Saturday, December 27, 2014

بيڊ گورننس به گورننس ته هوندي آهي پر سکر ۾ ته اها به گوسڙو ماستر وانگر گم آهي؟


مان اسلاميه ڪاليج سکر جي پروفيسرن لاءِ جڙيل ڇهن ڪوارٽرن مان هڪ ۾ رهندو آهيان. دوستو اڄ ڪالهه منهنجي طبيعت ڪا سٺي ناهي ۽ مان جسماني ڪم ڪرڻ ۾ تمام گھڻي تڪليف ٿو برداشت ڪيان پر ان تڪليف هوندي به اڄ مون پنهنجي ڪوارٽر ٻاهران گندي پاڻيءَ  واري ناليءَ کي پاڻ صاف ڪيو جو اهو ڀٿرن، پلاسٽڪ جي ڳوٿرين ۽ گھرن مان گھٽين ۾ اڇلايل گھريلو ڪچري ڪري بند ٿي ويو هو  ۽ گندو پاڻي ناليءَ مان نڪري پاڙي وارن جي درن تائين وڃي پهتو هو. اهو ڪو وڏو ڪارنامو ناهي جيڪو مون سرانجام ڏنو اٿم يا ان ڪم کي مان ڪنو ڪم به نه ٿو سمجھان ته مون جهڙي ماڻهو نءَ کي نه ڪرڻ گھرجي ها پر اها ڳالهه ضرور چوندس ته اهو ڪم ميونسپل ڪاميٽيءَ وارن جو آهي، شهر جي صفائي سٿرائي، صحت افزا ماحول، صاف پاڻي جي هر گھر تائين پهچ، گندي پاڻيءَ جي نڪاسي سندن فرضن ۾ شمار آهن،  پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سکر ۾ سالن کان ميونسپل ڪاميٽي مرحوم ٿي ويئي آهي ۽ ان جو ڪوبه ڪم ناهي رهيو، ڇو ناهي رهيو ان جا ڪيئي ڪارڻ هوندا بس هڪ ڪارڻ جيڪو ظاهر ظهور آهي ان جي ڳالهه ڪندس ته سياسي اڳواڻن ۽ ڪرپٽ عملدارن سڄي ٻيڙي ٻوڙي رکي آهي. پيپلز پارٽيءَ وارن سنڌ تي جيڪي عظيم احسان ڪيا آهن ان ۾ هڪ هي به آهي ته انهن ميونسپل ۾ اڳ جيڪي سرڪاري نوڪريءَ کي حلال ڪندي غريب ماڻهون صفائيءَ وارو ڪم سرانجام ڏيندا هيا ته کانئن اهو حق به کسيو ويو آهي. هاڻي ميونسپل ڪاميٽين ۾ خاڪروب، صفائي سٿرائي، گھٽين جي ٻهاري، گندي نالين جي صفائي واريون نوڪريون ياته عظيم عوامي اڳواڻن جي بوٽن کي صاف ڪندڙ ، سندن بنگلن ۾ چاڪري ڪندڙ ماڻهون رکيا ويا آهن يا ويجھا جيالا، متوالا مقرر ڪيا ويا آهن، جن جو ڪم آهي پگھار کڻڻ ڀلا اهو انهن جو شان ڪٿي آهي ته  اهي وتن گھٽين جون گنديون ناليون صاف ڪندا، اهو ڪم اسان جهڙا اوڻويهين گريڊ جا ماستر سرانجام ڏين ته خير آهي، ڀلا ڪٿي صاحب لوڪن جي ڪٽڻپي وارو ڪم ڪندڙ جو شان ۽ ڪٿي ڪاليج ۾ ايسوسئيٽ پروفيسري جي ماستري ڪندڙ معمولي انسان؟؟؟!!!!
دوستو جنهن ملڪ ۾ اهڙو دستور هجي ته ڇا اهو ڪهڙي منهن سان ترقي ڪندو؟وڌيڪ لکڻ جي بدران اهو سوال اوهان جي بحث لاءِ کليل ٿو رکان......

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو