Sunday, October 23, 2016

ڪامريڊ ڊائريءَ جو هڪ ٻيو ورق 29 اگسٽ 2002ع خميس جو ڏينهن 19 جماد الثاني 1423 هجري وقت 11.20 رات جا. هنڌ ڳوٺ پنواڙي خيرپور ميرس



اڄ  وري 1999ع ۽ 2001ع جون پراڻيون ڊائريون جوکولي پڙهيم ته ڪيئي زخم اٿلي پيا، ڪيئي سنهري ڏينهن سامهون اچي ويا. زندگيءَ جي ڏکن کي ڪيئن منهن ڏنو اٿم ۽ اميد جي دامن کي ڪهڙي نموني هٿ ۾ جھلي هلندو رهيو آهيان اهو سڀ ڪجھ لکيل آهي، لفظن جي روپ ۾ قيد ٿيل آهي. انهن منهنجين پراڻين ڊائرين ۾، اهي ڊائريون ناهن پر منهنجي سوانح حيات آهن ته ڪڏهن ڪٿ هيم ۽ ڪهڙين حالتن ۾ هيس. انهن ڊائرين جو هڪ عدد چڱو خاصو فائيل به رکيو اٿم جنهن ۾ سادن پنن تي روزانه وهنوار سان گڏ تبصرا به لکيا اٿم ته ڪي تاريخي واقعات به درج ڪيا اٿم ۽ گڏوگڏ پنهنجي جسماني ۽ ذهني پيڙا جو اپٽار به ڪيو اٿم. ڊائري لکڻ ۽ پوءِ ان کي ور ور ڪري پڙهڻ منهنجو محبوب مشغلو رهيو آهي ۽ ائين ڪندي جڏهن ڪا پراڻي ڊائري جو ورق پڙهيو اٿم ته اهي خيال ذهن ۾ اڀريا آهن ته جيڪر اڃا وڌيڪ لکان ها!

ڪالهه کان ٻه عدد عنوان دماغ ۾ ڪتڪايون پيا ڪڍن ته مٿن ڪجھ لکان. هڪ ته مٺڙي ملڪ ۾ ڏاهن ۽ ساڃهوند ماڻهن جي عزت ناهي ۽ اهي ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪنهن اهڙي ملڪ ڏانهن هليا ويندا آهن جتي کين عزت سان گڏ موچاري مالي مدد پڻ ملي ويندي آهي. ائين پنهنجو ملڪ انهن جي صلاحيتن کان وانجھبو پيو وڃي ۽ جي اهو سلسلو جاري رهيو ته هت مڙوئي پيا ڪانگ اڏرندا. ٻيو موضوع ايم آر ڊيءَ واري تحريڪ جون ساروڻيون تحرير ڪرڻ آهي ۽ سوچيو اٿم ته اهي لکي رسالي ”تحريڪ“ ڏانهن موڪليان.


ڪجھ عرصي کان لکڻ جي مشق جو گھٽائي اٿم ته ويهي ڪجھ لکڻ تي ٻرو ٿو چڙهي، ويندي لاهور وارو سفرنامو جيڪو رف ته تيار آهي پر ان کي به فيئر نه ڪري سگھيو آهيان. بس ڏيئي وٺي پنهنجي هن ڪامريڊ ڊائري جي پنن تي لڪيرون پيون پايان. 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو