Tuesday, January 8, 2013

سڀ سانگ سجايو آ پيارا

2004 کان وٺي 2006ع تائين اسان USAID جي مدد سان ESRA پراجيڪٽ جي UEI ڪنسورشيم جي بينر هيٺ سکر ۾ گورنمنٽ پرائمري اسڪولس جي هيڊ ٽيچرس ۽ ايڊمن اسٽاف جي سکيا لاءِ ماسٽر ٽرينر هيٺ ڪم ڪيو هيو. ان سلسلي ۾ مان سکر سٽي، باگڙجي، ڪنڌرا، پنوعاقل، ٺڪراٺو ۾ ٽريننگون ڪرايون هيون. منهنجي زندگيءَ جو اهو هڪ انوکو تجربو هيو. اسان وٽ سکيا حاصل ڪندڙن ۾ نوجوان توڙي رٽائرمنٽ کي ويجھو پهتل استاد/استادياڻيون (هيڊ ٽيچرس) شامل هيون. اسان جي ٽريننگ جي هڪ خصوصيت اها به هئي ته هڪ ڏينهن اڳ ڪيل سموري ڪارگذاريءَ تي سکيا وٺندڙن کان رفليڪشن وٺندا هياسين. اسان جي ڪوشش اها هوندي هئي ته هر سکيا حاصل ڪندڙ ڪجھ نه ڪجھ لکي کڻي اچي. انهن مان اڪثريت جي رفليڪشن بس روائتي هوندي هئي، جن ۾ ڪيل ڪم جي رپيٽيشن هوندي هئي. جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي سکيا حاصل ڪندڙ استاد ڏاڍيون ڪارائتيون، سوچ ۽ سمجھ واري عمل کي هٿي ڏيندڙ شيون/خيال به لکي کڻي ايندا هيا. اسان کي سندن انهن رفليڪشنس مان خبر پوندي هئي ته ڪنهن ڪنهن ڪيتري ڪيتري ڳالهه سمجھي آهي. ڪيترا استاد پنهنجي رفليڪشن شاعريءَ ۾ به پيش ڪندا هيا، جڏهن ته خاص ڪري فيميل هيڊ ٽيچرس وري پني تي وڏي محنت ۽ ڪاريگريءَ سان چٽساليون ڪري کڻي اينديون هيون. مون استادن جون اهڙيون ڪيئي يادگيريون اڃا تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکيون آهن. مان اڳ ئي سندن اهڙن رفليڪشنس تي ٽي عدد آرٽيڪلس لکي چڪو آهيان جيڪي مختلف تاريخن تي مختلف سنڌي اخبارن ۾ پڻ شايع ٿي چڪا آهن. اڄ استادن جي اهڙين رفليڪشنس مان هڪ هتي شيعر ڪرڻ ٿو چاهيان. اهو 27 سيپٽمبر 2005 جو ڏينهن هيو ته ڪنڌرا سينٽر تي استاد ارباب علي ڪٽبر منهنجي ذات متعلق هڪ رفليڪشن لکي کڻي آيو هيو. حقيقت ۾ اها رفليڪشن نه هئي مون لاءِ منهنجي زندگيءَ جو هڪ بهترين ايوارڊ هيو جيڪو منهنجي دوست مون کي ڏنو هيو. مان سندس ان تحفي کي ڪيئن پئي وڃائي سگھيس. سو ان کي پنهنجي نوٽ بوڪ تي اتاري ڇڏيو هوم. اڄ ستن سالن ۽ ساڍن ٽن مهينن جي وقت گذرڻ کان پوءِ جڏهن اها ڪاپي کولي پڙهيم ته مون کي اهي سڀ منظر ياد اچي ويا. اچو ته سڀ کان اول ان کي پڙهي ڏسون ته ان ۾ لکيل ڇا هيو؛ ”استاد صاحب هڪ قسم جو بادشاهه هوندو آهي، علم جو بادشاهه، جنهن کي اڻ ميو علم جو خزانو مليل هوندو آهي. هڪ ڏيهن مسٽر اميرگل صاحب هڪ خواب ڏٺو ته سندس علم جو خزانو کانئس کسيو پيو وڃي، جڏهن کيس جاڳ ٿي ته سوچيائين شايد اهو محض خواب هيو پر وري کيس خيال آيو ته اهو خواب نه پر حقيقت هئي. هو اهو خواب مسلسل ڏسندو رهيو، هو حيران رهڻ لڳو ۽ ان متعلق يارن دوستن، مٽن مائٽن کان به پڇندو رهيو. هڪ اهڙي ئي خواب ۾ علم جي خزاني ساڻس ڳالهايو ته تنهنجو امتحان ورتو ويندو جي تو ان جو صحيح جواب ڏنو ته مان يعني علم جو خزانو تو وٽ رهندس ٻي صورت ۾ اوهان علم جي خزاني کان محروم ٿي ويندا! استاد اميرگل سڀني مٽن مائٽن، يارن دوستن ۽ ٻين واقفڪارن کان ان متعلق پڇندو رهيو. جيترا منهن اوتريون ڳالهيون، ڪنهن کيس چيو ته اوهان کانئس ”جاگير“ جي گھُر ڪريو، ٻئي جي وري اها صلاح هئي ته کيس ”ڪارون ۽ بسون وٺڻ گھرجن“. هو انهن صلاحن کان مطمئين نه ٿيو. سوچيائين ته ڪنهن درويش، عالم يا ڏاهي سان صلاح ڪجي ته سندس ڪهڙي راءِ آهي. اهو خيال ڪري هڪ ڏينهن هڪ درويش ڏانهن روانو ٿيو. درويش کيس پريشان ڏسي مسڪرائيندو رهيو. نيٺ موقعو ڏسي مسٽر اميرگل صاحب کيس پنهنجي سڄي وارتا بيان ڪري ٻڌائي. پهريان درويش کيس ڪا راءِ ڏيڻ کان انڪاري هيو پر نيٺ کيس سندس هيڻي حال تي رحم آيو ۽ کيس صلاح ڏنائين ته ’ڪارون، بنگلا، جاگيرون، ملڪيت ظاهري طرح ته پرڪشش آهن پر اهي تنهنجي مسئلي جو حل نه آهن، وڃ ۽ علم جي خزاني کي چؤ ته توکي ’پيار، محبت، ٻڌي ۽ علم کپي‘. درويش جي اها ڳالهه کيس دل سان لڳي ۽ هو شانت ٿي ويو کيس پنهنجي سوال جو جواب ملي ويو هيو. نيٺ وري جڏهن ’علم جي خزاني‘ کيس خواب ۾ پڇيو ته هن کانئس اهي ئي شيون علم، ٻڌي، پيار ۽ محبت جي گھُر ڪئي. ان تي کيس خزاني مبارڪ باد ڏني ۽ وچن ڪيائين ته قيامت تائين مان تون سان گڏو گڏ رهندس“. مان سمجھان ٿو ته تمام خوبصورت ۽ اعلى خيال اسان جو استاد اسان کي ٻڌائي ويو هيو؛ ’ڪارون، بنگلا، جاگيرون، ملڪيت ظاهري طرح ته پرڪشش آهن پر اهي تنهنجي مسئلي جو حل نه آهن، وڃ ۽ علم جي خزاني کي چؤ ته توکي ’پيار، محبت، ٻڌي ۽ علم کپي‘. ڪاش اسان سنڌ وارا پنهنجي هن گمنام استاد جي فرياد کي ورنائي، ظاهري دولت جاگيرن، ڪارن، بنگلن ۽ ٻي ملڪيت تي وڙهڻ بدران علم واري پاسي ڏانهن موٽي اچون ته جيڪر ڪارن، بنگلن ۽ ٻي ملڪيت جو حصول ته اسان جي لاٰءِ ٻاراڻي راند بڻجي وڃي. شايد اهڙن محسن، بي ضرر ۽ سچن استادن جي دعائن جو اثر آهي ته اڄ جڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي ٿو نهاريان ته مون کي پنهنجي گذاريل زندگيءَ تي فخر ٿو محسوس ٿئي. تازوئي 2009 کان 2011ع دؤران آغا خان يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ان ايڊيوڪيشن (ايم ايڊ) جي حاصل ڪيل ڊگريءَ کي ان خواب جو تسلسل ئي ٿو سمجھان، نه ته ڪٿي خيرپور ضلعي جي گمنام ڳوٺ پنواڙي ۾ ملان علي گل جي گھر ۾ پيدا ٿيل ’ڪيٽو‘ جنهن کي سندس ماءُ وري ’گيدل‘ جي نالي سان سڏيندي هئي، اهو دنيا جي مڃيل يونيورسٽيءَ مان اعلى تعليم جي ڊگري حاصل ڪري!!!! بهرحال مون کي جتي به ۽ جڏهن به ڪنهن سکيا حاصل ڪرڻ يا وري ڪرائڻ جو موقعو مليو آهي ته اهڙين پنهنجين سرگرمين کي مون مڪمل نموني پنهنجي سکيا سان جوڙي ڇڏيو آهي. هر دفعي، هر جاءِ تي ڪي نه ڪي ڪارائتيون شيون سکڻ لاءِ ملي ئي وينديون آهن. منهنجي اهڙي روين ڪري مون کي ڪيئي مڻيادار دوست پڻ ملي ويا آهن، جن سان ملي ’زندگيءَ‘ سان ملڻ جو احساس ٿيندو آهي. هر سکيا واري پروگرام ۾ منهنجي ڪوشش اها هوندي آهي ته سکيا حاصل ڪندڙن جي جذبن کي جوان ڪريان، کين همٿايان ۽ کين پڙهڻ ۽ سکڻ جا ڪارائتا گُر سادي ۽ سلوڻي نموني سيکاريان ۽ مان پاڻ انهن کان سکان. مون ڪيئي ڪم جون ڳالهيون انهن تجربن مان پرايون آهن. مون سمجھي ڇڏيو آهي ته هڪ سٺو سکيا ڏيندڙ اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي ڪم جي اڳواٽ مڪمل تياري ڪري اچي، کيس حد درجي سهپ جو مادو هجي، هو ڪنهن جي به عزت نفس سان نه کيڏي، پنهنجا خيال سکيا حاصل ڪندڙن تي زبردستي نه مڙهي، سندن مذهبي، ذاتي، سياسي سوچن جو احترام ڪري ۽ جيڪڏهن کيس ڪا ڳالهه سمجھ ۾ نه اچي ته اجائي يخي هڻڻ بدران تسليم ڪري ته کيس ان ڳالهه متعلق يا ته ڪائي ڄاڻ ناهي يا اڌوري آهي. ان منجھيل سُٽ کي سلجھائڻ لاءِ ياته واسطيدار ڪتابن، آرٽيڪلس کي پڙهي پنهنجي ڄاڻ وڌائي يا پنهنجي ڪنهن ڪليگ، استاد کان مدد وٺي جيڪو ان معاملي ۾ ڄاڻندو هجي. سکيا دؤران دوستاڻو ماحول جوڙي رکي ۽ سکيا ڏيندڙ ۽ وٺندڙن وچ ۾ اعتماد ۽ ڀروسي واري ماحول کي يقيني بڻائي. سکيا لاءِ گھربل سمورن مليل سهولتن/وسيلن مان ڀرپور فائدو وٺي. سکيا واري عمل ۾ سڀني کي ساڻ وٺي هلندو هلي. ڪنهن مخصوص سکيا حاصل ڪندڙکي بي جا اهميت ڏيڻ جا تمام خطرناڪ نتيجا اچي سگھن ٿا. سکيا وٺندڙن سان سندس رابطي جو رشتو هيمشهه جڙيل رهڻ هئڻ گھرجي

4 comments:

  1. Dear & Respectable Sir Amir Gul Sahib, very nice experience n ideas u have shared in this article. I really appreciate ur efforts, n way of writing. n hope u will carry on these types activities in future as well. again bundle of thank s for such a great lesson learn t things. plz keep it up on regular basis as we can learn many things about our seniors experience, n as we can learn better from ur great observations.

    ReplyDelete
    Replies
    1. Thanks lot for your kind and encouraging words. Actually my friends like you are source of inspiration for me.....Insha Allah I will try my level best in future to provide my insights.

      Delete