Saturday, October 8, 2016

حيرت ڪدهه؛ توب جبل


روهڙي کان ڪوٽ ڏجيءَ تائين جيڪو جابلو سلسلو آهي ان جي اهميت تمام گھڻين ڳالهين جي ڪري آهي. هڪ ته اتي ڪيئي درويش مدفون آهن. هنن درويشن جي درگاهن کي محض روحاني راحت جو وسيلو نه سمجھڻ گھرجي.  تمام گھڻا ماڻهون اتي سير تفريح جي خيال سان پڻ ايندا آهن. انهن جاين تي خوبصورت قدرتي نظارن کي ڏسي پسي اکيون حيرت وچان کليل رهجي وينديون آهن. انهن جبلن جي سونهن ۽ سوڀيا ۽ قدرتي حسن جي ڳالهه انهن کان پڇو جيڪي اڌم سلطان، ڇتن شاهه، اڀن شاهه، شاهنودي بادشاهه، علي علمدار جي ٽڪرين تي چوڏهين جي رات رهيا هجن.


 هتي مختلف مذهبي عبادگاهون ۽ درگاهون آهن، ڪيئي قبرستان آهن، سوين سهڻن جابلو قطارن وچ ۾ هزارين ميلن تي پکڙيل موهيندڙ ماٿريون آهن. جبلن اندر ڪي قديم ترين غارون  پڻ آهن.  

اتر سنڌ اندر هرقسم جي اڏاوتي ڪم ڪارين لاءِ انهن جبلن مان روڙو، بجري، پٿر، چن حاصل ڪري استعمال ڪيو ويندو آهي. ان کان به اهم ڳالهه هي آهي ته هنن جابلو سلسلن جي دامن اندر هزارين سالن جي انساني تاريخ رقم ٿيل آهي. روهڙي کان چند ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اروڙ جو ڳوٺ آهي، هي اهو ئي اروڙ آهي جيڪو ڪڏهن سنڌ جي راڄڌاني هو. جڏهن سنڌ جو سرحدون قندار ۽ ڪشمير تائين پکڙيل هيون ۽ هتي ڪيئي راجه ۽ مهاراجه رهندا هيا. جنهن تي جارح بن قاسم حملو ڪري قبضو ڪيو هو. انوقت سنڌوءَ جو وهڪرو به اتان ئي هوندو هو. چون ٿا ته 962ع ۾ آيل عظيم زلزلي جي ڪري اهو عظيم شهر صفه هستيءَ تان ميٽجي ويو هو ۽ سنڌوءَ جو رخ به مڪمل نموني مٽجي ويو هو.  هاڻي ته اروڙ نارا ڪئنال جي ڏاکڻين پاسي ورسيل هڪ ننڍڙو ڳوٺ.  آهي. نارا ڪئنال جي اترين ۽ اولهائين پاسي گنبذ نما عمارتن ۾ ٻه قديم قبرون اڃا تائين موجود آهن، ڳوٺاڻا انهن کي ڏهاڳڻ ۽ سهاڳڻ جون قبرون ڄاڻائين ٿا.

 اتي ئي ڀرسان جبلن مان ڪيئي قديم فاسل ۽ ڄميل شيون مون کي مليون هيون. 

انهن قبرن جي پوئين اولهائين طرف بس تباهيءَ جا آثار آهن جتي پٿر جون ڪريش مشينون سنڌ جي هنن خوبصورت جابلو سلسلن جي ڀٿرن کي ڪٽي ان مان ريتي، بجري، روڙو ڪڍي وڪڻي ڪروڙين روپيا پيا جوڙين ۽ اسان جي ڪروڙن سالن جي تهذيب جنهن جي قيمت جو ته ڪو ڪاٿو ئي ناهي، کي بيدرديءَ سان تباهه و برباد پيا ڪن. 

اروڙ شهر جي ٿورو اڳيان اسان کي گھٽ ۾ گھٽ صدي يا ڏيڍ اڳ جڙيل عارف فقير ڀٽي جي درگاهه ۽ مدرسو نظر ايندو جنهن کي سائين رشيد ڀٽيءَ جا مائٽ اڄ به آباد ڪيون ويٺا آهن. 



مدرسي سامهون ڪالڪان ديويءَ جي غار آهي، جنهن جي لاءِ اها ڳالهه مشهور آهي ته ديويءَ هنگلاج وڃڻ لاءِ ان غار ۾ ٽُٻي هنئي هئي. ان مقدس جاءِ جي درشن لاءِ اسان جا هندو ڀائر دنيا جي هر خطي کان ڪهي ايندا آهن، پر هندو ئي ڇو مسلمانن جي به اتي لائين لڳل هوندي آهي جيڪي مدرسي مان ٿي ڪالڪان ديويءَ جو درشن ڪندا آهن. اهائي ته اسان جي سنڌ آهي جتي سهپ، ڀائپي، مذهبي هم آهنگي جا ڏيئا روشن آهن. 


ڪالڪان ديويءَ جي ان آستان جي بلڪل مٿان هڪ آرڪالاجيڪل سائيٽ آهي جتي ڏهه هزار سال اڳ رهندڙ جابلو انسانن پيليو ليٿڪ دؤر جي ڪارخاني جا اهڃاڻ موجود آهن. حقيقت ته هي آهي هنوقت تائين مون هنن جابلو سلسلن کي جيترو لتاڙيو آهي مون کي هر جاءِ تي اهي اهڃاڻ نظر آيا آهن. ان مان ته اهو ٿو معلوم ٿئي ته اهي انسان جيڪي هنن جابلو سلسلن ۾ رهندا هيا انهن ڪارخانن ۾ محض پنهنجي ضرورت لاءِ ئي نه پر اهو وکر واپاري مقصدن لاءِ پڻ جوڙيندا هيا. جيڪڏهن اها ڳالهه اسان جا ماهر مڪمل ثبوتن، ليبارٽري ٽيسٽن ۽ سائيٽ وزٽس سان ثابت ڪري ڏيکارين ته اسان جي ڏيهه جي ناماچاري بلڪل اهڙي ئي نموني ٿئي جيئن موهن جي دڙي جي ظاهر ٿيڻ بعد ٿي هئي. هن سلسلي ۾ سڀ کان جيڪا اهم ڳالهه آهي اها هي آهي ته رياست کي هڪدم چر پر ۾ اچي ماهرن کان سروي ڪرائي، خاص خاص ماڳن تي نشان لڳائي، انهن سمورن جڳهين کي انساني تاريخ جو ورثو قرار ڏيئي انهن جي حفاظت لاءِ انهن مان ريتي، بجري، روڙو، پٿر، ميٽ کڻڻ يا انهن جي کوٽائيءَ تي هڪدم پابندي لڳائڻ گھرجي. ڪالڪان ديويءَ جي آستان کان ٿورو اڳيان نينهن جبل (چار ٽڪر جبل) اچي ٿو.



 اهو پڻ هڪ انتهائي مفرد جبل آهي. مان اڄوڪي هن محفل ۾ انهن مامرن تي تفصيلي روشني وجھڻ بدران اوهان کي هن جابلو سلسلي ۾ اڃا ٿورو اڳيان ٿو وٺي وڃا جتي مان ۽ منهنجو گائيڊ دوست مسٽر يوسف ڪٽوهر 02  آڪٽوبر 2016ع واري ڏينهن تي گھمي ڦري آيا هياسين.

گھڻو اڳ جڏهن يوسف ڪٽوهر سان گڏجي مون ”ڪٽوهر ٽڪري“ سر ڪئي هئي ته انوقت کان وٺي اندر ۾ جهڙوڪر هورا کورا هئي ته هڪ دفعو وري ان پاسي وڃان، وري ڪنهن نئين ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي چڙهي خوشيءَ وارا هوڪرا ڪيا، وري ڪي نوان ڀٿر هٿ ڪيان، پر زندگيءَ جي وهنوارن ايترو ته ٻڌي ڇڏيو هو ته پنهنجي شوق جي ان پورائي لاءِ هڪ ڏينهن به ڪڍي نه سگھيو هوم. 02 آڪٽوبر 2016ع آچر جي جي ڏينهن لاءِ پڪو پهه ڪري ڇڏيو هوم ته هڪ دفعو وري پنهنجي محبوب جبلن جو واس وٺبو. ان ڏينهن تي سکر واري گھر مان نڪرندي نڪرندي ٿوري دير پڻ ٿي چڪي، يوسف ڪٽوهر کي اڳواٽ ڪال ڪري پروگرام جوڙي ڇڏيو هوم ۽ اسان اهو طئي ڪيو هو ته يوسف کي ڳوٺ داراواهڻ جي روڊ تي واقع غفار جي هوٽل تان کڻي اسان اڳتي سفر ڪنداسين. داراواهڻ شهر جي به هڪ تاريخي حيثيت آهي جنهن جو ذڪر ڪڏهن پوءِ ڪندس. شهر کي ڇڏي گاڏيءَ کي پير آرياڻيءَ واري روڊ تي ڊوڙائڻ لڳا هئاسين ته سج خاصو مٿي چڙهي چڪو هو ۽ چِٽ جي گرمي اتي ئي اکيون پئي ڏيکاريون ۽ سج باهه جا اُلا وسائي رهيو هئو. سرسبز آباد علائقي مان اڳتي نڪري جابلو ماٿريءَ ۾ قائم قديم ڳوٺن کي باءِ پاس ڪندي ورن وڪڙن وارن ڪچن جابلو رستن تي هلندي جڏهن مان ۽ يوسف توب جبل (مون ان کي توپ جبل جو نالو ان ڪري به ڏنو آهي ته جڏهن اسان جابلو سلسلي ڏانهن روان دوان هياسين ته جبل جي چوٽيءَ تي پٿر ڪجھ اهڙي ته ترتيب سان رکيل هيا جهڙوڪر ڪا وڏي توب اتي رکيل هجي)
تي چڙهڻ لاءِ رڙهي رهياهياسين ته ڏينهن جا يارنهن وڄي چڪا هيا. 


جبل جي هيٺيان ڪجھ مزدور بجري ٽريڪٽر جي ٽاليءَ  ڀري رهيا هيا. انهن ۾ داراواهڻ جو منظور خاصخيلي به هو مون جنهن کان ان علائقي جو نالو ۽ ٽڪريءَ تي پهچڻ لاءِ کانئس گس پڇيو هو. 

منظور ٻڌايو هو ته اهو علائقو پنج پير جو آهي ۽ اسان سندس ٻڌايل گس تي هلي اسان ان ٽڪريءَ جي پاڙ وٽ پهتا هياسين. هن قسم جي شديد گرميءَ ۾ خشڪ، گرم ۽ بي رحم جبل جي سير ڪرڻ واري فيصلي کي عقل ته رد پئي ڪيو پر شايد اهو عشق ئي هو جنهن مون کي پنهنجي گھر ۾ لڳل ايرڪنڊيشن ڪمري ۾ آرام ڪرڻ ڪونه پئي ڇڏيو ۽ نيٺ مون کي اتان ڇڪي ٻاهر ڪڍي اڻانگي سفر بعد اتي اچي ٿو بيهاريو هو. ڀلا جي عشق نه هجي ته جيڪر ڪير ڪشالا ڪڍي ها! مون کي ان جبل تي چڙهندي سسئي ڏاڍي ياد آئي هئي ۽ سسئي جي ڪردار کي امرتا ڏيندڙ مرشد لطيف جا شعر ذهن جي اسڪرين تي گھمي ڦري رهيا هيا.

ڏاگھن، ڏيرن، ڏونگرن ٽنهي ڏنم ڏک،
سي سڀ ڀانيم سک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي.

جيڪڏهن مقصد عظيم هجي ته پوءِ ماڻهون کي رستي ۾ ايندڙ تڪليفون به فرحتون لڳنديون آهن. اهو ئي چوڻ آهي مرشد لطيف جو ۽ سندس اهي ڳالهيون مون مڪمل نموني ان ڏينهن ئي سمجھ ۾ آيون هيون. هڪ اڪيلي، البيلي الهڙ ڇوڪري پنهنجي ور جي ڳولها لاءِ سڀ ليڪا لتاڙي گھر مان نڪري ٿي. کيس ڏاگهه جن تي کڻي پنهل کي نيو ويو هو سندس ڏير جن اهو ڪڌو ڪم ڪيو هو جن جا پرڪار به ڏُک پهچائين ٿا پر اهي سور روحاني آهن جن جو اثر دل ٿي ٿيندو آهي پر ڏونگرن جو سڌو سنئون اثر انساني سرير تي ٿئي ٿو، پير پٿون ٿين ٿا، اڃ لڳي ٿي، جبلن جا ڪنڊا رڳو ڪپڙن کي نه پر جسم کي به چيري رکن ٿا، ڳلو سڪي ٺوٺ ٿيو وڃي ۽ جسم مان سموري ست نڪريو وڃي پر وري به همٿون ته ڏسو ته سسئيءَ جي نزديڪ اهي سڀ سک آهن. 


مان جڏهن توپ جبل تي چڙهندي صفا ڏيئي وٺي بيٺو هوم ۽ واپسي جو جهڙوڪر فيصلو ڪري يوسف ڪٽوهر کي سڏي اتان رستي کان ئي واپس ٿيڻ وارو چوڻ وارو هئم ته لطيف سائينءَ جي اها سِٽ ساري مون ۾ هڪ ازغيبي طاقت اچي ويئي هئي.
 ٿوري ساهي پٽي، منرل واٽر جي بوتل جي پاڻيءَ (پاڻي جيڪو گرميءَ کي اوٻاريل پئي لڳو) مان ٻه ڍڪ پي، ان مان منهن تي ڇنڊو هڻي وري سفر شروع ڪيو هوم. مون کي اتي سنڌ جي ٻئي عظيم شاعر شيخ اياز جو شعر پڻ ياد اچي ويو هو ته؛
جلي ٿو جبل لوءِ هوريان ته هل،
پنڌ پنهنجو پري ڏينهن آهي تتل.

بلڪل ساڳي صورتحال هئي. 

ان جبل جي چڙهائي وقت مون کي ڪيئي اهڙا ڀٿر نظر آيا جيڪي عجيب غريب شڪلين وارا هيا. 


انهن کي ڏسي منهنجو يقين پختو پئي ٿيندو ويو ته هتي انسان ذات ۽ حيات جي ڪا عظيم تاريخ دفن ٿيل آهي. ڪو خدا جو بندو اچي انهن کي ڳولهي، چڪاسي، انهن مان نتيجه ڪڍي دنيا وارن کي ڏئي.
 اسان جبل جي جنهن پاسي کان چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هياسين سج به بلڪل ان جي سامهون باهه برسائي رهيو هو. انوقت اتر پاسي کان هوا ته گھلي رهي هئي پر جيئن ته اسان ڏاکڻين پاسي کان چڙهي رهيا هياسين ان ڪري ان هوا جو انوقت اسان جي اُس ۾ سڙيل سرير تي ڪوبه اثر ڏسڻ ۾ ڪونه پئي آيو.  يوسف ڪٽوهر هنن جابلو سلسلن ۾ ايندڙ ويندڙ رهيو آهي، جوان به آهي ۽ کيس مٿي چڙهڻ يا هيٺ لهڻ ۾ مهارت حاصل آهي انڪري هو منهنجي اڳيان اڳيان هلندي مون کي محفوظ جاءِ تي پير رکي مٿي چڙهڻ جون هدايتون متواتر ڏئي رهيو هو. 


يوسف مون کي اتي ساهي پٽڻ لاءِ ويهاري پاڻ ٿورو هيٺ لهي اتان ننڍڙي چاري کان جبل جي ٻئي پاسي ڪٿي گم ٿي ويو. ان وچ ۾ مون پنهنجي سر پاڻ جبل جي پٿرن ۾ پير ڦٻائي، هٿ وجھي هڪ جاءِ تان چڙهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. حالانڪه اهو وڏو رسڪ وارو معاملو هو، ڇوته مون وٽ جبلن تي چڙهڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو امدادي سامان ڪونه هو ۽ نه زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ ڪا دوا درمل جو بندوبست ٿيل هو. هتي ته بس اسين ٻئي هڪ ٻئي لاءِ سڀ  ڪجھ هياسين. منهنجو ڪوششون اڃا جاري هيون ته يوسف واپس ٿيندي ئي مون کي اتان چڙهڻ کان رڙ ڪري روڪيو ۽ مون به سندس ڳالهه مڃي هيٺ لهڻ لاءِ جڏهن پير رکڻ جي جاءِ ڳولهڻ لڳس ته خبر نه پي پئي ته ڪٿي رکان نيٺ قميض جو ڪپڙو هٽائي هيٺ نهاري پڪي ڄميل پٿر تي پير رکي هيٺ لهي آيم. يوسف ٻڌايو ته هيٺيان کان هڪ رستو وڃي ٿو جيڪو محفوظ آهي. اهو رستو جبل جي اندر هڪ کاهي جي شڪل وارو هئو. صاف لڳي پيو ته ڪيئي صديون اڳ جڏهن هي علائقو اڃا سمنڊ ئي هو ته يقينن سمنڊ جي پاڻيءَ جي صدين تائين مسلسل ٽڪرائجڻ ڪري اهي جبل جا پاسا ان نموني لسا ۽ کڏاوان ٿيا هوندا. ان قسم جا اهڃاڻ هن سلسلي ۾ جاءِ جاءِ تي نظر ايندا آهن. 


ان کاهيءَ واري گولائيءَ ۾ ڍونڍڙو ٿي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس ته يوسف وري خبردار ڪيو ته مٿي خيال ڪجو ته ڪنهن تيز جبل جي ٽڪري سان ٽڪرائجي نه پئو. سندس هدايت سؤ فيصد ٺيڪ هئي، جيڪڏهن منهنجو مٿو اتي ڪنهن جابلو پٿر سان لڳي پوي ۽ وقتي طور تي دماغي جھٽڪو لڳي ها ته مون کي هيٺ تمام هيٺ ڪرڻ ۽ ذرا پرزا ٿيڻ کان ڪير به بچائي ڪونه سگھي ها. بهرحال وڏي خبرداريءَ سان مان اهو مرحلو به طئي ڪري ورتو ۽ جڏهن جبل جي اترئين پاسي پهتاسين جتي جبل جي چوٽي جو سايو هيو، جتي ٿڌڙي هوا پگھريل جسم ۾ ان قسم جي راحت ڏئي رهيو هو جڏهن ماڻهون ڪاڙهي کان ايرڪنڊيشن ڪمري ۾ اچي. اتي ويهي مون ساهي پٽي، پاڻي ڍڪ به ورتم ۽ موبائيل کولي جيڪو ڪجھ سمجھ ۾ آيو اهو فلم بند ڪيم. 


 جيڪي خيال دل ۾ آيا انهن ۾ هي به هيا ته آخر ڪار اسان هنن جابلو سلسلن مان ڪمائي صرف انهن کي کوٽي، انهن کي ميساري، انهن جو وجود مٽائي حاصل ڪري سگھجي ٿو يا اهو به ممڪن آهي ته اهڙو ڪو ڪم ڪجي جنهن سان هي جبل به پنهنجي ساڳي صدين واري سونهن ۽ سوڀيا سان قائم ۽ دائم هجن ۽ اسان انهن مان ڪمائي پڻ حاصل ڪريون؟ منهنجي ذهن ۾ جيڪي هاڪاري جواب اڀريا اهي هيءَ هيا ته جيڪڏهن اسان هنن جابلو سلسلن ۾ دنيا جهان جو سير ڪرڻ وارن سيلانن جي ڏسڻ لائق بنائڻ وارين سهولتون مهيا ڪري سگھون، هنن جابلو سلسلن جي انساني تاريخ واري اهميت کي اجاگر ڪري اتي ڪي ميوزم قائم ڪريون، ٻه طرفه محفوظ ۽ مظبوط روڊ رستا جوڙيون، ڪي ڪيفي هائوس هجن، تفريح گاهن جو قيام عمل ۾ اچي، پاڻي، بجلي جي سهولت مهيا ٿيل هجي ته جيڪر بر ۾ بهاريون ٿي وڃن ۽ اهي ويران وستيون رنگا رنگي انساني اچ وڃ جو آماجگاهه بڻجي پون جنهن مان مقامي عام ماڻهن جي روزگار جا ڪيئي ذريعا کلي پون ۽ پڻ حڪومت جي آمدنيءَ ۾ پڻ اضافو ٿئي. اهي ڪم دنيا وارا ڪن پيا، اسان جي سياستدانن جي دل لڀائيندڙ دبئي ڪجھ سال اڳ ڇا هو؟ واريءَ جا گرم دڙا، گرم سمنڊ، گرم علائقو ۽ هاڻي اهو دنيا جي واپار، راندين، تفريحن، ميڊيا، فلم انڊسٽري،  روزگار حاصل ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو مرڪز بڻيل آهي. اسان جي شاهزادن، دادلن حڪمرانن جو وري اهو اصول آهي ته پنهنجا شهر، پنهنجو وستيون، پنهنجا ماڳ مڪان ويران ڪري وڃي انهن پراون پڊن ۾ عياشيءَ واري زندگي گذاريون! ڪاش کين اهو خيال ذهن ۾ اڀري ته پنهنجي ديس کي پڻ ان نموني آباد ڪجي، ان نموني سهولتون ڏئي ترقي وٺرائجي. پر هو ائين نه ڪندا ڇوته سندن ذهن رڳو منفي انداز سان سوچڻ جا عادي بڻچي چڪا آهن. اسان هر ڳالهه جي منفي پاسن ڏانهن ڏسندا آهيون، منفي عمل ڪندا آهيون، سٺين ڳالهين، روين، عملن ۽ عادتن کان چڙ لڳندي آهي.
 اتي ويٺي ويٺي، ٿڌڙي هوا جو مزو وٺندي ايترو ته حض پئي آيو جو دل پئي چاهيو ته شام تائين اتي ويٺا هجون. ان جو سبب رڳو اهو نه هيو ته ٿڌڙي هوا پئي گھلي يا جابلو سايو هيو پر ان سان گڏ آس پاس جي علائقي ۾ جيڪي ٻيون خوبصورت پهاڙي ٽڪريون هيون اهي به اسان جي بلڪل سامهون جڳمائي رهيون هيون. هتي جيڪي جبل آهن اهي مختلف شڪلين وارا آهن. ڪنهن کي ڏسو ته جهڙوڪر مصر جي اهرامن جهڙو ٿو لڳي،


ٻئي تي نظر وجھو ته جهڙوڪر ڪنهن عظيم ديوتا جي شڪل ٿي نظر اچي، 


ڪٿي ائين ٿو لڳي ته جهڙوڪر جبل جي چوٽي تي ڪو وڏو مور پکي لاڏ ڪوڏ سان ويٺو آهي، 


 يا ڪٿي وري ڪو وڏو واڳئون ننڊ ۾ ستو پيو آهي، 


ڪنهن جبل مٿان جهڙوڪر ڪڇئون پنڊ پاهڻ ٿيو پيو آهي. 


هر جبل منفرد هر ٽڪري الڳ، هر ماٿري جو پنهنجو الڳ حسن...مان ته حيرت جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳو هوس ته ياخدا ايتريون ساريون خوبصورتيون هڪ جاءِ تي ۽ ان کان پوءِ افسوس جا درياءَ منهنجي دل ۾ وهڻ لڳا هيا ته الاس ڪنهن کي هي منفرد، جاذب نظر، قيمتي وٿاڻ نظر ڇو ڪونه پيا اچن، ڪو اڳتي وڌي هنن کي اڃا وڌيڪ هاري سينگاري ڇو ڪونه ٿو.


 هنن خوبصورت وادين ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي مين ڪئمپس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر افسوس ته زمين جي چڪاس ڪرڻ کان سواءِ ئي تڙ تڪڙ ۾ اڏاوتون ڪيون ويون هيون ۽ جڏهن اتي روڊ رستا جڙي ويا هيا، جڏهن بجليءَ پاڻيءَ جو بندوبست به ٿي ويو هو ۽ سموري يونيورسٽي جي عمارتن جو 75 سيڪڙو ڪم مڪمل به ٿي چڪو هو ته ماهرن جي اک کلي هئي ۽ انهن ٻڌايو هو ته اها زمين ان قسم جي اڏاوتن لاءِ بلڪل به موزون نه آهي ۽ ائين يارنهن ڪروڙ روپيا کڏ ۾ اڇلايا ويا هيا. پر مان سوچيان پيو ته جيڪڏهن واقعي لطيف يونيورسٽي اتي قائم ٿي وڃي ها ته شايد انهن نڌڻڪن جبلن جي مالڪي ٿي پوي ها. مون کي هتي ويٺي ويٺي هن ئي سال جي جولاءِ مهيني ۾ ناراڻ، ڪاغان ويلي سان گڏ ڪشمير جي جهلم ويلي وارو ٽوئر ياد اچي ويو هو. ان پاسي جا جبل وڻن ٽڻن، گلن ٻوٽن سان ٻارهوئي جھنجھيل رهندا آهن ان جو هڪ سبب ته اتي سياري ۾ برفباري ٿيندي آهي ۽ اونهاري ۾ برسات پوندي آهي ۽ اسان واري هن علائقي ۾ برسات ته ڪڏهن ڪڏهن مهمان جي شڪل ۾ ايندي آهي، گھڙي پلڪ منهن ڏيکاري وري سالن تائين گم ٿي ويندي آهي. هونئن ته اسان جي هِن علائقي ۽ هُنن جي ان علائقي جا جابلو سلسلا الڳ حيثيت رکندا آهن پر هڪ ڳالهه ٻي به آهي ته پرئين پاسي وارن جبلن جي مالڪي بهرحال ٿئي ٿي جڏهن ته اسان جا هي ماڳ مڪمل نموني نڌڻڪا ۽ يتيم آهن. جن کي ورسائڻ، سينگارڻ، محفوظ ڪرڻ واريون ڳالهيون ته محض خواب ٿيون لڳن پر ڪاش رڳو جيڪا سندن شڪل صورت هن وقت تائين انسان هٿن کان محفوظ آهي ان کي ته بچائڻ گھرجي جيڪا بربادي ٿي سا ٿي هاڻي ته اکيون کولڻ گھرجن. 


پر مسئلو هي آهي ته ٻليءَ کي گھنڍڙي ڪير ٻڌي هتي ته سڀ کاٽائو پٽ آهن. هيٺ ماٿريءَ ۾ ڪجھ جهوپڙيون جڙيل هيون. حقيقت ۾ انهن کي جھوپڙيون چوڻ به ٺيڪ نه هوندو ڇوته جھوپڙين ۾ وري به ڪي ٿوڻيون هونديون آهن، وارا يا پنڃر رکبا آهن، انهن مٿان ڪي ڪک پن رکي ڍڪيو ويندو آهي ان قسم جو ته اتي ڪوبه امڪان نظر نه پئي آيو بس ڪي ڪاٺيون اڀيون ڪري انهن مٿان ڪجهه ڪپڙا رکيل نظر اچي رهيا هيا. ڪجھ سامان اندر ته باقي انهن جي آس پاس ٽڙيل پکڙيل پيو هو ۽ انهن ”گھرن“  جا رهواسي جبل جي پٽ خوهه ۾ مصروف هيا. انهن جبلن جي وچان اڊڙيل روڊ تي جڏهن مون واري مهراڻ جمپ کائي رهي هئي ته يوسف ٻڌايو هو ته ”هي روڊ سائين خورشيد شاهه جي ويجھو رهندڙ فلاڻي ٺيڪدار جا ٺهرايل آهن“ 


وڌيڪ ان ۾ اضافو ڪندي ٻڌايو هيائين ته ”ڪالهه تائين اهو ماڻهون جهڙوڪر پنندو هيو ۽ هاڻي پراڊو ۾ گھمي ڦري پيو، سائين خورشيد شاهه کيس اَڏي ڇڏيو آهي“. منهنجي دماغ ۾ انوقت اهي خيال اڀري آيا هيا ته جيڪڏهن هي روڊ ٺيڪ ٺهيل هجن ها ته اهو ”ويچارو“ ٺيڪدار ان نموني پراڊو ۾ ته گھمي نه سگھي ها سو سمجھڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جا شهر، اسان جا ماڳ، اسان جون وسنديون، اسان جا تعليمي ادارا، اسان جون تاريخي جايون ان ڪري به برباد آهن ڇوته انهن جي بربادي ڪري ڪجھ ماڻهون پراڊو تي گھمندا آهن، بنگلن مان محلاتون جوڙائيندا آهن، هر شهر ۾ سندن اوطاقون هونديون آهن، غير ملڪي ٽوئر هڻندا آهن ۽ اسين سندن شان ۾ نعرا هڻندا آهيون. جڏهن اتي ويٺي ڳچ عرصو گذري چڪو هو ته اسان کي واپس هيٺ لهڻ جو خيال آيو. يوسف چيو پئي ته سائين هي جبل صفا ٺوڙها آهن انهن تان سمورو روڙو روڙي ڪڍيو ويو آهي ان ڪري بهتر آهي ته ريڙهيون پائي هيٺ لهون ائين نه ٿئي ته پير ترڪي وڃي. سندس اندازو بلڪل صحيح هو. سندس هدايتن تهت مان ريڙهيون پائيندي هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ۽ جڏهن اڌ پنڌ تائين پهتو هوس ته انوقت مون واري موبائيل تي ڊگري ڪاليج رتيديري جي پرنسپل، پياري دوست، سائين شمس سارئي جي ڪال آئي هئي جنهن مون کان پنهنجي ڪنهن دوست لاءِ بيدل جي اردو ڪلام جي ڪتاب جي گھر ڪئي هئي. مون کيس يقين ڏياريو ته مان ان جا جاچ وٺي جلدي کيس سان رابطو ڪندس. سندس ڪال اٽيڊ ڪندي مون سوچيو پئي ته ٽيڪنالاجيءَ ڪيتريون نه اسان جي لاءِ سهولتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. هن جھنگ ۾ رهندي به ڪوهين ڏور پنهنجن سان سڌا سنوان رابطا هئڻ سان گڏ مان پنهنجي موبائيل سيٽ مان جيترا چاهيان ڦوٽو وٺي سگھان ٿو، وڊيو ڀري سگھان ٿو، پنهنجو يا ٻئي ڪنهن جو آواز به رڪارڊ ڪري سگھان ٿو. منهنجو موبائيل سيٽ مون کي طرفن جي ڄاڻ به ڏئي ٿو ته گرمي پد به ٻڌائي ٿو وغيرهه. ڪال جي ڪري وقتي طرح مان ذهني طرح ٻئي پاسي هليو ويو هوم، ٿورو هيٺ يوسف منهنجي انتظار ۾ بيٺو هو. نيٺ مان به ڪٿي ريڙهيون پائيندي، ڪٿي ڊونڊڙو ٿي پٿرن جي ٽيڪ حاصل ڪندي، ڪٿي پيرن کي پاسيرو ڪري، زمين يا اتي ڄميل ڀٿرن ۾ ڦٻائي هيٺ لهڻ جي ڪري رهيو هوس. ان نموني اسان هيٺ ته پهچي ويا هياسين پر هيٺ پهچندي منهنجو هڪ دفعو وري ساهه چڙهي پيو هو. مون واري مهراڻ ٿورو پرڀري پارڪ ٿيل هئي. اسان پنهنجي گاڏي ڏانهن وڃي رهيا هياسين ته اها ساڳي ڪلٽس ڪار جنهن اسان کي آرياڻي بادشاهه جي درگاهه وٽان ڪراس ڪيو هو ۽ يوسف سان گڏ مان جڏهن جبل تي چڙهي رهيو هوس ته اسان واري گاڏي وٽان ڪراس ڪري هلي ويئي هئي هاڻي واپس وڃي رهي هئي. اها ڳالهه مون کي انوقت سمجھ ۾ آئي ته اسان تي نظر رکي پئي وڃي، ڪي ماڻهون جن جبلن تي قبضو ڪري رکيو آهي جيڪي پٿر، روڙي ۽ بجري جي سپلاءِ تي انهن کان ڀتو وٺندا آهن انهن کي شايد شڪ جاڳيو هو ته شايد اسان به انهن جهڙا ڪي قبضاگير آهيون.

 گاڏي ۾ اسٽارٽ ڪري هلڻ لڳاهياسين ته يوسف پڇيو هو ته ”سائين هاڻي ڇا پروگرام آهي؟“ مون کيس وراڻيو هو ته ”ڏاڙهون فقير جي ٿاڪ تي ٿا هلون“. ياد رهي ته ڏاڙهون فقير اسان جي اباڻي قبرستان جو نگهبان آهي ۽ اهو اسان وارو قبرستان شاهنودي بادشاهه جبل جي ماٿري وٽ آهي. اڳئين دفعي جڏهن ڪٽوهر ٽڪري تي چڙهيا هياسين ته ڏاڙهون به اسان سان گڏ هو. سو جابلو ماٿريءَ ۾ ريتي بجريءَ وارن رستن تي گاڏي ڊوڙائيندي جڏهن ڏاڙهون فقير جي ٿان وٽ پهتا هياسين ته اتي ڏاڙهون موجود نه هو. اتي پهچندي پهچندي مون کي ائين لڳو پئي ته جهڙوڪر سرير مان ساهه نڪري ويو هجيم ۽ سوچيم پئي ته اڄ بيمار نه ٿيم ته ڪڏهن به نه ٿيندس. اتي ناديءَ توڙي دلن ۾ ٺريل پاڻيءَ مان گلاس اڌ نه رڳو پيتم پر هٿ منهن ۽ پير به ڌوتم، ته ڪجھ فرحت آئي. هٿ منهن ڌوئڻ کان پوءِ ڏاڙهو فقير جي ڪچي ڪوٺي ۾ وڇايل رليءَ تي آهلجي پيم ۽ ڪا گھڙي ته بنا سڌ ٻڌ جي اتي پيو هوم. يوسف مون کان پڇا ڪئي ته  سائين ”مان ۽ يوسف چاءِ، پتي ۽ کنڊ پاڻ سان کڻي آيا هياسين. پيو هو. گلاس ڀري چانهن جي پڇا ڪئي مون کيس چيو ته ”وارو ڪر ته ڪجھ ٿڪل جسم ۾ چستي اچي“ پر باهه ٻارڻ لاءِ ماچيس نه يوسف وٽ هيو نه مون وٽ ۽ جابلو سلسلي ۾ ڪو ماڻهون به نظر نه پئي آيو. پري تمام پري رڍن جي ڌڻ ساڻ گڏ ٻه عدد ڌنار نظر پئي آيا پر اهي تمام پري هيا انڪري انهن وٽان مدد ملڻ جي ڪا اميد نه هئي. يوسف جڏهن ماچيس جي تلاش ۾ ڪٿي گم ٿي ويو هو ۽ ڪمري اندر گرميءَ مان جان آجي ڪونه پئي ٿئي ته مان پڻ ڪمري مان نڪري ڪمري جي اترئين پاسي وڇايل رليءَ تي اچي ٿاڪ هنيو هوم جتي هلڪي اس جي تپش ته هئي پر هوا گھلي رهي هئي. سامهون منهنجي وڏڙن جو قبرستان ميلن تائين ڦهليل هو، اهو قبرستان جتي منهنجي ڪڙم جا سمورا وڏڙا ابدي آرامي آهن جن ۾ منهنجي جيجل امڙ، منهنجو لاهوتي بابا سائين، منهنجو موالي ڀاءَ، منهنجو روحاني استاد منهنجو چاچو، ڏاڏا سائين ۽ منهنجي صوفي سهري سان گڏ کوڙ سارا مڻيا دار ماڻهون شامل آهن اهي پنهنجي دؤر جا مشهور ۽ مقبول، محفلن جا مور، محنت ڪش انسان هيا جيڪي پنهنجو وارو وڄائي ويا. ٽي قل ۽ سورته فاتح پڙهي سندن روحن کي ثواب پهچائي سوچيو هوم ته هڪ دفعي اتي ويهي انهن ابدي ننڊ ۾ ستل انهن سمورن پنهنجي وڏڙن متعلق ڪجھ لکڻ جي ضرور ڪوشش ڪندس. 


قبرستان مٿان جابلو ٽڪريون هيون ۽ اولهائين پاسي پري تائين ماٿري نظر پئي آئي ۽ پري تمام پري کجين جا باغ ۽ سرسبز زمين جا ٽڪرا هيا. منهنجي سامهون هڪ قبر جي ڀرسان پکين جي پاڻيءَ پيئڻ ٻه عدد ننڍڙا ٺڪر جا ٿانو پيل هيا جن جي مٿان ڪا پٽ جھرڪي پاڻيءَ لاءِ لامارا ڏئي رهي هئي. ان کي ڏسي ڪمري ۾ وڃي ٻه عدد گلاس پاڻيءَ جا ڀري انهن ٿانون ۾ اوتيم ۽ گھڙي کن ئي نه گذري هئي ته هڪ جي بدران ٻه عدد جھرڪيون جن جو رنگ به جبل جي پٿرن جهڙو ميرانجھڙو هو ڪٿان اچي پاڻي پي ڪمري جي ڇانو ۾ ويهي گرم موسم مان پاڻ بچائي رهيون هيون. هنن جبلن ۾ ڪنهن وقت پٽ تتر به هوندا هيا خبر ناهي ته انهن جو نسل بچيو به آهي يا هنن جبلن اندر هرڻن وانگر ختم به ٿي چڪو؟؟!!  ايتري ۾ يوسف خبر ناهي ڪٿان هڪ تيلي هٿ ڪري آيو ۽ ماچيس جو کوکو اتي پٽ تي پيو هو ۽ ان هڪ تيليءَ پاڻ ملهايو ۽ اسان جي چانهن لاءِ باهه ٻري پيئي. چانهن جا پيالا جڏهن يوسف منهنجي سامهون رکيا ته مون کيس مانجھاندي ڪرڻ لاءِ اسيل جي مذيدار کارڪن ۾ رول ڪيل اوفراٽه ڏنا جيڪي مان گھران کنيو آيو هوس. انهن اوفراٽن ۾ مون گھران کارڪن مان بونڊيون ۽ کوکڙا ڪڍي رول ڪيا هيا.  يوسف کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ چيائين ته ”مطلب ته سڄو بندوبست ڪري آيا هيا.“  ان شاندار لنچ بمع کير پتي چانهه وٺڻ کان بعد جڏهن جسم ۾ سستيءَ جي جاءِ تي چستي آئي ته وري ڇڪيو سين پنڌ کي. 

قبرستان واري علائقي مان نڪري ناري طرف جڙيل روڊ تي گاڏي کي کڻي گھمايم ۽ يوسف کي چيم ته ”ٿورو اڳتي هلي ڏسون ته سهي ڀلا ان طرف ڪهڙا نظارا آهن.“  يوسف مون کي ٻڌايو ته ”او ان چڙهائيءَ کان پوءِ ڄاڱري ٻيرن جو وڏو قدرتي باغ آهي.“ مون چيو ته ”پوءِ ته ضرور ان پاسي هلنداسين. ان روڊ تي هيڪڙ ٻيڪڙ موٽر سائيڪل سوار اچي وڃي رهيا ته هڪ عدد سينگاريل پوٺوهار جيپ به اسان کي ڪراس ڪري ويئي هئي. روڊ جي ٻنهي پاسي جبلن جي چوٽين تي ڪي ماڻهون جبلن مان پٿر پٽي انهن کي اتان ئي رڙڪائي هيٺ اڇلي رهيا هيا ۽ اهي ڀٿر جبل جي اوچائيءَ پنهنجو پاڻ هيٺ پئي پهتا. اتي ٻنهي پاسي مختلف جبلن جي چوٽين مون کي ڏاڍو موهي وڌو هو ۽ دل ۾ سوچيم پئي ته ڪاش مون وٽ ڪا سٺي پروفيشنل ڪيمرا هجي ته ان جي اک ۾ انهن نظارن کي ان نموني ئي قيد ڪري ڇڏيان جيئن منهنجي اک انهن کي ڏٺو پئي. بهرحال مون پنهنجي هيڻي حال طور پنهنجي موبائيل تان اهي ڦوٽو ڇڪي رهيو هوم. اتي ئي مون کي سائين شاهنواز چاچڙ جو خيال آيو هو جيڪو ان ڪم جو ماهر آهي ۽ وٽس سٺي معيار جون ڪيمرائون پڻ آهن. مون پنهنجي موبائيل مان سندس نمبر ته ملايو هو پر يوفون جا سگنل اتي صفا جواب ڏيئي بيٺا هيا. اسان يوسف جي ٻڌايل ٽڪري پار ڪري جڏهن هيٺ ماٿريءَ ۾ پهتا هياسين ته واقعي اتي ڄاڱري ٻيرن جو عظيم عاليشان قدرتي باغ هو جنهن جو ڇيڙو خبر ناهي ڪٿي پئي وڃي دنگ ڪيو. سوچيو اٿم ته ٻئي دفعي اتي اچي ان باغ جو پيڇو ڪري جاچ جوچ ڪبي ته اهو باغ ڪيتري ايڪڙن تي ڦهليل آهي. 


ان ڏينهن جڏهن اسين اتي پهتا هياسين ته ٻيرن ۾اڃا ٻور آيل هو. اتي ڪجھ ڦوٽو وٺي واپسي لاءِ جڏهن هڪ جابلو چوٽي وٽان لنگهي رهيا هياسين ته اتي پيل ڪجھ پٿرن منهنجو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪايو هو ۽ گاڏي کي پاسي تي بيهاري اسان انهن ڀٿرن کي جاچڻ لاءِ وٽن پهچي ويا هياسين. اهي پٿر يا اهي فاسلس جيڪي هيا اهي ڪنهن پٿريلي جبل جي چوٽيءَ تان ورتل نه هيا پر اهي ان بجريءَ مان نڪتا هيا جتي ٽڪر مزدورن کوٽائي ڪئي هئي. انهن عجيب غريب پٿرن کي ڏسي نه رڳو مان پر يوسف به حيران رهجي ويو هو. يوسف جنهن کي هاڻي جابلو ڀٿرن جي اهميت سمجھ ۾ اچي ويئي هئي ۽ هو هر هر مون کي اهو ٻڌائي رهيو هو ته ”سائين جي جيڪي ٽڪر آهن اهي مٿان جبل کان ناهن لاٿا ويا پر اهي کوٽائيءَ مان نڪتل آهن ان ڪري اهي ڪن انسان جي هٿن مان جڙيل آهن.“ مون دل ئي دل ۾ سندس سياڻپ کي داد ڏيندي ان ۾ واڌارو پئي ڪيم ته ”يا وري اهي ڪن انسانن يا جانورن جا فاسلس به ٿي سگھن ٿا جيڪي صديون اڳ اتي رهندا هيا“. انوقت مون واري موبائيل جي بيٽري به جواب ڏئي چڪي هئي ۽ انهن عجيب شڪلين وارن فاسلس جا ڦوٽو وٺڻ کان محروم رهجي ويو هوم. ڪاش ڪي ماهر هنن جاين جي کوٽائي ڪن، انهن اهڃاڻن کي سڃاڻن ۽ اهڙن جاين تان بجري، ڀٿر، روڙو کڻڻ يا کوٽائي ڪرڻ واري ڪم تي وارو ڪم جيڪي ٽڪر مزدور ڪن ٿا انهن تي پابندي هڻن. هنن اسان جي جبلن مان چوويهه ڪلاڪ، هفتي جا ستئي ڏينهن پٽ کوهه پئي هلي. ڪي قبضا خور ته آهن پر ڪابه سرڪاري پڇا ڳاڇا جو ڪو قانون ناهي. جنهن کي جيڪا به شيءِ جتان به وڻي اتان کڻي سگھي ٿو.











اندر ۾ اهي جڪ کائيندي جڏهن واپس دارواهڻ جي غفار هوٽل تي پهتا هياسين ته شام جا ساڍا چار کن ٿي چڪا هيا ۽ هوٽل واري چيو پئي ته پنجين وڳي کير ايندو ته اوهان کي چانهن پياريان ٿو. جڏهن تازو کير آيو ۽ غفار چانهن جو ٻاٽلو چاڙهيو ته خبر ناهي 
ڪٿان کان ماڻهن جو ميڙ مٿس ڳاهٽ ٿيڻ لڳو هو. سندس چانهن واقعي به شاندار هئي. مون ۽ يوسف اهو عزم ورجائي موڪلايو ته



جلد وري ڪنهن ٻي ٽڪريءَ کي گڏجي سَر ڪنداسين.

.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو