Friday, June 26, 2015

پاڻيءَ تي ڦوٽا (ننڍڙي ڪهاڻي)


پاڻيءَ تي ڦوٽا
نازل پنهنجي ڪوڏر کي ڪرسي بڻائي ڪسيءَ تي ويٺو هو. رات جو پهريون پهر به خاصو گذري چڪو هو، تيرهين جو چنڊ ڪانو کن مٿي اڀري آيو هو انڪري هر شيءِ واضع نظر پئي آئي. اونهاري جا ڏينهن هيا پر ڏکڻ گھلي رهيو هو ۽ ريج ٿيل زمين مان مٽيءَ جي خوشبوءِ گاڏڙ ٿڌڙي هوا وايو منڊل کي ننڊاکڙو ڪري ڇڏيو هو. سامهون ليمي جي زمين جا ٻارا پاڻيءَ جي ريج سان ڀرجي چڪا هيا، زمين ۾ پوکيل کجيءَ جي وڻن جا عڪس پاڻي جي وهڪري تي جهڙوڪر ڊانس ڪندي نظر اچي رهيا هيا جڏهن ته ڏيڏرن جي ٽان ٽان سندس ڌيان پاڻ ڏانهن پئي ڇڪايو، اوچتو سندس نظر هڪ لنڊيءَ تي پئي جيڪا پاڻي ۾ منڍي ٻاهر ڪڍي تيزيءَ سان ٻَني تي ڦٽل گاهه گند ۾ ڪٿي گم ٿي ويئي هئي. اڄ سندس من ۾ مونجھ وارا احساس اڀري رهيا هيا ۽ هو بيزاريءَ وچان سوچي رهيو هو ته پاڻيءَ جي واري ورائڻ لاءِ کيس اجايو ڪيترو نه انتظار ٿو ڪرڻو پوي،. اڃا ته سندس پاڻيءَ جي واري ۾ ڏاڍي دير آهي. سندس پاڻيءَ جو وارو رات جي ٻن پهرن کان پوءِ هو. هو سوچڻ لڳو ته آخر ڪار هردفعي کيس رات جو دير سان پاڻيءَ جو وارو ڇو ٿو ڏنو وڃي؟ اهو سوال کيس پريشان ڪرڻ لڳو. بس ڏيئي وٺي کيس اها ڳالهه سمجھ ۾ آئي ته هو غريب آهي، بي پهچ آهي ۽ سندس ڪو مٽ مائٽ زميندار نه ئي ڪامورو آهي. پريشانيءَ وچان هو پنهنجي چڏن وچ ۾ زور سان کَنهَڻ لڳو. سندس ان عمل ويتر سندس خارش وڌائي ڇڏي ان مصيبت مان جان ڇڏائڻ لاءِ آڱرين تي ٿڪ هڻي خارش واري جاءِ تي مالش ڪيائين ته کيس ڪجھ سڪون مليو پر مايوسيءَ جا ڪارا بادل جن سندس دماغ جي آسمان تي پنهنجو قبضو ڄمائي رکيو هو انهن وڃڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. لاشعوري طور پنهنجن سنهڙين  ٽنگن کي زور ڏيڻ لڳو جن ۾ سور چقمق جيان چنبڙيل هو، سندس ٽنگو بلڪل ٽيٽهر جي ٽنگن جهڙيون ماس کان آري هيون، سندس دل ۾ آس اٿي ڪاش کيس ڪا وسند ملي ته هو پنهنجي مڙهيءَ کان پنهنجن ٽنگن تي تيل مالش ڪرائي زور ڏياري ڪو آنند وٺي پر کيس ٽائيم ئي ته ڪونه پئي مليو. کيس اڄوڪي ڏينهن ۾ ڪيل ڪم ياد اچڻ لڳا.

 صبح جو سويل ڏاندن جو جوڙو ڇوڙي هر تي بيٺو هو ته ڏپهري تائين زمين پئي کيڙيائين، زمين کيڙڻ بعد گھر پهچي لسي لپ سان ماني کائي اڃا مس ويٺو هو ته ڏاندن لاءِ گاهه پٺي ڪرڻ لاءِ ڏاٽو کڻي نڪري پيو هو. پاڙي جي زميندار جان محمد جي زمين ۾ گاهه ڪندي کيس سندس ڪمدار ڪوڙي خان جون ڇڙٻون الڳ سهڻيون پيون هيون ۽ اهو ته جهڙوڪر روز جو معمول بڻجي پيو هو. اتان واپسي بعد گاهه پٺي کي مشين تي ڪتر ڪري ٿَڪُ به ڪونه ڀڳائين ته سڀاڳي کيس سڏ ڪري ڀوتار جي اوطاق ۾ پهچڻ جو نياپو ڏنو هو.

ناري جي زمينن مان ڀوتار جي اَن جي ٽرالي ڀرجي آئي هئي ۽ هن پاڻ، کمونءَ، خميسي ۽ جکري گڏجي اهي ان جا ٻاجڪا ۽ ٻوريون لاهي ڀوتار جي ڀانڊاري ۾ سٿيا هيا. ڀانڊاري ۾ اڳ ئي جام ان پيو هو هاڻي ته اهو ڇت تائين ڀرجي چڪو هو. انوقت ئي کيس اها ڳالهه ياد آئي هئي ته سندس پنهنجي گھر ۾ ته اَن جا ڪي چند داڻا ته وڃي بچيا هيا جيڪي مهينو به شل هلن!! خبر ناهي اڳتي گذر ڪيئن ٿيندو! ڀوتار جي ونگار کان واندڪائي ملڻ تائين نما شام جو وقت اچي پهتو هو. رُکي ماني ۾ بصر ۽ ساوا مرچ وجھي کائيندو هو اچي پنهنجي زمين وٽ پهتو هو ۽ اتي ويٺي ويٺي هن اهي خيالي سور پئي پچايا. ڪوڏر تي ويٺي ويٺي هو ٿڪجي پيو هو، ڪوڏر کي پاسي ۾ رکي هاڻي ٻني تي ڦُٽي آيل گاهه تي ويهي رهيوهو، گاهه جيڪو واٽر جي پاڻيءَ ڪري پوسل وارو هو، ان کيس سڪون پهچايو ۽ هو پنهنجو پوتڙو وهاڻو ڪري ٻني تي سمهي مٿي آسمان کي تڪڻ لڳو.  چنڊ پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان آسمان تي سون وانگر جرڪي رهيو هو ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ تارا پڻ کڙيل نظر پئي آيا پر چنڊ جي روشني مٿن غالب پئي لڳي ۽ اهي تارا جهڙوڪر ڌنڌلا ڌنڌلا پئي لڳا. آسمان تي انوقت چمڙيون تيزيءَ سان گھمي ڦري رهيون هيون، گھڻي دير بعد هن   پاسو ورايو ته کيس سامهون انب جي مٿئين ڏار تي اُلوءَ پکيءَ جو جوڙو ويٺل نظر آيو جيڪي کيس پنهنجي گول گول اکين سان گھوري گھوري ڏسي رهيا هئا.

هاڻي کيس ماضيءَ وارا سنهري ڏينهن ياد اچڻ لڳا هيا ۽ مرڪ سندس چهري تي پکڙجي ويئي. هن سوچيو پئي ته هو ڪيڏو نه جانٺو جوان هو، ميلن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهندو هو، ڊڪ ۾ ته پوري ڳوٺ ۾ کيس ڪو مات ڏيئي نه سگھيو هو. هو هارپي جي ڪم جو انتهائي ماهر ليکيو ويندو هو ۽ هن پنهنجي سڄي ڄمار ٻني ٻاري جي ڪرت سان گذاري ڇڏي هئي. وري جڏهن هو ماضيءَ کان موٽي حال ۾ پهتو ۽ پنهنجي گھريلو صورتحال تي سوچڻ لڳو ته سندس مرڪ گم ٿي ويئي.  وٽس کائڻ لاءِ ان، پهرڻ لاءِ ڪپڙو، دوا درمل لاءِ چار ڏوڪڙ بچت ٿيل ناهن. هن جي پوري حياتي اها خواهش رهي ته جيڪر ڪو ڪچو پڪو پنهنجو گھرڙو هجي جنهن ۾ سندس گھر ڀاتي سڪون سان ساهه کڻي سگھن پر هو اهو ڪم  به ڪري نه سگھيو هو. سندس سڄي ڄمار جي ڪمائي جهڙوڪر اجائي هئي ۽ هاڻي هو پنهنجي جگر سندس نوجوان پٽ وسند متعلق سوچي رهيو هو. هو سوچڻ لڳو ته ڇا سندس مقدر ۾ به اهي ئي ڏک ڏاکڙا لکيل آهن جيڪي هن کي مليا هيا؟ هڪدم جواب به سندس ذهن تي تري آيو ته نه وسند مولا ڪندو ته سکي زندگي گذاريندو، پڙهي لکي آفيسر ٿيندو، پنهنجو گھر جوڙائيندو ۽ هو هن وانگر غلاميءَ جي زندگي نه گذاريندو. ان ئي وقت سندس نظرون ڪسيءَ جي وهندڙ پاڻيءَ ۾ متواتر جڙندڙ ۽ جڙي وري ڊهندڙ پاڻي جي ڦوٽن تي پهچي پنڊ پهڻ ٿي ويون هيون ۽ سندس دل به پاڻيءَ جي ڦوٽن وانگي ڦسي پيئي هئي ۽ خبر ناهي ته الائي ڪيئن ٿر جي صحرا وانگر خشڪ ٿي ويل سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ سمورا نظارا ڌنڌلا ڌنڌلا ٿيندا پئي ويا.     


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو