Thursday, November 12, 2020

کجيءَ جي اهميت

 کجيءَ جي وڻ جيان پنهنجو پاڻ کي ڪارائتو بڻايو.

ٿي سگهي ٿو تہ ڪجھ دوست رڳو اهو سمجهندا هجن تہ کجيءَ جي وڻ مان ان جو فصل يعني ڏنگ، ڏوڪا، قَتَلَ،ڇوهارا وغيره حاصل ڪيا ويندا آهن. کجيءَ جي وڻ مان اهو فصل تہ حاصل ٿيندو ئي آهي جيڪو مذيدار، غذائيت سان ڀرپور، لذيذ هوندو آهي پر منهنجا سائين کجيءَ جي هرشي ڪارائتي آهي. کجيءَ جا ڇوڏا، کجيءَ جون ڇڙهيون، ڇڙهين جا پن، سڪل گوشا ٻارڻ جي ڪم ايندا آهن. اهي اهڙو تہ ڀڙڪو ڏئي ٻرندا آهن جهڙوڪر مٿن پئٽرول هاريل هجي. بيکر جڏهن ڇوهارا جوڙڻ لاءِ تئيون چاڙهيندا آهن تہ انهن ۾ اڪثر ڪري کجيءَ جي ڇڙهين جا ٽڪر استعمال ڪندا آهن. کجيءَ جون ڇڙهيون گهرن جي چوگرد اڀيون لڳائي انهن کي گهر جي پردي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. گهرن، منهن ۽ بيٺڪن لاءِ جوڙيل ڇنن ۾ پنڃرن مٿان ڇڙهيون رکي انهن مٿان ٽوئيا رکي لنبي انهن جون ڇتون جوڙيون وينديون آهن. گوشن کي گهر جي ٻوهاريءَ طور پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. گوشن توڙي ڇڙهين مان تيليون ٺاهيون وينديون آهن جيڪي قلفين ۾ لڳايون وينديون آهن، لغڙن جون ڪمانون بہ کجيءَ جي گوشن مان جوڙيون وينديون آهن. کجيءَ مان حاصل ڪيل کاٻر سان گهر جا ٿانوَ ٿپا صاف ڪيا ويندا آهن ۽ کاٻر مان کٽن جون واڻ، نوڙيون پڻ جوڙيون وينديون آهن. اڳتي ٿا وڌون کجيءَ جي پنن مان هٿ جا پکا، ڇٻيون ۽ تڏا ٺهندا آهن. ڦوٽوءَ ۾ نظر ايندڙ وڏي قد بت واري کجيءَ کي جڏهن ڪيرايو ويندو آهي ان جي ٿڙ مان چار يا ڇھ عدد گهر جا شهتير نڪرندا آهن.

کجيءَ جي فصل مان مائو، آچار، بادام کجور، آڌيا، نر ڇوهارا، لوڻيون جوڙيون وينديون آهن. جن گوشن کي نر نہ ملي سگهندو آهي تہ انهن مان خصي ڪچيون پيدا ٿينديون آهن پر اهي ٻہ ڪارائتيون آهن جو ٻڪريون انهن کي شوق سان کائينديون آهن. جيڪي ڪُڪُيون (سڙي ويل ڪچيون يا ڏوڪا) ٿينديون آهن تہ اهي پڻ مال کي چاري طور ڏنيون وينديون آهن. کجيءَ جي ککڙيءَ کي ڪٽي ان مان سوپاريون ٺاهيون وينديون آهن. کجيءَ جي مٿين حصي کي ڪٽي ان مان جيڪا ڳر ملندي آهي جنهن کي   ڪچي چيو ويندو اهو پڻ کائڻ ۾ لذيذ ۽ سوادي هوندو آهي. کجيءَ جي تاڙي (شراب) مشهور مشروب آهي جنهن جو ذڪر شيخ اياز پنهنجي هڪ لکڻيءَ ۾ پڻ ڪيو آهي.

کجي هڪ مذهبي وڻ آهي. هندو پنهنجي پوڄا پاٽ ۾ پرساد طور اها پيش ڪندا آهن. ان ڪري کجيءَ جي فصل لاءِ هندستان هڪ عظيم عاليشان مارڪيٽ آهي. جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جا واپاري لاڳاپا ٺيڪ رهندا آهن تہ کجين جي واپارين جا جاوا ٿي پوندا آهن ۽ کين پنهنجي محنت جو ٺيڪ ٺاڪ معاوضو ملي ويندو آهي. مسلمان روضو اڪثر قتل سان کوليندا آهن. ساڳي نموني عيسائي ۽ يهودي پڻ هن کي پنهنجي مذهبي تهوارن ۾ احترام سان پيش ڪندا آهن.

سنڌ جي اصيل کجي دنيا جي سمورن کجين جي شهنشاھ کجي آهي. اصيل جا ڏنگ هجن، اصيل جي قتل هجي اصيل جا ڇوهارا هجن، اصيل جا آڌيا هجن ان جو ڪو مٽ ناهي. عيدن شاهي جي پڪل کارڪ ماڻهو وات ۾ وجهي جهڙوڪر ماکي ۽ مصري وات ۾ پئجي ويئي. ٽوٽي کجيءَ جا جنهن ٽنگر ڏوڪا نہ کاڌا تہ ان ڪجھ بہ نہ کاڊو، کنڀڙيءَ جا ڳاڙهسرا ڏوڪا... بس ڇا ڳالھ ڪجي اصل يمي...

افسوس رڳو هي آهي تہ هن شاندار فصل جي سرڪاري سرپرستي صفا ٻڙي آهي، ايڪسپورٽ پروموشن بيورو پڻ هن معاملي ۾ گڏھ جي مٿي تي سڱن وانگر گم آهي باوجود ان جي تہ هي فصل اربين روپيا پرڏيهي ناڻو ڪمائي ڪري ڏيندڙ آهي.

بس آخري ڳالھ اها ڪرڻي آهي تہ اچو تہ اسان پنهنجو پاڻ کي هن وڻ وانگر ڪارائتو بڻايون. اسان جا هٿ، پير، زبان، اکيون، دماغ نہ رڳو پنهنجو پاڻ لاءِ پر پوري انسانذات لاءِ ڪارائتو هئڻ گهرجن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو