. مان اوهان جو بلاگ اڳ به وزٽ ڪيو هيو اڄ وري ڪيان ٿو اتي تفصيلي تبصرو رکندس.

    ReplyDelete