Monday, July 9, 2012

واڪا ڪرڻ مون وس

روزانه ” خبرون “ جي 25 جنوري 2007 جي شماري ۾ ڇپيل ڪالم




                        مين پرائمري اسڪول ڪنڌرا اهو ادارو آهي جت اسان ڪنڌرا شهر ۽ ان جي آسپاس جي سمورن اسڪولن جي استادن ۽ هيڊ ماسٽرن جي پيشورانه سکيا جو ڪم سرانجام ڏنو هو. هڪ گروپ ۾ خيرپور تعلقي جي ڳوٺ عيسن ڀيو جي رهواسي عبدالرزاق ڀيو جو نالو به شامل هيو. عبدالرزاق ڀيو پڪيءَ عمر جو مذهبي خيالن وارو، نيڪ، پنهنجي پيشي سان والهانه عقيدت رکڻ وارو انسان آهي. هن پنهنجي پيشي کي عمر جا ستاويهه قيمتي سال ارپيا آهن، هو اسڪول جو ڪم به عبادت سمجهي سرانجام ڏيندو آهي ۽ کيس ” استاد “ سڏائڻ تي فخر محسوس ٿيندو آهي. سندس اسڪول تعلقي روهڙي ۽ تعلقي خيرپور جي سرحد تي آهي، روهڙي کان پري ۽ ڪٽيل هئڻ ڪري ڪوبه سپروائيزر، ايل سي او يا ڪو ٻيو مٿيون عملدار ان پاسي رخ گھٽ ڪندو آهي ها البته خانه پوريءَ لاءِ ڇٺي ڇهه ماهي ڪو اتي به جهاتي پائي ويندو آهي. هن اسڪول ۾ ايس ايم سي فنڊ کي استعمال ڪندي پنجٽيهه هزار روپين جي معمولي رقم سان ڳوٺاڻن جي مدد سان هڪ عدد ڪمرو به جوڙايو آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ آفيسر سندس اسڪول جي دؤري تي آيو ۽ هر شيءِ ٺيڪ ٺاڪ ڏٺائين پر آخر ۾ پنهنجي ” ذهانت “ ثابت ڪرڻ لاءِ اها گوهر افشاني فرمائڻ جو حق استعمال ڪيائين ته اهڙو ڪمرو ته وڌ کان وڌ پنجويهه هزار روپين ۾ جڙي سگھي ٿو، تو ڏهه هزار روپيه وڌيڪ خرچ ڪيا آهن!!

                    سکر ضلعي ۾ تعليمي سڌارن جي مد ۾ اسرا جي هڪ ٽيم ” ليڊ “   وارن هٿان هرهڪ پرائمري اسڪول کي هڪ هزار ڊالر يعني اڻهٺ هزار روپيه ڏناويا هئا ته جيئن اهي پنهنجي اسڪول ۾ هڪ عدد وڌيڪ ڪمرو ڪلاس روم لاءِ جوڙين مون اڪثر هيڊ ماسٽرن کي اها شڪايت ڪندي ٻڌو هو ته ايترن ٿورن پئسن ۾ ڪمرو ٺهڻ ممڪن ئي ناهي، حالانڪه ائين به نه هيو، اهي جيڪي مثبت سوچ ڌاريندڙ ۽ هر ڪم کي بروقت سرانجام ڏيندڙ هيڊ ماسٽر هئا انهن ساڳين پئسن مان ڪمرا تعمير به ڪرائي ڇڏيا هئا. ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه چئبي ته جيڪڏهن ڪو ڀاڳوند اهو ساڳيو ڪم رڳو پنجٽيهه هزارن ۾ سرانجام ٿو ڏئي ته به ان تي اعتراض آهي . مون پنهنجي ٻن سالن واري تجربي ۾ ان ڳالهه جو مشاهدو ڪيو آهي ته گھٽ ۾ گھٽ پرائمري سطح تي ڪجهه عملدارن جو تعليمي تباهي ۾ نمايان ڪردار آهي. انهن مان گھڻن کي ته خبر ئي نه آهي ته مانيٽرنگ ٿيندي ڇا آهي ! ۽ جيڪي سپروائيزر آهن انهن مان ڪجهه ته بنهه  ڪورا ڄٽ آهن، بس اهي مٿين آفيسرن جا خوشامندي ۽ انهن لاءِ مال ٺاهيندڙ ۽ ڪجهه انهن مان پنهنجو حصو پتي حلال ڪندڙ وڌيڪ آهن. مون کي اڄ به اهو عملدار ياد آهي جنهن سکيا لاءِ چونڊيل ماسٽر ٽرينرس کي ڪن ڳالهين تي بليڪ ميل ڪري هزارين روپيا هڙپ ڪيا هئا ۽ اهو ساڳيو آفيسر انهن سينٽرن تي اچي ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجي ڪم کي سرانجام ڏيڻ جون تلقيدون ڪندو هو. مين پرائمري اسڪول سکر اهو اسڪول هو جتي اسان پهرين گروپ جي سکيا ڪئي هئي ان ۾ ڳچ تعداد فيميلز جو به هيو اهي اسان جي ڳالهين ۾ اچي ڪجهه پير پختا ڪري مٿين عملدارن کي رشوت نه ڏيڻ واري واعدي تي ڪجهه عرصو ته قائم رهيون، پر وڏي دٻاءُ ڪري کين جهڪڻو پيو ۽ هنن پنهنجن پنهنجن اسڪولن جي آڊٽ جي مد ۾ روائتي نموني هڪ هڪ هزار مٿين آفيسرياڻيءَ کي ڏنا هئا، اها جيئن ته وڏي زماني ساز، لڪڙ هضم پٿر هضم ڪندڙ مشهور آهي، سو ان انهن پئسن مان پاڻ کان مٿين آفيسرياڻي کي جڏهن ” چاٽو “  نه ڪرايو ته اها به آپي مان نڪري ويئي ۽ پوءِ ڳالهه وڃي ڊي سي او صاحب جي ٽيبل تي پهتي هئي. اسان جو آخري گروپ به فيميل تي مشتمل هيو. اتي هڪ ڏينهن خوفناڪ قسم جي بلا عورت نه ڪا هم نه ڪا تم ڪري اسان واري ڪمري ۾ گھڙي آئي، معلوم ٿيو ته اها تعلقي جي آفيسرياڻي آهي ۽ ان اچڻ سان مون تي اچي اکيون ڦوٽاريون ته هوءَ ڪنڊ ۾ ويٺل ٽيچر ڪنهن جي حڪم سان هتي اسان واري سينٽر تي ويٺل آهي، کيس اهو به احساس نه هيو ته مان نه ته سندس ماتحت هيس ۽ نه سندس سوالن جا جواب ڏيڻ جو پابند، جڏهن ته منهنجو گريڊ  به کانئس مٿي هيو، بهرحال مون تحمل سان کيس سمجهايو ته هي جيڪي هتي ويٺل آهن، انهن سمورين کي اوهان جي ٽيبل تان نڪتل آرڊرن جون ڪاپيون اسڪول ۾ موڪلي هتي سکيا لاءِ گھرايو ويو آهي. سندس اتي اچڻ ۽ صوبيداراڻي نموني رويو رکڻ ڪري، اسانجي ڪلاس ۾ جيڪا انتهائي خوشگوار فضا قائم هئي اها ته غارت ٿي ويئي ويتر هڪ قسم جي نفرت انگيز ڪشمڪش وارو ماحول جڙي پيو هو ۽ ان ماحول کان بچڻ لاءِ مون ڏهن منٽن جو وقفو ڪري ڇڏيو هو، مون کي سندس رويي ته واقعي رنجايو هو پر افسوس ان ڳالهه جو هو ته ڪلاس انوقت مختلف سرگرمين ۽ گروپ ورڪ ۾ جوڙيل چارٽن ۽ ماڊلن سان ڪنوار وانگر سينگاريل هيو کيس انهن ڪمن سان ڪابه دلچسپي نه هئي ته سندس استاد نون ۽ جديد لاڙن تحت پڙهڻ، انتظام سنڀالڻ جو ڪم سکي رهيون آهن.

  مون اهو به مشاهدو ڪيو آهي اهي استاد جيڪي پنهنجي ڪم جا ڄاڻو ۽ ماهر آهن ۽ تعليم جو ڀلو دل ۽ جان سان چاهيندا آهن، ڪرپٽ آفيسرن جو سڌو سنئون ننشانو به اهي ئي بڻجندا آهن. اڪثر ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته اسڪولن جي انسپيڪشن ۽ سپروائزنگ ان لاءِ نه ڪئي ويندي آهي ته اتي ڪم ڪندڙ استادن ۽ اسڪول جي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي جانچجي، استادن ۽ هيڊ ماسٽرن جي همٿ وڌائجي، کين تعليمي عمل ۾ مدد مهيا ڪجي ۽ اهڙي نموني سندن ڪارڪردگي وڌائجي پر اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته اهي وزٽ محض بهانو هوندا آهن، انهن دؤرن دؤران استادن ۽ هيڊ ماسٽرن جي غلطين، خامين کي هٿ ڪري کين بليڪ ميل ڪرڻ جو عمل سرانجام ڏنوويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ايماندار ماڻهون سندن اڏيل اهڙين ڪوڙڪين ۾ ڦاسڻ کان انڪار ڪندو آهي ته کيس بدلي ڪري سندس ڪيل ” ڏوهه “ جي سزا ڏني ويندي آهي. پني عاقل ۾ مردن جي گروپ ۾ هڪ سپروائيزر هيو جنهن جي آئيڊيل آفيسر هڪ اهڙي ميڊم عملدار هئي، جيڪا پٽيوالي کان وٺي پروفيسرن سان وڙهڻ، ڦڏا ڪرڻ جي ماهر ليکي ويندي هئي. ان جو قصو بيان ڪندي ٻڌايائين ته ” سائين ڇا ڳالهه ڪجي، هو جڏهن به هن پاسي وزٽ تي ايندي هئي ته  هن غريب ( وٽس ) وٽ ايندي هئي. هڪ دفعي ذري گھٽ هندستان جي سرحدن جي ويجهو هڪ اهڙي هيڊ ماسٽر کي ڳولهي هٿ ڪيائين جنهن هڪ ڌڪ سان اسڪول جي فنڊ مان ٻه لک ڪڍرائي کپائي ڇڏيا هئا ! “ مون جڏهن کانئس  ورائي سوال پڇيو هو ته ڀلا ڏي خبر پوءِ ان هيڊ ماسٽر جي نوڪري ختم ٿي، کيس ڪا سزا ملي؟ ان سوال جو ته وٽس جواب ئي نه هيو!!!

پرائمري اسڪولن جي وزٽ لاءِ عملدار اوچتو اچي ڪڙڪندا آهن ۽ ان کي ڇاپي جو نالو ڏيندا آهن. اسڪولن ۾ ڇاپا؟!  ڇاپا ته ايس ايڇ او ۽ صوبيدار هڻندا آهن، استادن تي ڇاپن مان ته اهو تاثر ٿو ملي جهڙوڪر اهي وڏا ڏوهي هجن. جي اسڪول جي ڪم جي نگراني يا مشاهدو ڪرڻو مقصود هجي ته اهو ڪم محض هڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ ڪيئن ٿو ڪري سگھجي، ان ڪم لاءِ ته هڪ هڪ پورو ڏينهن هڪ هڪ اسڪول کي ڏجي، اتي ترسجي، استادن سان گڏ شاگردن سان ملجي، سندن قابليت جو ڪاٿو ائين لڳائي سگھجي ٿو. گھڻن هيڊ ماسٽرن اها به شڪايت ڪئي ته وزٽ کان پوءِ اهي عملدار کانئن گاڏيءَ جي  تيل لاءِ پئسن جو مطالبو ڪندا آهن. پرائمري سطح تي سپروائيزري ڪم ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت آهي. سپروائيزر ايماندار ، تعليم سان والهانه عقيدت رکندڙ اهڙا استاد مقرر ڪجن جيڪي پنهنجي ڪم جا انتهائي ماهر  ۽ جاڻو به هجن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نيڪ سيرت ۽ مثبت سوچ رکندڙ ايماندار استادن جي همٿ افزائيءَ ڪجي، کين شابس سان گڏ سندن ڪم ۾ مدد ڪجي، همٿائجي، سٺن استادن جا قصا سڀني کي ٻڌائجن، انهن کي تمغا ڏجن، سندن نالي سندون جاري ڪجن ته پوءِ ئي پيڙهه جي پٿر وارو درجو رکندڙ پرائمري تعليم جو معيار بلند ٿي سگھي ٿو.





No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو