Monday, October 17, 2016

پروفيسر محمد رحيم راولاڻي؛ جاکوڙي انسان



سائين محمد رحيم راولاڻي پري کان پڌرو هوندو هو. مٿي تي مستقل سنڌي ٽوپي پهريل، مناسب قد، رنگ جو سانورو، 
چهري تي هروقت مرڪ سجائي هلندڙ هوندو هو. کيس ڏسي مون کي لطيف سائينءَ جون سٽون ذهن جي پردي تي اڀري 
اينديون هيون ته؛

سڪا منهن سندن پيرين پراڻا کيتڙا،
ساءِ جوءِ ڏوري آيا، سونهان جت منجھن،
ڳجھا ڳجھيون ڪن تهان پراهين پنڌ جون.

هونئن به سائين راولاڻي صاحب لطيف جو نه صرف عاشق هو پر ان سان گڏ لطيف شناس پڻ هو.
 منهنجون ساڻس تعارف گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ميمڻ ڳوٺ ۾1991ع ۾ ٿيو هو جتي سائين راولاڻي صاحب پنهنجي ڪيريئر جا 23 سال ارپيا هيا. مان ميمڻ ڳوٺ ڪاليج ۾ ڪو گھڻو عرصو ته ڪونه رهيو هوس پر دل ڏيڻ يا وٺڻ لاءِ ڪي صديون ته گھربل ناهن هونديون ۽ اهي پل جڏهن مان سائين راولاڻي صاحب سان مليو هوم ۽ پيار جا پيچ اسان وچ ۾ پيا هيا ته اهي سندس حياتيءَ تائين قائم ۽ دائم رهيا. سائين راولاڻي صاحب، پروفيسر غلام قاسم ڪنڀر، پروفيسر عبدالرزاق ڀٽي، پروفيسر آفتاب بروهي، پروفيسر مولانا بدرالدين ميراڻي ۽ منهنجو ڪاليج اندر گروپ هوندو هو جيڪي ڪاليج اندر گڏ اٿندا ويهندا هياسين، موڪل کان پوءِ گڏجي ميمڻ ڳوٺ جي هوٽلن تي چانهيون پيئندا هياسين ۽ خاص ڪري مان سائين راولاڻي ۽ سائين آفتاب بروهي ملير جي شاپنگ سينٽرن ۾ گڏجي ونڊو شاپنگ ڪندا هياسين، جتي خريداري ته جو ته بهانو 
هوندو هو پيا اکين کي آسيس پهچائيندا هياسين.
مان 1993ع ۾ بدلي ڪرائي سکر هليو ويو هوس پر ڇٺي ڇهه ماهي جڏهن ڪراچيءَ ۾ اچڻ ٿيندو هو ته سائين جن سان ڪنهن محفل ۾ يا سندس رهائش گاهه تي ڪچهري ڪبي هئي. ان کان سواءِ به منهنجو سائين جن سان خطن وسيلي رابطو هوندو هو.

سائين جن سان منهنجي آخري ملاقات سندس گھر تي ٿي هئي. اسان هڪ ٻئي سان ملي ڪيڏونه سرها ٿيا هياسين اها ته خبر بس اسان کي ئي آهي. ان زماني ۾ سائين بيمارين جي ور چڙهيل هيا پر وڏي دل گردي سان بيمارين سان مقابلو ڪري رهيا هيا. کيس رڳو بيمارين ڪونه وڪوڙيو هو پر يارن دوستن پاران ميل ملاقات ۾ ڪنجوسي ۽ خط ڪتابت کان ڪنارهه ڪشيءَ واريءَ روش به ڏاڍو رنجايو هو. جنهن جو اپٽار سائين جن مون سان ڪچهريءَ ۾ ڪرڻ سان گڏ پنهنجي خطن ۾ پڻ ڪندو رهندو هو.  

سائين راولاڻي صاحب کي نه رڳو يارن دوستن جي روين رنجايو هو پر ان سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي جي انڌيري مستقبل جا اولڙا پسي به سائين جن جو اندر ڳريل هو. کيس ڪراچي جي قهري ماحول ۾ پرائيوٽ توڙي گورنمنٽ اسڪولن ۾ سنڌيءَ جي مضمون کي نه پڙهائڻ واري سنڌي ٻولي دشمن روئي تي پڻ اڻ تڻ هوندي هئي.

 سائين جن اخبارن اندر ڪالم لکي ڪري شعور پکيڙڻ وارن منجهاران هوندا هيا. بچل ڳوٺ ملير وارو پناهه گير دهشت گردن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چڀندو رهيو آهي ۽ اهي وقت بوقت هن ڳوٺ تي هلان ڪندا رهيا آهن. انهن دهشت گردن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ سائين راولاڻي صاحب ۽ سندس گھراڻي جي دلير نوجوانن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. حقيقت ۾ جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ اڃا تائين اصلي سنڌي وسنديون قائم آهن، سنڌي ڳالهائي پئي وڃي، سنڌي ڪلچر ۽ ادب جي آبياري پئي ٿئي ته اهڙن سمورن سڀاويڪ ڪمن ۾ پروفيسر محمد رحيم راولاڻي صاحب جهڙن ڪردارن جو اهم، فيصله ڪن ڪردار نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي.  سائين پروفيسر محمد رحيم راولاڻي گھڻ پاسائين شخصيت هيا جيڪي تمام گھڻن محاذن تي سرگرم هيا. سائين بهترين خوشخط هيا، سندس هٿ اکرن سان لکيل خط مون وٽ موجود آهن جن ۾ سندس موتيءَ جهڙا لکيل اکر چٽيل آهن. اسان جڏهن به ملندا هياسين ته اسان جي بحث جو موضوع سنڌ، سنڌي ادب، تعليم، سنڌ جي سياست ئي هوندي هئي. اسان جو پرين سائين پروفيسر محمد رحيم راولاڻي سنڌي ادب تي وڏي دسترس رکندڙ هوندو هيو. سائين جن جڏهن ڳالهائيندا هيا ته جهڙوڪر بوسڪي ڪپڙي جا نرم ۽ نفيس ٿان پيا کلندا هيا. خوش مزاج، ننڍي وڏي سان هڪ جهڙو رويو رکندڙ سائين سان ملڻ کان پوءِ ڪنهن به قسم جي جنريشن گيپ نه رهندي هئي. راولاڻي صاحب جن جي دل سدائين پنهنجي ماروئڙن لاءِ ڌڙڪندي رهندي هئي. سائين مون کي پنهنجي زندگيءَ جي جيڪا ڪٿا سڻائي هئي اها پڻ تمام اتساهيندڙ هئي. جنهن ۾ سائين جن تمام وڏين ڏکيائين کي منهن ڏنو هو. سائين راولاڻي نه رڳو پنهنجي زندگيءَ ۾ سڦلتا ماڻي پر ان سان گڏ پنهنجي اولاد کي پڻ سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو.

شل سنڌ اندر سائين محمد رحيم راولاڻي جهڙا انمول انسان پيدا ٿين ته اسان جو معاشرو گھڻ پاسائين ترقي ڪري سگھي. اسان کي گھرجي ته سنڌي ادب، ٻولي، لطيف شناسي ۽ سنڌ دوستيءَ وارن راهن تي هلي پنهنجي پرين پياري دوست کي خراج تحصين پيش ڪريون.

جڏهانڪر ٿيام، ساڃاه سپرين جي
تڏهانڪر تر جيترو، ويل نه وسريام،
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.    (شاه


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو