Friday, November 13, 2020

ڏور مَہ ڏيئان ڌار

 ڇا اوهان جي خواهش آهي ته ڪاميابيون ماڻيو؟ ڇا اوهان چاهيو ٿا ته دنيا وارا اوهان جو مثال ڏين؟ اوهان خوشحال ۽ عزت واري زندگي گذاريو؟ ڇا اوهان جي خواهش آهي ته دنيا جهان جو سير ڪيو؟ ڇا اوهان جي اها به خواهش آهي ته اوهان جي ڪري اوهان جي مٽن مائٽن، يارن دوستن ۽ سماج وارن کي فائدو ٿئي؟

مون کي يقين آهي ته هر مثبت سوچ رکندڙ اهو ئي چاهيندو، پر اهو سڀ ڪجھ پاڻيهي ڪونه ٿي سگھندو ان لاءِ اوهان ڀلي قراقرم جي چوٽي سر نه ڪيو پر بس هڪڙو ڪم ڪيو ڪتابن سان دوستي رکو، پنهنجي ڪورس جي ڪتابن سان گڏ علم، ادب، تاريخ، نفسيات ۽ ٻين موضوعن تي ڇپيل ڪتابن جو مطالعو ڪيو. جي اوهان پنهنجو پاڻ ۾ اها مثبت عادت پيدا ڪري وڌي ته مان اسٽامپ پيپر تي اوهان جي يقيني ڪاميابيءَ جي سند لکي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هڪ ڳالهه ياد رکڻ جي آهي بقول لطيف سائين جي پڻ ته

ڏورج ڏيئو هٿ ڪري ڏور مَه ڏيئي ڌار

ڪوڙين لک هزار اونداهي انڌا ڪيا.

ڏيئو علم آهي، ڪتاب آهن انهن مان جيڪا حاصلات آهي اها روشني آهي، علم کان سواءِ، ڪتابن کان سواءِ، سوچ ۽ لوچ کان سواءِ، تنقيدي سوچ کان سواءِ اوندهه ۾ هٿوراڙيون هڻڻ برابر آهي ۽ ان قسم جو ماڻهو ان پهاڪي جيان ته ندي ڪناري نينگر لڏي اڄ نه ٻڏي صبحاڻي ضرور ٻڏي. ان ڪري جي اوهان پنهنجو پاڻ کي ٻڏڻ کان بچائڻ ٿا گھرو ته ڪتابن جي پربهار، سوجهري واري پاسي هليا اچو، ڪتاب اوهان جا اهڙا دوست ثابت ٿيندا جنهن جو اوهان اندازو به لڳائي نه ٿا سگھو.

سنڌ اندر ۽ خاص ڪري نوجوانن اندر پڙهڻ جو رجحان تباهي جي حد تائين گھٽجي ويو آهي ۽ ان ڪري اسان جي نوجوانن کي پبلڪ، پرائيويٽ توڙي ڪارپوريٽ سڪيٽر ۾ پنهنجو پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ تمام گھڻيون ڏکيائيون پيش پيون اچن. سڀني ڳالهين جو حل آهي مطالعو، روزاني جي بنياد تي مطالعو، جيڪڏهن اوهان شاگرد آهيو يا نوڪري ڪندڙ، يا دڪاندار، واپاري يا ڪنهن به شعبي سان تعلق رکندڙ اوهان سڀني لاءِ ڪتابن جو مطالعو ضروري آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو