Monday, August 24, 2015

اچو ته گڏجي سڏجي ڳالهائڻ جو فن سکون


تازو هڪ پروقار ادبي تقريب ۾ شرڪت جو موقعو مليو، جنهن جي ميزباني پڻ هڪ تمام سٺو پڙهيل لکيل دوست ڪري هو. مون کي انوقت ڏاڍي حيرت ٿي جڏهن ميزبان دوست هڪ مهندار دوست کي مهمان خاص جي سيٽ تي ويهڻ کان اڳ 
لطيف سائينءَ جو هي شعر

ڄنگھ ڄرڪي وات ۾، سسي کي سنسار
چوڙا ٻيڙا چڪ ۾، لڙ ۾ لٽيس وار،
لکين چهٽيس لوهڻيون، ٿيلهيون ٿرنئون ڌار،
مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.

 پڙهيو، منهنجي ناقص خيال مطابق اهو برمحل نه هو ۽ وقت ۽ حالتن جي مدنظر بلڪل به اڻ موزون هيو. اسان جيڪي ان تقريب جا مهمان هياسين منجھي پياسين ته سائين اهو شعر ڪنهن کي مخاطب ٿي چيو آهي. ڪهڙا مڇ مڙيا آهن جيڪي سهڻي کي ڀاڱا ڪندا، اسٽيج تي ويهاريل علم ۽ عقل وارا يا اسان جهڙا ان تقريب مان لاڀ پرائيندڙ سامعين ۽ ناظرين... ان موقعي تي مون کي هڪ پراڻو ان جهڙوئي هڪ پروگرام ياد اچي ويو.  هڪ ڪامريڊ دوست پاران مهمان خاص کي ويهارڻ کان اڳ شعر پڙهيو هو ته؛

ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
 انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي،
وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئيرن جو.

شعر چئي مهمان خاص کي پنهنجي ڪرسي والارڻ جي دعوت ڏني هيائين.

اهڙي قسم جون غلطيون جوش خطابت ۾ ٿي وينديون آهن يا ڪي دوست مهمانن کي اسٽيج تي ويهارڻ يا ڳالهائڻ کان اڳ ڪونه ڪو شعر پڙهڻ لازمي سمجھندا آهن بنا شعر جي مفهوم سمجھڻ جي ۽ ڪي وري پنهنجي علم جي ڌاڪ ويهارڻ جي نيت سان به اهو عمل ورجائيندا آهن پر کين خبر ئي نه پوندي آهي ته هو ڪهڙي نه سنگين غلطي ڪري رهيا آهن. هڪ ٻي تقريب به مون کي ياد پئي اچي جيڪا هڪ ته روائتي نموني دير سان شروع ٿي هئي ۽ اسٽيج سيڪريٽري هر مهمان کي پنهنجي تقرير کي مختصر ڪرڻ جي وينتي ڪري رهيو هو پر هر ٻئي مهمان کي گھرائڻ کان اڳ اسٽيج سيڪريٽري 
هردفعي پاڻ هڪ عدد ڊگھي تقرير جھاڙي رهيو هو.

تقرير، بحث مباحثو، ڳالهه ٻولهه، قصو گوئي، ليڪچر ڳالهائڻ، پنهنجي ڳالهه يا نقطه نظر کي ٻين تائين پهچائڻ جا مختلف ذريعا ۽ طريقا آهن پر جيڪڏهن ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته اهي سڀ تمام عميق هنر آهن ۽ جيڪي انهن هنرن جي پيچيدگين کي سمجھي ڪم سرانجام ڏيندا آهن ته گھربل نتيجا حاصل ڪندا آهن ۽ انهن تي منڊيءَ ۾ ٽڪ وارو محاورو فٽ لڳندو آهي پر جيڪڏهن مڙوئي ڪم ٽپائڻ جهڙو ماحول هوندو آهي ته سنڌيءَ جو ٻيو هڪ محاورو به استعمال ڪندا آهيون ته “ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن الهيار”.

سنڌ جي نوجوانن کي ڳالهائڻ، ٻولهائڻ، بحث مباحثي ڪرڻ، ڊپلوميسي جا گر سکڻ، پنهنجي ڳالهه کي اثرائتي نموني ٻين تائين پهچائڻ جا هنر اچڻ گھرجن جيڪڏهن اسان جا نوجوان ذاتي، پروفيشنل، ادبي، ثقافتي ميدانن تي اڳتي اچڻ جا خواهشمندا آهن ۽ اهي دنيا کي تسخير ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا ته کين سوچ ۽ سمجھ سان، غور ۽ ويچار سان، محنت ۽ پنهنجي ذهانت سان اهي هنر سکڻا پوندا. هي دنيا ڪميونيڪيشن جي دنيا آهي، هتي ڪامياب اهو آهي جيڪو ٻين کي قائل ڪري سگھي، جيڪو پيچيدهه کان پيچيدهه مامرن کي تمام سادي ۽ سلوڻي نموني بيان ڪري سگھي ۽ جنهن کي خبر هجي ته ٻهراڙي جي ڪنهن ماڻهون سان ڪيئن ڳالهائبو آهي ته ڪنهن يونيورسٽيءَ جي ماهر پروفيسر سان ڳالهه ٻولهه ڪيئن ڪبي آهي.
اچو ته گڏجي سڏجي ڳالهائڻ جو فن سکون.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو