Friday, November 13, 2020

تبديلي

 تبديلي ڪا اڪ جي ماکي ناهي جنهن کي هرڪو سولائيءَ سان لاهي ماکي جي لار مان وهندڙ ماکيءَ کي چيچن سان چٽي مزو ماڻي سگھي!. تبديلي ڏکي، پيچيدهه، ۽ اذيت پهچائيندڙ آهي، تبديليءَ لاءِ سالن، صدين جي جاکوِڙ، هنرمندي، ايمانداري، سچائي ۽ پنهنجي ڪم سان عاشقن واري انسيت کپي. مٿين ڏنل مثال کي ٿورو غور سان ڏسو ته ماکيءَ جون جيڪي مکيون آهن اهي ڪيترو نه هنر مند، اورچ، محنت ڪش آهن جيڪي گلن ٻوٽن مان رس کڻي اچي ماکي تيار ٿيون ڪن. 

تبديلي ڏکي ڪيئن آهي؟

مثال طور سنڌ جو ڪو ماڻهون ڪنهن وڏي درگاهه جو مريد هجي ۽ اهو سمجھي ته پيري مريدي غلاميءَ جي بدترين شڪل آهي ۽ ان ڪري هو پنهنجو رستو مٽائي ڇڏي...

ڪو ڪنهن فرقي سان تعلق رکي ٿو ۽ ان فرقي کي ڇڏي باقي سڀني کي ڪافر ٿو سمجھي ۽ جڏهن کيس اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي ته هو ڪيترو نه ڀٽڪيل آهي جو پنهنجي فرقيواريت واري خسيس سوچ ڪري پوري دنيا وارن سان نفرت ٿو ڪري ۽ اهو سوچي هو اهو زهر پنهنجي رڳن مان خارج ڪري ڇڏي....

ڪو ڪامريڊ سنڌ  سنڌ ڪندي رڳو جھيڙن جھٽن، غنڊا گردي، ڀتاخوري، ڏوهاري ذهنيت سان شين کي ڏسي ٿو کيس ان ڪم کان سواءِ بيو ڪجھ سجھي ئي نه ٿو، اهو ان ڪم تي لعنت وجھي، ڪتابن، ڪمپيوٽر،  علم، فلسفي، منطق ڏانهن موٽي اچي....

پاڻ کي اوچي ذات وارو سمجھندڙ ۽ باقي خدا جي خلق کي ڪيڙا مڪوڙا سمجھي کين حقارت سان ڏسندڙ اهو سمجھي ته اها ته سندس ڪميني سوچ آهي، انسان ته اهو بهتر آهي جنهن جا عمل سٺا آهن، ذات ۽ نالو ته بس سڃاڻپ لاءِ هوندا آهن....

اسان جا نڪما شاعر، صوفي، اديب، جيڪي سڄو ڏينهن خيالي دنيا ۾ رهن ٿا اهي زماني جي حقيقي ڏکن سورن کي ڏسي پسي انهن تي قلم کڻن ۽ قلم کي هڪ ناقابل شڪست هٿيار طور ڪتب آڻين....

عام ماڻهن جي رت ۽ ست تي پلنجندڙ ڄؤرن جهڙا ڪامورا پنهنجي عام انسانن کي آزارڻ بدران واقعي ماڻهن جي خدمت ڪن....

سياست دان ڪوڙن، دلفريب نعرن جي آڙ ۾ عام ماڻهن کي سبز باغ ڏيکارڻ بند ڪن، سياست کي عبادت جو درجو ڏيئي ماڻهن جي خدمت ڪن.....

سنڌي سماج عورت کي انسان سمجھي انهن سان برابريءَ وارو رويو رکي ۽ انهن کي سمورا انساني حق مهيا ڪري ڏئي....

؛


ڏيو خبر اوهان ڪهڙي ڪيٽيگري ۾ اچو ٿا،،،،ڇا اوهان پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهيو؟ جي اوهان جو جواب ”ها“ آهي ته تمام سٺو پر جيڪڏهن اوهان کي مٿيون ٻڌايل ڳالهيون زهر ٿيون لڳن ته مهرباني ڪري اوهان ٻين تي تبديل نه ٿيڻ جون تهمتون نه هڻون....

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو