Tuesday, December 23, 2014

هڪ شخص هڪڙي شهر ۾ دانهون گھڻيون ڪيون...




سنڌ جي يگاني شاعر استاد بخاري پنهنجي هڪ گيت ۾ لازوال سٽون چيون هيون ته ”هڪ شخص هڪڙي شهر ۾ دانهون گھڻيون ڪيون، بي درد لوڪ بند کڻي در دريون ڪيون“. اها هڪ درد ڪٿا آهي، اهو هڪ ارمان ۽ اڌمو آهي، اهو هڪ احساس آهي، اندر مان نڪتل هڪ آهه آهي جنهن کي ٻن سٽن ۾ استاد بخاري ڏاڍي اثرائتي نموني بيان ڪيو هو. ٿي سگھي ٿو ته ڪي دوست جائز نموني هن ڳالهه کي ٻن فردن جي ڳالهه ڪري پيش ڪن ۽ استاد پاران پنهنجي محبوب لاءِ ڏوراپو سمجھن پر جيڪڏهن ان شعر کي وسيع تناظر ۾ ڏسجي ته انهن سٽن مان اسان محسوس ڪنداسين ته هڪ ڏاهو انسان پنهنجي وطن ۽ پنهنجي قوم وارن لاءِ هڪ نياپو ڏيئي رهيو آهي، ائين پيو لڳي ته ڪو يگانو انسان رات جي اونداهيءَ ۾ لالٽين کڻي ماڻهن کي روشن راهن 
.تي هلڻ جا ڏس پيو ڏئي پر پوءِ به ماڻهن پنهنجي گھرن جي درن دروازن کي ٻيڪڙي ڇڏيو آهي.

 هر ماڻهون شاعر جي خيالن کي پنهنجي سمجھ آهر ۽ پيدا ٿيل حالتن سان ڀيٽي ان مان نتيجا ڪڍندو آهي. ساڳي ڳالهه مون لاءِ به صحيح آهي. مان سمجھان ٿو ته استاد بخاري هڪ انتهائي باشعور انسان هو، جيڪو ديس اندر روا ناڪاري روين، ظلم ۽ زيادتين، انيائن کان ڀلي ڀت واقف هو، کيس خبر هئي ته ڪير رهبر جي روپ ۾ زهزن آهن (جيڪي ماڻهن کي غلط رستي ڏانهن پيا ڌڪين)، هو ڄاڻندو هو ته هر حسين چهرو وفادار ناهي هوندو، ٽوهه به سهڻا آهن پر سندن ذائقو انتهائي ڪڙو آهي،  کيس خبر هئي ته سنڌ جا ماڻهون جلدي اعتبار ڪري ڌوڪو کائڻ وارن مان آهن، کيس خبر هئي ته بار بار ڌوڪن کائڻ باوجود اهي وري به ساڳين درن تي مسيحائي لاءِ وڃن ٿا جن جي ڪري سندن زندگيون زهر بڻايون ويون آهن. استاد بخاري قوم جو هڪ سڄاڳ، ڄاڻو، عالم ۽ دورانديش شاعر هو. هو قوم جي دردن کي پنهنجو درد ڀائيندو هو، انهن دردن جي اپٽار هو پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي خوبصورتيءَ سان ڪري ويندو هو. سندس شاعري دانهون ئي ته هيون جيڪو هو لوڪ کي جاڳائڻ لاءِ ڪندو هو.

سندس هڪ ٻي غزل مان ڪجھ سٽون آهن ته؛
تحرير کي ترار بڻايون بچي پئون،                                                                                                              ڪوڪار مان ڪٽار بڻايون بچي پئون،                                                                                                            غدار پنهنجا دوست ٿين، ٿڪ هڻي ڇڏيون،                                                                                                 
.جھونجهار پنهنجا يار بڻايون بچي پئون.

استاد بخاريءَ پنهنجي تخليق وسيلي جيڪي ڏاهپ جا ڏس ڏئي ستل قوم ۽ عوام کي جاڳائڻ جا جيڪي جتن ڪيا، پنهنجي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جنهن جاکوڙ جي اميد رکي شاعري سرجي هئي ته جڏهن هُن ڏٺو ته ماڻهون سندس ڳالهين کي گھٽ ٿا سمجھن، ڪي سمجهڻ باوجود ان کان انڪار ڪن ٿا، ڪي ته مورڳو سمجھڻ ئي نه ٿا چاهين ته اهڙي ڪيفيت ۾ کانئس اهي سٽون لکجي ويون هونديون.
ان معاملي ۾ استاد بخاري اڪيلو ناهي، سنڌ جا ڪيئي يگانا انسان رات ڏينهن مختلف محاذن تي مختلف نموني جاکوڙي رهيا آهن، اهي پنهنجي قوم ۽ عوام کي جاڳائڻ جا جتن مختلف نموني پيا ڪن. ڪي استاد بخاري وانگر شاعري پيا ڪن، ڪي مضمون نگاري ذريعي، ڪي ڳائي وڄائي ته ٻيا وري معياري تعليم کي عام ڪري ماڻهن ۾ ساڃاهه پيدا ڪرڻ سندن سمجھ وڌائڻ جي هاڪري ڪمن ۾ رڌل آهن.
جڏهن پوري سنڌ اهڙن هاڪاري سرگرمين جو ڳڙهه بڻيل آهي، جڏهن هر ساڃاهوند ڪوڪاري ٿو، جڏهن سنڌ جي ازلي ويرين جي منهن تي چڙهيل نقاب لهن ٿا پر تڏهن به عام ماڻهون ان ساڳي گٺل پيٺل، رڻ ۾ روليندڙ واٽ تي هلڻ جو اصرار ڪن ٿا ته پوءِ استاد بخاري کين ميار ٿو ڏئي ته بي درد لوڪ بند کڻي در دريون ڪيون.
انهن سڀني ڳالهين هوندي به ائين هرگز نه ٿو چئي سگھجي ته سڀ ماڻهون ڪي صفا انڌا، گونگا، ٻوڙا آهن. سنڌ جي ماڻهن جي سمجھ وڌي رهي آهي، کري ۽ کوٽي جي پرک جيڪا کين اڄ آهي شايد اڳ اها نه هئي. سنڌ جا ماڻهون تبديل ٿي رهيا آهن، جيتوڻيڪ سندن تبديليءَ جي رفتار کڻي ٿوري سست آهي پر اهي صفا بيٺل پاڻي جي دٻي مثل هرگز ناهن. هونئن به سائنس جا آفاقي اصول آهن جيڪي هر ڪنهن تي لاڳو هوندا آهن. هر عمل جو هڪ رد عمل هوندو آهي، هر سرگرمي، جدوجهد ۽ تحريڪ پنهنجو ڪو نه ڪو مثبت نشان ڇڏي ويندو آهي. ان ڪري مايوس ٿيڻ بدران اسان جيڪڏهن پنهنجين انهن سرگرمين ۾ تهان وڌيڪ واڌارو ڪيون، انهن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي توجهه ڏيون، ماضيءَ ۾ مليل نتيجن تي سوچ ويچار ڪري مستقبل جي رٿابندي بهتر ڪيون ته يقينن پنهنجي منزل ماڻي سگھون ٿا....
کڻي    ڪنڍيون   گلابي    موسمون    پهتيون،
ڪري   سينگار   سهڻيون    منزلون    پهتيون.
مڃينديون مات جھڪنديون مشڪليون پهتيون،
جتي  تنهنجون  ۽  منهنجون  جرئتون  پهتيون.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو