Wednesday, January 2, 2013

ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهڙي؟؟؟؟؟

هي نئون 2013 جو سال به اسان سنڌ واسين لاءِ ڪو سٺو پيغام کڻي ڪونه آيو آهي. گذريل سال ته نسورو سورن جو سال هيو. ڊسمبر 25، 2012 جي ڏينهن تائين بقول ورلڊ هيلٿ آرگينائيزيشن http://www.thenews.com.pk/Todays-News-4-151893-Measles-killed-240-children-in-Sindh-in-2012 جي ته 240 سنڌ جا ٻار ۽ ٻارڙيون ارڙي وگھي اجل جو شڪار ٿي چڪيون هيون. ان انگ ۾ روز افروز اضافو ٿيندو پيو وڃي. پر اختيار ڌڻين جي ڪنن تائين ڪا جونءَ به ڪانه پئي چري. مون کي هڪ ٽي وي چينل تي هڪ ذميوار نوجوان سنڌي ڊاڪٽر جي چيل ڳالهه تي تمام گھڻو صدمو رسيو ته ٻار جيڪي ارڙي وگھي اجل جو شڪار ٿيا آهن اهي سندس حد ۾ نه پيا اچن...الله اڪبر منهنجي دماغ جي پردي تي نسيم احمد کرل جي ڪهاڻي چوٽيهون در واري فلم هلڻ لڳي..‘!!. اڄ منهنجي دل رت ٿي روئي ته اسين ڪيڏا نه لاوارث ۽ نڌڪڻا ٿي موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهيون. ذميوار ادارا گڏه جي مٿي تي سڱن وانگي گم آهن، سنڌ لاءِ صحت جي نامزد وزير جون حدون ڪراچي جي ٽول پلازا کان اڳتي آهن، سنڌ جو وڏو وزير، ملڪ جي صدر صاحب ۽ پارٽي جي نئين چونڊيل نوجوان چئرمين جي خوشامند کان واندو ڪونه پيو ٿئي. سنڌ جي باقي وزيرن کي قيمتي گاڏين تان هيٺ لهي اکين تان انڌ جا ڪارا چشما هٽائي غريبن جي ڏکڻ ڏاکڙن کي ڏسڻ گوارا ناهي، اپوزيشن ليڊران حڪومت تي ڦٽ لعنت ڪرڻ مان واندا ڪونهن، قومپرست ۽ ترقي پسند سياست ڪرڻ وارن جي ته اها روائت ئي ناهي ته اهي عوام جي انتهائي ڏکين حالتن ۾ وڃي ساڻن ڀيرو ڪن، مذهبي جماعتون طالبان جي پاران دهشت گرديءَ کي جائز قرار ڏيارڻ ۾ ته سندن مددگار آهن ته انهن کي هن نموني مرندڙ ٻارڙن جو ڏک وري ڪهڙو ٿيندو، اين جي اوز وارا تيستائين ايڪشن ڪيئن کڻن جيستائين کين ڪو پراجيڪٽ نه ٿو ملي، سنڌ جي نام نهاد سول سوسائٽي به ستل ٿي لڳي.....ها سڀني گڏجي غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي مرڻ جي آزادي ڏيئي ڇڏي آهي. جُه سي لوڙائو ٿيا جنين سندي ڌِير، ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي. .

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو