Thursday, October 30, 2014

ّخوشبوءَ ڀريل خط



30 آڪٽوبر 2014 
 01.10pmسکر
اسلام عليڪم حق موجود سدا موجود
محترم سائين هي دؤر انفرميشن ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيءَ جو آهي جنهن ۾ ڪٿان به، ڪڏهن به، ڪوبه، ڪنهن سان به،  بنا دير جي موبائيل فون رستي يا انٽرنيٽ جي سهولت رستي رابطو ڪري سگھي ٿو. جيئن ته هاڻي موبائيل رکڻ هر ڪنهن جي ضرورت بڻيل آهي، ڪچي عمر جي ٻارڙن کان وٺي نوانوي سالن جي پوڙهن/پوڙهين وٽ به گھڻو تڻو اها سهولت موجود آهي.
 پر ان ساڳي ئي  دؤر ۾ جڏهن رابطن لاءِ ايڏيون مؤثر سهولتون موجود آهن، مون کي هي افلاطوني خيال دل ۾ آيو آهي ته ڪن پيارن ڏانهن خط لکي ساڻن حال احوالي ٿيان، کين اندر جون ڳالهيون سڻائي پنهنجي دل جو غبار صاف ڪيان ۽ سندن من ۾ آيل انيڪ خيالن ۽ خوابن کي جوابي خطن  جي صورت ۾ پڙهي انهن جي خوشبوءَ سان پنهنجي تن من کي مهڪايان.
منهنجو خيال آهي ته جڏهن اسين فون رستي هڪ ٻئي سان حالي احوالي ٿيون ٿا ته اهي ڳالهيون ڪٿ به رڪارڊ ڪونه ٿيون ٿين. لکن ۽ ڪروڙن جا خيال به وسيع دنيا جي پولارن ۾ گم ٿيو وڃن پر خطن جي صورت ۾ لکيل خيال وري به ڊاڪيومنٽ جي شڪل ۾ ڪنهن نه ڪنهن وٽ محفوظ رهڻ جا امڪان هوندا آهن. ماضيءَ ۾ مختلف عالم انسان پاران هڪ ٻئي سان خط و ڪتابت تي ٻڌل لازوال ۽ شاندار تاريخ ڪتابن جي صورت ۾  موجود آهي. ان ڪري مان چاهيان ٿو ته ان ختم ٿي ويل شاندار روايت کي وري جياريان، هڪ دفعو وري مان اوهان جهڙن دلوارن جي خطن جو انتظار ڪريان، خط ملن ته انهن کي اکين تي رکي چميون ڏئي کوليان ۽ انهن خيالن جي خوشبوءَ وسيلي پوري جڳ کي مهڪايان.
ڀلا هن حقيقت کان ڪير انڪاري ٿيندو ته هر نئين شيءِ سٺي ناهي ٿيندي ۽ هر پراڻي شيءِ خراب ناهي هوندي. مان سمجھان ٿو ته ماضيءَ جو قصو بڻجي ويل خطن جو سلسلو خراب ناهي، اهو هڪ شاندار ڪم آهي ۽ اهو جاري رهڻ گھرجي، نئين جدت سان، نئين طريقي سان ۽ نئين نموني سان پر اهڙين روايتن کي دفن ٿيڻ کان بچائجي.
هونئن ته مان ڳالهين مان ڳالهوڙو ٺاهڻ جو ته ماهر آهيان پر اڄ الائي ڇو سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڇا لکان؟
ڇوته جڏهن ماڻهون وٽ لکڻ لاءِ تمام گھڻو مواد هوندو آهي ته سندس لاءِ لکڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. پاڻ جنهن دؤر ۾ رهون ٿا ان دؤر جي تقاضائن کي نظر ۾ رکي جڏهن پنهنجي قوم، مظلوم مارو ماڻهن جي حالت زار تي نظر ٿي پوي ته اکر به روئي ٿا ويهن ۽ شاعري نوحا خواني بڻجي ٿي وڃي. سنڌ جي سياست ۾ يزيدي ڪلچر اسان لاءِ ٻاروهي ئي حشر جو ڏينهن برپا ڪري رکڻ جا سمورا امڪان پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ڪجھ ماڻهون جيڪي دهليءَ جا ٺڳ آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي مهاجر/پناهه گير سڏائڻ تي فخر ٿا محسوس ڪن ۽ مهاجر کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کي رسول خدا جي شان ۾ گستاخي ٿا سمجھن ۽ اهي ساڳيا جڏهن منهنجي امڙ سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي گار ٿا ڏين پر اهڙي ڪريل حرڪت تي کين ڪوبه شرم نه ٿو اچي،  شايد انڪري ته اهي اهڙي ڪنهن جوهر کان ڪوهين پري آهن، پر مون کي افسوس ٿو ٿئي نام نهاد سنڌ جي عوامي حڪمرانن تي جيڪي پنهنجي ماءُ (ڌرتي ماتا) کي لکنوءَ جي بازار حسن مان سکيا ورتل کدڙا ڪلچر جي نمائندن پاران ڏنل گار کي به اکين تي رکي چميون پيا ڏين؟؟؟!!! اهي اقتداري ڀنگ پي اڙٻنگ ٿي نشي واري صورت ۾ پنهنجي واپاري اڳواڻن ڏانهن نهارين ٿا ته اهو ڪو فرمان جاري ڪري ته هو ان کي اڳتي وڌائين وٽن ذاتي طور تي ڪوبه خيال نه ٿو سجھي ۽ لڳي ٿو ته اهي دل ۽ دماغ رکڻ واري مخلوق ناهن پر ڪي روبوٽ آهن جن کي ڪو ماسٽر مائنڊ (جيڪو پاڻ به لطيف جذبات کان عاري آهي جيڪو سنڌ جي وحدت ۽ وجود جو پڻ انڪاري آهي) ڪمانڊ ڏئي پيو هلائي.
هن ساڳي انفرميشن ڪميونيڪشن واري دؤر ۾ دنيا اندر اسان جو شمار واحد (شايد) قوم ۾ آهي جيڪا پنهنجي تعليمي نظام کي تباه و برباد ڪري خوشيءَ وچان هنڀوڇيون پئي هڻي.  ماستر صحافي يا اين جي اوز جا ڪارندا ٿي پيا آهن، صحافي بليڪ ميلر بڻجي ويا آهن، ڪامورا يزيدي ڪردار پيا ادا ڪن، وڏيرا، پير، مير، ملان مولوي ۽ سياستدان فرعون بڻجي پيا آهن انهن کي قارون جو خزانو گھرجي ته اهي پنهنجا ذاتي گھر ڀرين، تعليم واري هٿيار کي استعمال ڪندي ترقي ڪرڻ جا سمورا دڳ هنن اندر ۾ ابليس ماڻهن بند ڪري رکيا آهن.
 سنڌ ڌرتي صوفين جي سرزمين رهي آهي، اهي صوفي ڪي عام انسان نه هيا، وڏا عالم هوندا هيا، جت زماني جي عالمن ۽ فاضلن جو علم کٽندو هيو ته انهن صوفين جي خيالن جي اڏام اتان شروع ٿيندي هئي. انهن صوفين جي صداحيات فلسفن جي آڌرا سنڌ جيئندي رهي آهي، اڳتي وڌندي رهي آهي. اڄ ان صوفين جي ديس ۾ جڏهن سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ مدرسا گنڀين وانگي ڦٽي نڪرڻ شروع ٿيا آهن ته اسهپ وڌي ويئي آهي، فرقيواريت جو زهر نسل جي رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو آهي، جاهلن جا لشڪر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ نڪري نروار ٿيا آهن، جن جي هٿن ۾ ڏنڊا آهن جن جي وات ۾ ڪنڊا آهن، جن جي ذهنن ۾ نفرت جو بارود رکيو ويو آهي، کين ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ستر حورن ۽ شرابن تهورا جي لالچ ۾ هو ڪنهن به انسان يا مذهب جي تذليل ڪري سگھن ٿا، ڪنهن تي به توهين رسالت جو الزام ڌري کيس سرعام ماري هيرو جو درجو ماڻي سگھن ٿا.  
اڄوڪي منهنجي سنڌ جيڪا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، جنهن ۾ پئٽرول، گئس، ڪوئلي جا املهه خزانا موجود آهن پر ان هوندي به سنڌ جا ماڻهون پاڪستان جي سڀني صوبن کان وڌيڪ غريب آهن، اسان جا نوجوان بي روزگار آهن، ڳوٺ برباد ته شهر اجڙيل آهن. هر چوڪ تي سوين پنندڙ ماڻهون هٿ ڊگھيريون هر ايندڙ ويندڙ کي ايلاز ڪندي نظر ٿا اچن.
سو مون اڳ ئي چيو پئي ته جڏهن لکڻ لاءِ اوهان جو اندر صفا ڦاٽندو هجي ته ماڻهون لکي گھٽ سگھندو آهي. مان به انهن مان هڪ آهيان. جيڪڏهن اوهان منهنجي هن خط جو جواب موڪليو ته پاڻ اها ڪچهري تهان وڌائي سگھون ٿا.
اڄوڪي ڳالهه ٻولهه کي اتي ئي بريڪ ٿا هڻو. شل سنڌ سلامت رهي، خوشحال رهي ان خوشحال سنڌ ۾ اوهان جهڙا انمول انسان گھمندا ڦرندا رهن، محبت جي مٺاس ورهائيندا وتن.

اوهان جو پنهنجو امير گل ڪٽوهر
گھر نمبر 03،
گورنمنٽ اسلاميه ڪاليج ڪالوني سکر سنڌ
7121187 0333 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو