Wednesday, November 14, 2012

سنڌ جي ادبي دنيا جا خدا!

سنڌ جي ادبي دنيا جا خدا!

ڪالهه هڪ پروفيسردوست پاران فيس بوڪ تي ونڊيل سندس شاعريءَ تي ڳالهه ٻولهه پئي هلي. اهو منهنجو دوست ان معاملي ۾ لڪل لعل نڪتو. ايامن کان شاعريءَ جي ديوي مٿس مهربان ڪونه ٿي هئي پر اوچتو مٿس الهام ٿيڻ لڳو ته چار چڱا شعر لکي ورتائين. مون به حال سارو سندس اهڙي تخليق تي پنهنجي ننڍڙي عقل ۽ فهم ۽ علم مطابق تبصرو ڪيو هو. اسان جي ان شاعر کي شڪايت هئي ته اڃا تائين سندس شاعريءَ تي سندس شهر جي وڏن شاعرن پاران ڪوبه تبصرو ناهي آيو. مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تون زمين جي ڌوڙ مان نڪتل ۽ هڪ گمنام شاعر آهين، تنهنجو شاعريءَ جي دنيا ۾ ڪو ڌاڪو ويهاريل به ڪونهي، سو تون ڪيئن ٿو اهڙا اڻ ٿيڻا خواب ڏسين. مان پنهنجي حياتي ۾ انهن مڃيل مڃايل، اعلى درجي جي شاعرن ۽ اديبن ۽ دانشورن پاران ڪنهن چڱي ڀلي شاعر جي شاعري تي ڪو تبصرو ناهي پڙهيو،  ته تون وري ڪهڙي باغ جي موري آهين. اسان جا اهي عظيم شاعر ۽ اديب ان ڪري ئي ته آهن جو ماڻهون سندن تخليقن تي تبصرا ڪندا آهن، آرٽيڪل لکندا آهن. سندن شاعري جي تهن تائين پهچي ان ۾ لڪل موتين جي مالها کي ڳولهي تحقيق ڪندا آهن. اهي ڪڏهن ڀلجي ڪري به ڪنهن نئين ٽهي جي يا ٻئي ڪنهن ايري غيري جي شاعري يا تخليق تي ناهن ڳالهائيندا. پر جيڪڏهن مجبوري تحت ڪجھ ڳالهائڻو به پوندو اٿن ته سندن ڳالهه جو لبي لباب اهو هوندو آهي ته ”اهو فلاڻو اديب ان ڪري عظيم هو ڇوته اهو سندن يار هو دوست هو يا پيالي ڀائي هو. جيڪڏهن هو سندن صحبت ۾ نه هجي ها ته کيس ڪو سڃاڻي به نه ها!!!  اهي صرف اهڙن محفلن ۾ ويندا آهن جن ۾ هو ياته صدارتي ڪرسيءَ تي ويهاريا ويندا آهن يا مهمان خاص هوندا آهن. اعزازي مهمان طور تي به لاچار ڪڏهن ڪڏهن مجبوري ڪري ويهڻ جو جوکم کڻندا آهن. سڄي سنڌ ته سنڌ پر هند جي اديبن کي به خبر آهي ته اسان جي سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪي عظيم شاعر، اديب، دانشور به آهن ته اهي ئي آهن. ان ڪري ئي ته جڏهن هندستان يا دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سنڌي اديبن، دانشورن جي ڪا گڏجاڻي ٿيندي آهي ته انهن چند ماڻهن کي ئي دعوتون ملنديون آهن. جواب ۾ جڏهن ڪو ٻاهريون ڏاهو هت ايندو آهي ته اسان جا هي ڏاها ان کي ڪُتِ اديبڙن کان لڪائي رکندا آهن يا کين ڪن مخصوص ماڻهن سان ملائيندا آهن.


ان کان سواءِ به ڪجهه ڳالهيون منهنجي نڙگھٽ ۾ ڦاسي پيون آهن. مون جهڙي منڪر کي الائي ڇو اهو بي ڪار قسم جو خيال اندر ۾ اچي پيدا ٿيو آهي ته اهڙن ا ديبن جي سموري شاعري ۽ نثر مان الائي ته ڪجھ حاصل به ٿئي ٿو يانه...؟؟!!!آخر هي ڪهڙي ڳالهه ڪرڻ ٿا گھرن، سندن لکڻين جو آخرڪار ڪهڙو ڪارج آهي. منهنجا ڪجھ دوست آهن جيڪي فيس بوڪ تي دل جون ڳالهيون لکندا آهن. انهن ۾ شڪارپوري مٽيءَ مان ڳوهيل حسام ميمڻ ۽ خيرپوري خمير مان اسري آيل امر فياض ٻرڙو جا ٻه نالا مثال طور تي لکان ٿو. مون کي سندن لکڻين ۾ برسات بعد مهڪيل مٽيءَ جي سڳند ته ايندي ئي آهي پر ان کان به وڌيڪ لطيف، سچل، يوناني فلسفو، صوفيت، ماديت، روحانيت، سنڌ دوستيءَ جا جيڪي سبق مون کي انهن جي گمنام لکڻين مان ملندا آهن اهي اسان جي عظيم اديبن جي ڪتابن ۾ ناپيد آهن.  ڪاش ته اسان جا اهي ادب جي دنيا جا خدا سندس ڳالهين جي اثر پذيريءَ تي ئي غور ڪن ته کين خبر پئجي ئي ويندي ته ڪيتري ويهين مان سؤ جڙندو آهي.


 مون کي ڪنهن اهڙي اديب، دانشور، ڏاهي جو نالو گھرجي جيڪو سنڌ جي آسمان تي جڳمائيندڙ عظيم تاري کان ٿورڙو مٿي هجي ۽ اسان وڏي فّخر سان سندس ڪم کي بين الاقوامي سطح تي دنيا جي وڏن ناليوارن اديبن جي آڏو پيش ڪري سگھون؟ مان اعتراف ٿو ڪريان ته مان پاڻ به ڪو وڏو پاڙهو ناهيان جنهن دنيا جي عظيم ادب جي ڪتابن جي ورق گرداني ڪئي هجي. ها البت مون کي دنيا جي عظيم دانشورن پاران پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڪيل ڪم جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي. مون کي خبر آهي ته اهي عظيم ڪو هڪ اڌ ڪتاب لکي ڪونهن ٿيا پر انهن پنهنجيون پوريون حياتيون پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ وقف ڪري ڇڏيون هيون. ان کان پوءِ ئي کين مڃتا ملي هئي. پر اسان جي سنڌ جا اديب ته ڪنهن ورڪشاپ يا سيمينارلاءِ لکيل  مقالن جي ڪتاب کي ڪن ادارن پاران ڇپرائڻ ۽ انهن کي سهيڙڻ واري ڪم کي پنهنجي ذاتي تحقيق ۽ تخليق چوڻ کان ناهين ڪيٻائيندا!!!


 اسان جا سمورا اديب پنهنجي ليکي سنڌ دوست آهن. اهي شاعري توڙي نثر ۾سنڌ تان هزارين جانيون قربان ڪندڙڏٺا ويا آهن،  پر جڏهن ماحول ۾ ڪجھ تپش ايندي آهي ته اهي سياڻا اديب پنهنجا هٿ ڪوٽ جي کيسن ۾ وجھي ڇڏيندا آهن، جت سندن آڱريون جڏهن ڪڙڪيدار نوٽن کي ڇهنديون آهن ته سندن انگ انگ خوشيءَ ۾ جھومڻ لڳندو آهي.


 ها البت کين ميڊيا ۾ رهڻ جو تمام سٺو سليقو ايندو آهي. جڏهن علي قاضي صاحب کي اهو الهام ٿيو هيو ته هو سنڌ جو عظيم ڏاهو ۽ اڳواڻ آهي ۽ ان سنڌ جي شهرن جا دؤرا ڪيا هيا ته اسان جا اهڙا اديب سندس ڪنهن به محفل مان غير حاضر رهي سنڌ دشمني ڪونه ڪندا هيا. هنن سنڌ جي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ پنهنجا گروپ جوڙي رکيا آهن ۽ وقت اچڻ تي هڪ ٻئي جي شان ۾ شاندار قصيدا گوئي ڪندا آهن.   پر الائي ڇو منهنجي ان دوست کي اها ڳالهه سمجھ ۾ ڇو ڪونه پئي آئي ۽ مجبور ٿي ڪري مون کي هي چند وضاحتي سٽون لکڻيون پيون آهن ته خدا جي واسطي سنڌ جي ادب جي آسمان تي رهندڙ خدائن جي خانقائن ڏانهن ڏسڻ بدران اسان جهڙن معمولي ماڻهن جي ڪيل تبصرن تي ئي گذارو ڪري.

6 comments:

  1. Contains truth

    ReplyDelete
  2. Thanks Sir Zubair Mangrio Sahib...

    ReplyDelete
  3. سائين هي جيڪا ٽيڪنالوجي آهي اها انهن عظيم دانشورن لاءِ وڏو مٿي جو سور بڻجي وئي آهي. اڳي ويچارا چار پئسا خرچ ڪري پنهنجا ڪتاب پنهنجن ئي دوستن ۾ ورهائي اديب بڻجي ويندا هئا پر هاڻي هر ڪنهن جو بلاگ ۽ فيس بوڪ اڪائونٽ مفت ۾ لڳو پيو اٿن مٿي ۾ هاڻي جنهن کي به جيڪو به پڙهڻ چاهي پڙهي سگهي ٿو.

    ReplyDelete
  4. سائين احمدعلي مان ته ان ڳالهه جو قائل آهيان ته اهي به هي وسيلا قطب آڻين ته جيئن وڌ کان وڌ سنڌي ادب انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اچي وڃي، پر ڏسون سهي ڪيترا وڏا ناليوارا اديب ۽ دانشور بلاگنگ ڪن ٿا ۽ فيس بوڪ کي ساڳي ادبي، سماجي، ۽ علمي مقصدن لاءِ قطب ٿا آڻين. بس ڏئي وٺي سنڌي ماڻهن جو زور فيس بوڪ تي پنهنجن ڦوٽوئن جي اپ لوڊ ڪرڻ تي آهي، ڄڻ ته سنڌ جا ماڻهون کين نه ڏسندا ته کين نيرن ئي ڪونه وڻندي. سنڌ کي بچائڻ جو هڪ مورچو ٻوليءَ جي بقا ۾ پڻ آهي. جيئن ته اهي وڏا دعويدار آهن ته انهن کي ان معاملي ۾ سڀني جي اڳواڻي ڪرڻ گھرجي. پر هت انرنيٽ، فيس بوڪ تي جن دوستن ڪوششون وٺي سنڌي ٻوليءَ کي عام ڪيو آهي ان ۾ هنن يارن جو ڪيترو ڪنٽريبيوشن آهي. اسان ايمرجنسي واري ماحول ۾ رهونٿا ان ڪري ڪم جي رفتار به ان حسساٻ سان وڌائڻي پوندي...

    ReplyDelete
  5. Dear Amir Gul, First of all let me complement you on writing such a wonderful article on burning issue of Sindhi literary culture, the article is based on reality and attitude of so called great sindhi poets which is ignorant and hateful towards novice sindhi writers. Your writing style very spicy and blunt that is indigestible for all those so called great sindhi poets.

    ReplyDelete
  6. Sir Assadullah Mangi Sahib you are heartly wellcome on my Ootaq and I am very much happy to read your encouraging and kind words. Actually alone I am nothing I need help, support and guidance from people like you like saen Ahmed Ali Mangrio Sahib, Zubair Saen and others to bring change...and I believ we can initiate the change...so thanks again...

    ReplyDelete