Monday, June 24, 2013

ڪراچي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل


آغا خان يونيورسٽي_انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشن ڊويلپمنٽ ڪراچي ۾ ايم ايڊ ڪندي اسان ملير ڪراچي جي هڪ اهڙي اسڪول ۾ ويا هياسين جيڪو سنڌي ۽ بلوچ ايريا ۾ هيو. ان سنڌي ميڊيم اسڪول ۾ جيڪي ٻار داخل هيا اهي سڀ جا سڀ سنڌي ۽ بلوچ خاندانن سان واسطو رکندڙ هيا. پر حيرت جي ڳالهه اها هئي ته انهن ٻارڙن جي پڙهائي لاءِ جيڪا فيميل ٽيچر مقرر ڪيل هئي اها اردو ڳالهائيندڙ هئي. ان جي نوڪري جو آرڊر ۽ سندس مقرري انهن پاران ڪيل هئي جيڪي پنهنجي مرضي ۽ منشا کان سواءِ ڪراچيءَ ۾ جونءِ کي چرڻ جي اجازت به ناهن ڏيندا. اها ٽيچر سنڌي يا بلوچي زبان کان نه صرف نابلد هئي پر سندس تربيت ئي اهڙي ماحول ۾ ڪيل هئي جتي کين سنڌي ۽ بلوچ آبادين سان نفرت سيکاري ويئي هئي. هاڻي اهڙي استادياڻي هوندي جيڪا ٻارڙن جي ذهني نشونما ۽ سکيا ٿيندي هوندي ان جو اندازو اوهان پاڻ ڪري سگھو ٿا. ڪجھ سال اڳ ڪراچي جي ڪاليجن اندر سنڌي ليڪچررس جي مقرري ان شرط تي ڪئي ويئي هئي ته کين مستقل ڪراچي ۾ رهي ڪري پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻا پوندا ۽ سندن بدلي ڪراچي کان سواءِ ٻي سنڌ جي ڪنهن به ضلع اندر ممڪن نه هوندي. اهي ڏيڊ سؤ کان وڌيڪ ليڪچر مقرر ڪيا ويا هيا پرانهن مان هڪ به هاڻي ڪراچي ۾ رهائش پذير ناهي انهن مان اڪثريت پنهنجي مرضي سان پنهنجن اباڻن شهرن ۾ بدلي ڪرائي ڇڏي آهي يا کين ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي. هندستان کان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پناهه ورتل ’مسلمان ڀائرن‘ جو رويو سنڌي ٻوليءَ ڳالهائيندڙن سان آهي ان جي سڄي سار پاڻ سڀني کي آهي، پر حيرت انگيز طور تي گذريل ڪجھ سالن کان سنڌي ۽ بلوچ آبادين کي پڻ ساڳي نهج تي اچي بيهاريو ويو آهي. ڪراچي جا اهي سنڌي ۽ بلوچ جيڪي ڏهاڪو سال اڳ هڪ جسم ٻه جان مثل هئا، هاڻي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيٺل نظر اچي رهيا آهن. اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ اسان جي هندستاني مسلمان پناهه گير ڀائرن جو ’ڪوششون‘ ته آهن ئي آهن پر ان سان گڏ اسان جن پنهنجن سنڌي ڳالهائيندڙ سياستدانن جي سياهه ڪارين جو وڏو هٿ پڻ آهي. ڪراچي مان سنڌي ٻوليءَ کي تڙي ڪڍڻ واري ايجنڊا تي وڏي حرفت ۽ خاموشيءَ سان عمل ڪيو پيو وڃي. مفاهمت جي ڪاري عينڪ پاتل اسان جي حڪمرانن کي جڏهن اجگر جيڏا ٻيا وڏا مسئلا ئي نظر نه ٿا اچن ته اهي سندن خيال موجب هن قسم جي پتڪڙن مامرن تي پنهنجو قيمتي وقت ڇو زيان ڪن! سندن ذهن ۽ ضمير کي اهڙي ڪنهن به ڳالهه ڪري ڪابه چهنڊڙي نه لڳندي ۽ اهي هن ڪِوِل جهڙي انتهائي ننڍڙي مسئلي کي حل ڪرڻ بدران پنهنجي قيمتي جوتن سان ان کي لتاڙي اڳتي نڪري وڃڻ کي ترجيح ڏيندا.

2 comments:

  1. اھو سڀ ڪجھ ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت ڪيو پيو وڃي ت جيءن سنڌي جيڪي ب لکڻ پڙھڻ چاھين ٿا انھن کي اھڙو ماحول فراھم ڪيو وڃي جو ڪو ب ماڻھو سنڌي لکڻ پڙھڻ کان لنواءي ۽ غيرن جي ٻولي يا ڌاري ٻولي پڙھڻ تي مجبور ٿءي ۽ ذھني طور ھو ڌاري ٻولي کي اھڙي طرح پھنجاءي جو کيس پنھنجي ٻولي سٺي ن لڳي

    ReplyDelete
    Replies
    1. ۽ ااھا سازش ڪامياب وءي آھي

      Delete