Monday, October 13, 2014

اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا


تازو مون هڪ وڊيو پنهنجي فيس بوڪ جي وال تي شيعر ڪئي هئم جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته خيبر پختون خواه ۾ ڪي ماڻهون هڪ پاڏي کي ذبح ڪرڻ جي نيت سان پڪڙڻ ۾ ڏکيائيءَ کي مد نظر رکندي، پهريون ان جي مغز ۾ گولي هڻي ڪيرائي پوءِ ان کي ذبح ڪندا آهن. اها وڊيو مون پنهنجي هڪ پروفيسر دوست کي ٽيگ ڪري کانئس پڇيو هوم ته شريعت مطابق قرباني يا ذبح ڪرڻ وارو اهو طريقو صحيح آهي يا غلط آهي. منهنجي ان پياري پروفيسر تفصيل سان ڳالهه مون کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مون سندس ڳالهين کي پسند ڪيو. سندس چوڻ هو ته؛
This is not a right way, Islam does not teach this method. It is also new for me. In my opinion, if buffalo is alive after fire before 'ZIBH' it is Hilal but not acceptable for " QURBANI" It is hilal but very cruel way. I am astonished to see this video. more over I will tell you later but soon what what ulma -e- karam say about this vedio
  پر الائي ڪٿان منهنجو هڪ ٻيو مهربان دوست هڪ ٻئي ڪمينٽ ڪندڙ دوست کي جواب ۾ اهو لکيو ته ”اسان ملان ٿوروئي آهيون جو فتوا ڏيون.......اوهان سائين اميرگل کان پڇو ان بابت........سائين جيد عالم آهن“. يعني ته مان ملان آهيان ۽ سڄو ڏينهن فتوا جو دڪان کوليو ويٺو آهيان.  خبر نه ٿي پوي ته دوست مون تي ايترو الائي ڇو ڪاوڙيل آهي ته منهنجي هر ڳالهه کيس اُگري ٿي لڳي. هي منهنجو ساڳيو مهربان دوست آهي جنهن ڪجھ وقت اڳ ملاله يوسفزئي تي خوني حملي ۾ حملي آورن جي بچاءُ ۾ هلايل ڪهاڻي مون اسان کي ٻڌائي حيران ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ”اهو سڀ ڊرامو آهي، طالبان ڪي ٻار آهن جو ايترو ويجھي کان گولي هڻن ۽ اها ڇوڪري بچي وڃي“. ڪيڏو نه اعتماد آهي اسان جي پروفيسر پياري کي طالبان جي صحيح نشاني تي!!!! مون کيس بروقت چيو هو ته قبلا حقيقت ۾ اوهان کي دلي صدمو اهو رسيو آهي ته ملاله بچي ڇو ويئي!!!
مان اڄ به اهو ٿو سمجھان ته مون کي منهنجا دوست، يار ڪليگ ۽ مهربان ان ڪري پسند ناهن ڪندا ڇوته منهنجا خيال سندن فرقي وارانه سوچن جي بلڪل ابتڙ آهن. مان ڪنهن مذهبي فرقي جي مؤقف ۾ انساني تذليل جي مخالفت ڪندو آهيان. مان صوفي روح رکندڙ انسان آهيان جنهن جو مذهب محبت آهي، خلوص آهي، ايثار ۽ قرباني آهي. مان شيخ اياز جو به مڃيندڙ آهيان جنهن چيو هو ته ”جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽٽو مون ائين سمجھو ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي“. مان اهو به سمجھان ٿو ته سنڌ جي بقا به ان ڳالهه ۾ آهي ته اسين رواداري جو پاسو کڻون، فرقيواريت جي زهر کان پاڻ به بچون ۽ ٻين کي پڻ ان کان بچايون. هي جيڪي جن ڀوت پيدا ٿيا آهن جيڪي انساني کوپڙين سان فوٽ بال پيا کيڏين، جيڪي مسجدن، مندرن، چرچن، امام بارگاهن ۾ بم گولا رکي کين اڏائين ٿا جيڪي نماز پڙهندڙ مسلمانن کي به ڪونه ٿا بخشين. اهي ساڳيا ئي آهن جن اولياءُ الله، نبين جي مزارن کي به پنهنجي ڪروڌي ذهن سان ڀسم ڪري الله اڪبر جا نعرا هنيا، اهي سنڌ وارن جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ فائدي مند ناهن. اهي اسان سان ارغونن ۽ ترخانن واري ڪار ڪندا. هاڻي اهي اسان جي ذهن تي قابض آهن اڳتي هلي ڪري جڏهن ڌرتيءَ تي قابض ٿيا ته پوءِ ڪاري وارا ڪک وڃي بچندا ۽ انوقت جڏهن اسان پنهنجو سڀ ڪجھ لٽائي چڪا هونداسين ته پنهنجي غلطين جو احساس ٿيندو. ان کان اڳ جو اهو ٿئي اسان کي انهن جي راهه ۾ بند ٻڌڻ گھرجن ۽ مان سمجھان ٿو ته ان قسم جا خيال ئي آهن جيڪي منهنجي مهربان دوست کان هضم ڪونه پيا ٿين ۽ هو منهنجي خلاف قلمي ۽ زباني جهاد ڪري پنهنجا ٻئي جهان پيو بچائي. مان دعا ٿو ڪريان ته شل هو هن دنيا اندر جيڪي به خوشيون آهن اهي ماڻي، مولا کيس صحت ڏي، عزت ڏي، وقار ۽ بلندگي عطا فرمائي ۽ کيس اڳئين جهان ۾ پڻ بخشش عطا ٿئي.  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو