Tuesday, August 11, 2015

ڪي ماڻهون تاريخ ٿين ٿا...سائين شاهنواز راڄپر جي شخصيت تي لکيل مختصر تاثر


”ڪي ماڻهون تاريخ ٿين ٿا...“ شيخ اياز جي شاعريءَ جي هڪ امر سٽ آهي ۽ جڏهن به ڪو لکاري ڪنهن عظيم انسان کي ڀيٽا ڏيندو آهي ته ان سٽ کي عنوان طور (جيئن مون به ڪيو آهي) ڪم آڻيندو آهي. پر دوستو جن جي لاءِ اسين سمجھون ٿا ته اهي چند ماڻهون تاريخ ٿين ٿا اهو هڪ اڌورو سچ آهي. ان تاريخ سازيءَ واري عمل  ۾ ڪيئي عظيم گمنام ڪردار هوندا آهن جيڪي پنهنجو سڀ ڪجھ، تن من ڌن قربان ڪري ڇڏيندا آهن ۽ کين موٽ ۾ ڪجھ پلئه ناهي پوندو، نه مشهوري، نه لقب القاب، نه ڌن دولت...

اهڙن ماڻهن جي هجوم مان هڪ منهنجو به واقف آهي، واقف ڇا آهي، منهنجو همزاد آهي. سندس نالو شاهنواز راڄپر آهي. ڏهاڪن کان مان کيس سڃاڻا، انوقت کان جڏهن ٽيپ رڪارڊر سندس ڪڇ ۾ هوندو هو ۽ هو لانڍي کان لاهور تائين پنهنجي رهبر جي ڪڍ ڪڍ هوندو هو ۽ سندس هر تقرير، هر پريس ڪانفرنس کي نوٽ ڪندو هو، ۽ پوءِ ان رهبر ڪٺورتا سان کيس ڪاڄ مان اهو چئي اٿاري ڇڏيو هو ته جنهن شيءِ کي اوهان سڀ پنهنجو گڏيل ورثو ٿا سمجھو سو درحقيقت سندس ذاتي ملڪيت آهي.  شاهنواز راڄپر جيڪو 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي جدوجهد ۾ سڀ کان وڌيڪ جيل گھاريندڙ هو صرف ان ڪري ته هُن معافي لکي ڏيڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو هو. ايم آر ڊي جي جدوجهد بدولت جڏهن آمريت جا پاڇا هن ملڪ تان ٽري ويا هيا ۽ جمهوري راڄ قائم ٿيو هو ته ان جمهوري راڄ مان رڄ ڪري ڪمائيندڙ سندس ڳوٺ ۽ آسپاس جي سياسي اداڪارن کيس ڪڏهن کيڪاريو به ورلي هوندو. شاهنواز راڄپر، مختيار حاجاڻو، غلام مصطفى ڪٽوهر ۽ مون سنڌ يونيورسٽي شاهه عبدالطيف ڪيمپس خير پور ۾ 1981ع ۾ داخلا ان لاءِ ڪونه ورتي هئي ته ڪي اسين اتي وڃي ڪورس جي ڪتابن کي پڙهي ڪامورا ٿينداسين اسان جو مقصد هو ته ڪيمپس ۾ پنهنجي تنظيم جو ڪم ڪنداسين ۽ اسان کي اهو فخر آهي ته اسان پنهنجي ان مقصد ۾ 200 فيصد ڪامياب ويا هياسين ۽ ها شاهنواز راڄپر کي اها پڙهائي به راس ڪانه آئي هئي، هُن ايجنسين پاران ڏنل ساڻن تعاون واري آفر کي ٿڏي ته ڇڏيو هو پر ان سان گڏ کيس اها پنهنجي پڙهائي اڌوري ڇڏڻي پئجي ويئي هئي ۽ هو پنهنجو وقت شهيد فاضل سان گڏ گذارڻ لڳو هو. بعد ۾ راهو خاندان سان سندس اهڙو ته سنگ جڙي ويو جنهن کي مان ڪو به نانو ڏيڻ جي قابل ناهيان، فاضل شهيد ٿي ويو ته شاهنواز راڄپر اسماعيل راهو ۽ اسلم راهوءَ جو ٿي رهجي ويو. اسماعيل راهو صاحب وزاتون ماڻيون، سندس صحبت ۾ رهندڙ ڪروڙپتي ٿي ويا، راهو صاحب مشرف جي دؤر ۾ جيل اندر رکيو ويو هو. هڪ قيدي ڀت جي اندر هو ۽ هڪ قيدي ڀت کان ٻاهر هو، ڀت جي اندر رهندڙ قيدي ته ”جيل جا ڏينهن جيل جون راتيون“ ڪتاب لکي تاريخ جوڙي ڇڏي پر جيل کان ٻاهر رهندڙ قيدي شاهنواز راڄپر کي ڇا مليو؟  اچو ته کانئس ئي ٿا پڇون ” منهنجو الميو اهو رهيو آهي ته مون پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي ۽ منشا سان ناهي گذاري، کوڙ دفعا چاهيندي به ته رستو مٽايان، من ڪونئون گس ملي وڃي پر هر طرف نظر سان گڏ وکون به ڊوڙايم پر ناڪاري ۽ اوگڻ روين ئي منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ منهنجي ذهن تي ”امراءُ جان“ جو گانو ”جستجو  جس کی تھی وہ  تو  نہ  پایا  ہم  نے، اس  بہانے   دیکھ لی دنیا  ہم  نے“ ،سو دنيا جي پاڇن پٺيان پڄڻ بجاءِ پنهنجي پيرن تي بيهي ٿو رهان، ٺيڪ آهي. سو انيڪ رويا جن تي سوچي کل به ايندي اٿم ته ڏک به ٿيندو آهي ته منهنجي واري اچڻ تي منهنجي ئي دوستن وٽ منهنجي لاءِ ”قومي ترانو ڇو ٿو وڄي وڃي؟“. (سائين شاهنواز راڄپر پاران مون ڏي لکيل خط مان ٽڪڙو)   

شاهنواز راڄپر جنهن زندگي جي تلخين مان جيڪڏهن ڪجھ سکيو آهي ته اهو آهي وفا، قرباني، ڏيڻ. سائين شاهنواز راڄپر سور سختيون ته اڪيلي سر سهي ويندو آهي پر جڏهن خوشين ۽ شادمانين جو ويلو ايندو آهي ته سنگت ساٿ کي سڏي جشن ملهائيندو آهي. سو جيڪڏهن مون کي اجازت ڏيو ته مان  شيخ اياز جي ان سٽ ۾ واڌارو ڪريان ته ”ڪي گمنام ماڻهون ڀي تاريخ ٿين ٿا“...

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو