Thursday, December 13, 2012

آغا خان ڪميونٽي هڪ جائزو




عيسوي سن اوڻويهه سؤ ڇاهتر ۾ مون سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي هئي. سائنس جي پڙهائي ۾ ته ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگھيو هوم جو منهنجي سنگت وري شهر ۽ ڪاليج جي لوفر قسم جي ڇوڪرن سان هئي. ان ڪني ماحول جي هڪ جھيڙي ته منهنجو سِر کنيو هُيو. بس پِيِر زور هيا ۽ ابي امڙ جي ڪا دعا اگھاميل هئي جان بچي ويئي هئي. انوقت بابا سائين مون کي،  ان ماڻهون مار ماحول کان بچائڻ لاءِ ٽي سؤ روپيه ڏيئي ڪراچي پنهنجي هڪ عزيز ڏانهن اماڻيو هيو،  جنهن کيس منهنجي نوڪريءَ جو آسرو ڏنو هيو.  انوقت منهنجي تعليم محض ميٽرڪ هئي  باوجود ڪيترن مهينن جي رولهڙن جي نوڪري  ته ملي نه سگھي هئي پر تين هٽي پرسان جهانگير ڪواٽرس ۾ جن دوستن سان رهڻ جو موقعو مليو هيو اهي پنهنجي وقت جا سون نه پر پارس هيا. انهن جي صحبت ۾ رهندي  ۽ انهن جي علمي، ادبي، سياسي ڪچهرين ۽ تربيت ڪري ئي مان ان قابل ٿي سگھيو هوس ته پنهنجي دماغ ۾ ڀريل سموري فتور کي ڪڍي سگھان.

ماما صوبل خان ڪٽوهر، سائين عبدالرحمان ”نقاش“، سائين غلام مصطفى لاکو، سائين عبدالرؤف نظاماڻي، سوز سمون، آزاد بلوچ سان گڏ  منهنجن انهن استادن ۾ آغا خان ڪميونٽي جو سائين قمر جماڻي صاحب جن به هيا. (الله سائين کين وڏي ڄمار ڏي، تازوئي سندن ديدار محترم اسماعيل راهوءَ جي ڪتاب ”جيل جا ڏينهن جيل جون راتيون واري مهورتي پروگرام ۾ ٿيو هيو).  قمر جماڻي جيڪو پيرن جي ننهن کان وٺي مٿي جي وارن تائين پيار ئي پيار، پنهنجائپ، شفقت، دلبرائي جهڙن موتين سان مالا مال آهن.  پر مون کي آغا خاني عرف عام اسماعيلي شيعه ڪميونٽي کي تمام ويجھو ڏسڻ جو موقعو تڏهن مليو جڏهن مون آغاخان يونيورسٽي جي انسٽيٽوٽ فار ايجوڪيشنل ڊويلپمنٽ ۾ ايم ايڊ ڪرڻ لاءِ 2009ع ۾ داخلا ورتي هئي. جتي منهنجا ڪلاس فيلوز، منهنجا استاد ۽ يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ آغا خان ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ هيا. مون کي ساڻن رلي ملي هڪ ٿيڻ ۾ ڪابه تڪليف يا دشواري ان ڪري به نه آئي هئي ڇوته مون کي پنهنجن استادن پاران مليل تعليم ئي اها هئي ته ”سڀ نظريا (بشمول مذهبي) انسانن لاءِ آهن پر انسان نظرين لاءِ ناهي جڙيو. انسان کي ڏسڻ لاءِ ڪنهن به عينڪ چاڙهڻ بدران سندس روين کي ڏسڻ گھرجي. ان ڪري مان انسانن کي ڪنهن خاص مذهبي يا فرقي جي اک سان ڏسڻ بدران هڪ انسان جي اک سان ڏسندو آهيان.  بلوچستان سان تعلق رکندڙ منهنجو ڪلاس فيلو ۽ تمام دلبر دوست شاهد خير (بلوچ) جن به هيا. جنهن جا وڏڙا ته کڻي آغا خاني هوندا پر هي نج پج اٿئيسٽ هيو. مون ڏٺو ته ان کي ڪنهن سان به نفرت يا محبت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به مذهب جي ڪابه ضرورت نه هوندي هئي. هو ڳالهين ۾ ابهام پيدا ڪرڻ بدران سڌي سنئين ڳالهه ڪرڻ جو قائل هيو. کيس مظلوم انسانن يا پنهنجي بلوچ قوم سان عشق ان ڪري نه هيو ته اهو ڪنهن مذهبي ڪتاب ۾ لکيل هيو،  پر هو انهن ڳالهين تي ان ڪري عمل ڪندو هيو ڇوته هو هڪ انسان دوست ۽ پنهنجي بلوچ قوم سان پيار ڪندڙ هيو. شاهد جا اها رويا مون کي به وڻندا هيا ۽ نتيجو اهوهيوته اسان ٻئي هڪ ٻئي جا سٺا دوست هياسين ۽ اڄ به آهيون.  ان کان سواءِ ڪجھ سنڌي دوستن، هڪ اڌ پٺاڻن کي ڇڏي سمورا اسان جا ڪلاس فيلوز آغاخاني هيا. مون ڏٺو ته هو پنهنجي روين ۾ متوازن، کليل دل ۽ دماغ وارا، روشن خيال، ڪميونٽي ۽ انسانيت  جي خدمت جو جذبو رکندڙ، محنتي، پنهنجي ڪم سان سچا هئا. آغا خاني ڪميونٽي مذهبي طرح پنهنجي فرقي سان والهانه عقيدت رکندڙ پر ٻين فرقن سان ڪوبه ساڙ پالي نه رکندڙ نظر آيا. ائين به ناهي ته هت مان جيڪي ڪجھ سندن لاءِ لکان ٿو اهو سؤ سيڪڙو صحيح ۽ متوازن هجي. ٿي سگھي ٿو ته معاملا ان جي ابتڙ به هجن پر مون کي بظاهر جيڪي ڪجھ نظر آيو ان کي قلم بند ٿو ڪريان. ڪراچي ۾ رهندڙ آغاخاني ڪميونٽي سياسي سرگرمين کان پاسيري نظر آئي. اهڙي پاليسي رکڻ جي کين ڇو ضرورت پيش آئي اها خبر ته کين ئي هوندي  پر مون مشاهدو ڪيو ته سندن رجسٽر ووٽن کي وري به ڪراچيءَ تي قبضا گير گروپ ناجائز نموني پنهنجي حق ۾ استعمال ڪندي رهي آهي. جڏهن ته ساڻن سياسي ڪچهرين ۾ مون کي اهو معلوم ٿيو ته اهي ڪراچي تي قبضاگير گروپ جي ٽڪو به حق ۾ ناهن.  سياست جي ميدان کان ٻاهر رهندڙ هن ڪميونٽيءَ ۾ اها جرئت به ناهي ته هو ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان مهاڏو اٽڪائي سگھن. سندن سمورو ڌيان صحت کاتي ۽ تعليم تي مرڪوز آهي.  آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي جهڙو ادارو هن ڪميونٽيءَ  جو هڪ اهڙو شاندار تحفو آهي جيڪو اسان سنڌ ۽ پاڪستان وارن لاءِ پوريءَ دنيا اندر ڪنڌ کڻي هلڻ جو جواز ٿو پيدا ڪري ڏئي.  اها هڪ اهڙي يونيورسٽي آهي جتي داخلائن کان وٺي نوڪرين لاءِ بس ميرٽ ئي پاليسي آهي.  ميرٽ تي وهنوار هلائڻ جا جيڪي انيڪ فائدا آهن اهي اتي ڏسي ۽ پسي سگھجن ٿا. اسان جا سمورا پير، مير، جاگيردار، وڏيرا، وزير، سرمائيدا، ڊنگ ڪاموارا گھڻو تڻو اتان ئي علاج ڪرائيندا آهن. پر کين ڪڏهن ڀلجي ڪري به اهو خيال ذهن ۾ ناهي آيو ته هوبه ڪو اهڙوادارو قائم ڪن يا ڪرائين جت صحت ۽ تعليم جون سهولتون بين الاقوامي معيار واريون هجن ۽ سمورو وهنوار ميرٽ تي هلي. ٺيڪ آهي اهو ڪم کانئن چڙهيل آهي پر هو سنڌ جي ٻين ادارن مان رڳو سياسي مداخلت بند ڪرائي ميرٽ کي ئي لاڳو ڪرائين ته سنڌ جيڪر تبديل ٿي وڃي.
آغا خان ڪميونٽيءَ جو ٻيو اهم ڪارنامو معياري تعليم کي عام ڪرڻ آهي. آغا خان ايڊيوڪيشنل سسٽم، آغا خان ڊيولپمنٽ نيٽورڪ سندن ڪميونٽي کي عزت ۽ وقار سان زندگي گذارڻ جا سوين گس کولي ڏنا آهن. خاص ڪري هزآئينس جي هدايتن تي سندن جوڙيل ادارا عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيئي رهيا آهن. سچ چوندا آهن ته هڪ مرد کي پڙهائڻ معنى هڪ فرد کي پڙهائڻ هوندو آهي پر هڪ عورت کي پڙهائڻ معنى پوري خاندان ۽ قوم کي تعليم يافته بڻائڻ جي برابر آهي. اسان سان آغا خان ڪميونٽي سان واسطيدار فيميلز به پڙهنديو هيون جن مان ڪجھ ته ڪراچي ۾ رهندڙ هيون پر ڪي وري گلگت، عطا آباد، سوات  سان گڏ انهن کان به پري جي علائقن جون رهائش پذير هيون. انهن ۾ نوجوان ڇوڪرين سان گڏ پنجن پنجن ٻارن واريون مائرون به هيون. تعليم ۽ خاص ڪري عورتن ۾ تعليم کي عام ڪرڻ ڪري آغا خان ڪميونٽي تيزيءَ سان ترقي جا مرحلا طئي ڪندي پئي وڃي. هاڻي پاڪستان يا دنيا اندر ڪهڙو ادارو آهي جنهن ۾ هن تمام ننڍڙي تعداد واري ڪميونٽي جا ماڻهون موجود نه هجن. ڪاش ته اسان جا پير ۽ گادي نشين کانئن ڪجھ سکن. آغا خان جڏهن پنهنجي ڪميونٽي ۽ خاص ڪري عورتن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته اها محض هدايت يا نصيحت نه هئي پر ان لاءِ هن واسطيدار  ماهرن کان رٿا جوڙائي اها لاڳو ڪرائي هئي.   
مان پنهنجي استادن ميڊم زبيدهه بانا، ميڊم رانا حسين، ڊاڪٽر جان عالم خاڪي، ڊاڪٽر الڪريم داتو، ڊاڪٽر عائشه بشير،  ڊاڪٽر ميڊم دلشاد اشرف، ڊاڪٽر ميڊم سعديه ڀٽه، ڊاڪٽر تڪبير علي، ڊاڪٽر نيلوفر وزير، ڊاڪٽر مهر رضوي کي ڪيئن ٿو وساري سگھان جن جي محبت، محنت ۽ رهنمائي ڪري مان ان قابل بڻجي سگھيس ته تحقيق تي مشتمل ايم ايڊ جهڙي اوکي ڊگري حاصل ڪري سگھان. ان سلسلي ۾ مان اداري جي ڊاريڪٽر سائين ڊاڪٽر محمد ميمڻ ۽ ٻئي عملي جو شڪر گذار به آهيان ته انهن هر مرحلي تي نه رڳو مون کي همت ڏياري پر منهنجي الاهي ذاتي ڏکيائين کي حل ڪري ڏيارڻ ۾ پڻ منهنجي وڌي چڙهي مدد ڪئي هئي.  حالانڪه مان پورا ڇهه سال اوڻويهه سؤ ايڪياسي کان وٺي اوڻويهه سؤ ڇهاسي تائين سنڌ يونيورسٽي جي تڏهوڪي شاهه عبدالطيف ڪيمپس ۾ پنهنجي بي ڪام ۽ ايم ڪام جي ڊگري لاءِ پڙهيو هوم پر  مون کي آغا خان يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشنل ڊيولپمنٽ ۾ داخلا بعد وڃي خبر پئي ته يونيورسٽي جي تعليم ڇا ٿيندي آهي. يونيورسٽيون ڪهڙي نموني پنهنجي شاگردن کي انگيج ڪنديون آهن. اسان کي ان وقت ٻيو ته ڪو هوش ئي نه هوندو هيو سواءِ ان جي ته مليل اسائنمنٽس کي وقت سر پورو ڪيون.  اسان پورا ٻه سال راتين جا جاڳي،  ڏينهن جو ڪلاس اٽينڊ ڪري اها ڊگري حاصل ڪئي. ان ڊگري جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته جرمن اداري لمبرٽ اسان جي تحقيقي ڪم کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪري ڇڏيو آهي ۽ منهنجي ان ڪتاب جي قيمت پاڪستاني روپين ۾ ساڍا پنج هزار کن بيهي ٿي. پر افسوس ته اسان جي پنهنجن ادارن ۾ اسان جي ان ڪيل علمي، تحقيقي ڪم جي اهميت ڪنهن ڪاغذ جي ٽڪڙي جيتري به ناهي. حالانڪه اسان جي تعليم تي جيڪي لکين روپيه خرچ ٿيا اهي حڪومت سنڌ پاران ڪن ادارن سان ڪيل معاهدين تحت ادا ڪيا ويا هيا. ان نموني حڪومت سنڌ ۽ خاص ڪري سنڌ جي تعليم کاتي کي بين الاقوامي معيار مطابق حاصل ڪيل ڊگري يافته استادن کي سنڌ جي لاڳاپيل تعليمي پروجيڪٽس ۾ انگيج ڪرڻ گھربو هيو ته جيئن انهن جي علم ۽ هنر کان فائدو وٺي سگھجي ها، پر افسوس ته اڄ ڏينهن تائين اسان کان اهو به ناهي پڇيوويو آهي ته آخر ڪار اوهان ڪهڙي تحقيق ڪئي آهي. اوهان جي تحقيق جا ڪارائتا پاسا ڪهڙا آهن، ان مان اسان جا تعليمي ادارا ڪهڙي نموني فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا.  پر وري به شابس آهي اي ڪي يو_ آئي اي  ڊي  کي جيڪي اتان پڙهي نڪتل پنهنجي شاگردن  کان ماڻهون موڪلي باقاعدي رپورٽون وٺن پيا ته سندن تعليم ۽ تربيت کي ڪهڙي نموني معاشري يا پنهنجي تعليمي ادارن ي ۾ لاڳو ڪري رهيا آهن.
 آخر ۾ مان ايترو سو ضرور چوندس ڪوبه ماڻهون ساڻن مذهبي طور تي ته اختلاف رکي سگھي ٿو پر سندن انسانيت لاءِ ڪيل خذمتن کان انڪار نه ٿو ڪري سگھي.  مان آغا خان ڪميونٽيءَ جو تمام گھڻو ٿورائتو آهيان جن نه رڳو مون کي بين الاقوامي سطح جي تعليم سان مالا مال ڪيو پر انهن جي سهڻي سڀاءُ به مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ان اداري ۾ پڙهڻ دؤران مون کي سندن ڪميونٽي جا ڪيئي مڻيادار دوست ملي ويا آهن جن سان دلي دوستي جا ڪيئي پيچ اڙيل آهن.   

2 comments:

  1. تمام سٺو ۽ معلوماتي ليک آهي. منهنجو آغا ّخان هاسپيٽل ۾ ڪجه وقت اڳ اچڻ وڃڻ ٿيو هيو ۽ توهان جا خيال ۽ منهنجي راءِ به ساڳي آهي.

    ReplyDelete
  2. سائين احمدعلي اوهان جا لک لائق...شل شاد آباد رهو...

    ReplyDelete