Saturday, March 28, 2026

ڪنڊا مون پيرن ۾ توڙي لک لڳن


ڇوليون



گل ڪٽوھر

اڄ مان اوھان سان دل جو ڳالھيون ڪرڻ ٿو چاھيان، جيڪي ٻڌي اوھان کي حيرت ٿيندي ۽ اوھان سوچڻ لڳندا تـ ڇا واقعي اھو سچ بـ آھي يا ڪو زٽ آھي. اھي انوکيون ڳالھيون ٿي سگھي ٿو اوھان کي صفا زھر لڳن ۽ اوھان سوچيو تـ جي مان اوھان جي سامھون ھجان تـ لٺ کڻي مون تي صفا بيھجي وڃون يا ٿي سگھي ٿو اوھان کي مون تي پيار پڻ اچي وڃي. بس اھو سمجھي مان ھي عمل ڪيان پيو تـ شل ڪا ھڪ اڌ ڳالھ بـ اوھان جي سمجھ ۾ اچي وڃي تـ مان ائين سمجھندس تـ منھنجي ڪمائي صاب پئي. ھونئن سنڌي ماڻھو ٻڌل سڌل مصالحي دار ڳالھين تي اکيون پوري اعتبار ڪندآ آھن آھي پر جيڪي حقيقتون ھونديون آھن انھن کي مڃڻ يا سمجھڻ کان بنھ نابري واري بيھندا آھن. ائين آھي يا نـ؟ مثال طور جيڪڏھن ڪنھن جو ڪو گڏھ مري پوي ۽ ھو ان جي قبر جوڙي ان مٿان پڙ رکي ويھي رھي تـ ڪجھ ڏينھن اندر سنڌي سٻاجھڙا ان درگاھ تي پٽ جي اولاد ڳنھڻ لاءِ باسون باسڻ ھليا ايندا. اسان پنھنجي عظيم انسانن مرشد لطيف، سچل سائين، شاھ عنايت شھيد، شھيد ڀٽو، شھيد بي نظير، شھيد فاضل راھو جھڙن امر ڪردارن پاران ادا ڪيل عظيم ڪمن ڪارين، تخليق کي وساري انھن متعلق عجيب غريب ڏند ڪٿائن تي اعتبار ڪري سندن اصلي عظمت تي ڳاڙھا نشان لڳائي ڇڏيا آھن. مرشد لطيف جي درگاھ تي زيارت ڪرڻ وارن مان ڪيترن جي گهرن ۾ سندس رسالو موجود ھوندو؟ جنھن لاءِ پاڻ چئي ويا آھن تـ ” جي تو بيت ڀائين سي آيتون آھين، نيو من لائين پريان سندي پار ڏي“ اسان لطيف کي پير سمجھي سندس اڱڻ تي ويندا آھيون جتي لطيفي لات ڪندڙ فقيرن پاران ذڪر فڪر ٻڌڻ لاءِ ضرور ترسندا آھيون ڀلي ان جو اکر سمجھ ۾ نـ اچي. ڇو تـ پاڻ مان گهڻا تڻا اھا لطيفي لات ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ ٻڌندا آھن. ھاڻي لطيفي لات ڪندڙ اھي فقير پڻ تمام گهڻُو زماني ساز ٿي پيا آھن، انھن اتي ڌاڳن ڦيڻن تي شوڪارا ڦوڪارا ھڻي پنھنجو دڪان کوليو آھي. ھو انھن ڌاڳن ڦيڻن کي عطائي ڊاڪٽرن پاران ھر مريض کي ڳاڙھي دوا جو مھلول پيارڻ وانگر سڀني مرضن جي علاج لاءِ اڪسير ڪري وڪڻندا آھن. سندن خاص خريدار انڌن عقيدن جون ماريل ٻھراڙين جون مايون ھونديون آھن جن کي اسان جي نام نھاد غيرت مند مردن، جاھل ملن مولوين جي واعظن جي اثر ڪري، گھر جي چئن ڀتين ۾ قيد ڪري، علم، عقل، ڏاھپ کان وانجھو رکيو آھي. ھتي لطيفي لات تي لھر ڪندڙ عورتن کي بـ ڏٺو ويندو آھي جن جي لاءِ سنڌي ماڻھن اھو مشھور ڪري ڇڏيو آھي تـ مٿن جنن جو سايو آھي ۽ جن ڪڍرائڻ لاءِ ھتي ايندا آھن. جيئن تـ جنن ڪڍرائڻ لاءِ جيڪا اسپشلائيزيشن آھي اھا تـ پير گاجي شاھ وٽ آھي پر ان تائين جيڪڏھن ڪنھن جي پھچ ناھي تـ پاڙي جي ڪنھن پير يا لطيف جي درٻار تي ان جون فرنچائيز قائم ڪيون ويون آھن ۽ سنڌ جا ماڻھو انھن مان فيضياب پيا ٿيندا آھن. اسان جي تر ۾ شادي شھيد جي مزار تي ھڪ مجاور جيڪو جنسي مريض ھو اھو ماڻھن جي اڌ مٿي جي سور جو علاج ڪاتيءَ سان ڪٽي ڪندو ھو. ھڪ پريالوءَ جو نوجوان مون کي ھڪ دفعي اسان جي خانداني قبرستان واري پير شاھنودي بادشاھ جي درٻار ۾ مليو ھو جيڪو پريالوءِ کان پنھنجي سائيڪل تي چڙھي شاھنودي بادشاھ کان پٽ جي اولاد جي بشارت وٺڻ لاءِ اتي ٻن راتين کان ترسيو پيو ھو. روھڙي جابلو سلسلي ۾ اڪيچار اھڙا پير آھن. انھن ۾ ھڪ علي علمدار جي پڻ آھي، ان جي قبر پنجاھ فوٽ ڊگھي آھي. اھا قبر ھڪ علم پاڪ جي آھي. علم جڏھن زبون حالت ۾ پھچي ويو ھو تـ ان کي اتي دفن ڪري قبر جوڙي ويئي ھئي ۽ ھاڻي اھا ھڪ سدا آباد درٻار جي حيثيت ماڻي چڪو آھي اتي جڏھن اسان گھمڻ ويا ھئاسين تـ ڳوٺ لاڻيشن ڪوٽ ڏجي جو نوجوان اڄڻ مليو ھو جيڪو سخت بيمار ھو ۽ پنھنجي بيماريءَ جي علاج واسطي ٽن راتين کان اتي درٻار ۾ ترسيو پيو ھو پر اسان جي اتي وڃڻ تائين کيس ڪا بشارتڙي ملي نـ سگھي ھئي. خيرپور ۽ سکر جي وچ ۾ ھڪ درگاھ آھي جتي باس باسڻ ۽ پوري ٿيڻ بعد ھڪ عدد گڏھ پير صاحب کي دان ڪبو آھي. پاڻ سوشل ميڊيا تي گھڙيالن وارو پير سان گڏ کنڀا پير پڻ ضرور ڏٺو ھوندو. مون ڪيترا ڀيرا نوجوان سھڻين ڇوڪرين کي سچل ۽ لطيف جي درگاھن تي لھر ڪندي اکين سان ڏٺو آھي ۽ انھن ۾ اڪثريت وري بلوچ ذاتين وارن گھراڻن جي عورتن جي ھوندي آھي. دنيا وڃي ڪاٿي کان ڪاٿي پھتي آھي ۽ اسان اڃا تائين اڻ ڏٺل جنن ڀوتن کان جان آجي ڪري ناھيون سگھيا. جيتوڻيڪ انھن جنن ڀوتن کان وڌيڪ خطرناڪ، ھاڃيڪار تـ پنھجا سردار، وڏيرا، ڀوتار، جاگيردار، پير، مير، سيد، سياستدان، ملان مولوي، ڀوپا، درگاھن جا متولي وغيرھ آھن. پاڻ سڀ ھڪ ماڻھو مار ماحول ۾ گذاريون ٿا جتي ھٿرادو ذھانت جي ماھر ڊاڪٽر اجمل ساوند، دلير صحافي نصراللھ گڏاڻي، جان محمد مھر، ناظم جوکيو، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر، سائين ابراھيم جويو، شيخ اياز، امرجليل، سائين عطامحمد ڀنڀرو، سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو جھڙن جي ڪائي گنجائش ناھي انھن مٿان ابوجھل جي اولاد ڪفر جون فتوائون جاري ڪري کين مارڻ جون فتوائون جاري ڪرائيندي رھي آھي. ھتي اسي سالن جي عمر ۾ سورھن سالن جي نينگريءَ سان شادي ڪرڻ وارو ميان مٺو تمام وڏو مجاھد مسلمان آھي، جيڪو ھندو نياڻين کي اغوا ڪرائي کين بليڪ ميل ڪري ڪلمي جا ٻـ ٻول پڙھائي، نڪاح جو ڊرامو رچائي کين وحشي ۽ جنسي درندن آڏو ڦٽي ڪرڻ وارو ڪم ڪندو آيو آھي. ھتي پاڻ سڀ ڪيڙا مڪوڙا آھيون، پنھنجو جيئڻ ۽ پنھنجو مرڻ ڪا معنى نـ ٿو رکي. گذريل ڪجھ سالن ۾ برساتن ۽ ٻوڏن ۾ پاڻ سڀ اھو عمل اکين سان ڏسي چڪا آھيون. ھڪ پاسي اڌ سنڌ دربدر خاڪ بشر ھئي تـ ٻئي پاسي اسان جا آقا پرڏيھي امداد کي ڪيڪ پيس سمجھي نيرن ۾ واپرائيندا ھئا. زندگي جي تـ ڪنھن کي ڪا خبر ناھي پر پاڻ سنڌ وارا غزا جي پٽيءَ ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا جي بارود ۾ سڙندڙ، پڄرندڙ، مرندڙ فلسطينن وانگر صفا آزاد آھيون. جيئن مسلمان ملڪن جي حاڪمن ۽ دنيا جي اڪثر ظالم حڪومتن کي فلسطينين تي ڪو ڪھڪاءُ نـ ٿو اچي ان نموني ھتي پاڻ مٿان جيڪي نامراد ٿاڦيا ويا آھن انھن کي سنڌين جو ڪو ھيڻو حال نظر ڪونـ پيو اچي.  پنھنجو ماڻھو مار ماحول آھي جنھن ۾ سردارن، جاگيردارن، پيرن ۽ وڏن سياستدانن کي ڇڏي باقي سمورا انسان رڍن ۽ ٻڪرين واري زندگي گذارڻ لاءِ آزاد ڇڏيا ويا آھن. ھنن سنڌ کي ھڪ اونھي انداھي کڏ جھڙو خطرناڪ خطو بڻائي رکيو آھي جتي ڌاڙيل، ڦورو، منشيات فروش، وياج خور ماڻھو زھريلن نانگن ۽ وڇوئن وانگر عام انسانن کي ڏنگين ٿا ۽ حاڪم طبقا مٿن گھور گھور پيا وڃن ۽ کين کير پيا پيارين ۽ سموري سماج اندر کين معبتر بڻائي پيش پيا ڪن. اسان سنڌ وارن جي تنقيدي سوچ کي صفا تالا لڳل ٿا نظر اچن. اسان جي ان اٻوجھائپ مان عيار مڪار، چالاڪ، حرفتي، خود غرض سياستدانن، ملن مولوين، ذاڪرن، نام نھاد صوفين، ڪامريڊن، ڪامورن خوب خوب ڪمايو آھي. اسان ھر دفعي زھريلن نانگن کي پنھنجن جھولين ۾ نپايو آھي، انھن جا زھريلا ڏنگ سٺا آھن پر اسان اھي ڏنگ سھندي وري وري انھن کي پنھنجي سر جو تاج بڻايو آھي ۽ مون کي نـ ٿو لڳي تـ ويجھي مستقبل ۾ اسان جا سنڌي سٻاجھڙا انھن زھريلين جراثيمن مان پنھنجي جند آجي ڪري سگھڻ جھڙا ٿي سگھندا ڇو تـ سنڌ مان معياري تعليم گڏھ جي مٿي تان سڱن وانگر گم ڪئي ويئي آھي، منشيات فروشن کي کليل ڇوٽ ڏني ويئي آھي، ڪو صحت گهر ناھي، جيڪڏھن آھي تـ دوائون ناھن، ڊاڪٽر قاصائي بڻجي پيا آھن، شھرن ۽ ٻھراڙين جا روڊ رستا گند ۽ گٽر جي پاڻيءَ سان ملي گندگي جو شاھڪار ٿي پيا آھن، بي روزگاري عام آھي، ھاڻي چوريون، ڦرون، ڌاڙا، قتل، بدامني روزمرھ جي زندگيءَ جو حصو بڻجي پيا آھن.  سو اھڙي ماحول ۾ ڪا منطقي، سائنسي، تاريخي حقيقت بيان ڪرڻ ۽ اھو سمجھڻ تـ پنھنجا سنڌي سٻاجھڙا ان تي ڪو ڌيان ڌريندا ٻٻرن مان ٻير گھرڻ برابر ٿو لڳي. سنڌي ماڻھن کي ملان اسد اللھ کھڙي جھڙا مذھبي مشڪرا گھربل آھن جيڪي جنسي لطيفا ٻڌائيندا آھن تـ سڀ ڏند ٽيڙي کيس ڀرپور داد ڏيندا آھن، پر علم، عقل، ڏاھپ، منطق، سائنس، حقيقت تي مدار رکندڙ ڳالھيون ٻولھيون بنھ زھر لڳنديون آھن. دنيا جي گولي تي شايد اسان سنڌي شايد واحد اھا قوم آھيون جنھن کي پنھنجي جھالت سان غلاميءَ سان، ذلالت سان، اٻوجھائپ سان، غربت سان عشق جي حد تائين پيار آھي. سنڌ جو درد رکندڙ حقيقي سنڌ دوست ۽ عوام دوست باشعور فردن کي ان سلسلي ۾ وڏي جاکوڙ ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي ۽ کين لطيف سائين جي ھن بيت ۾ لڌل خواب جي ساڀيان ٿيڻو پوندو تـ؛   

  ڪنڊا مون پيرن ۾ توڙي لک لڳن، آڱر آڱوٺي نـ مڙي ڇپون پيرن ڇنن، ويندي ڏانھن پرين جتي جات نـ پائيان.

 

اٿي رائو ريل، ويٺلن تان واري وري


ڇوليون

گل ڪٽوھر

 سفر ڪندي سکڻ، پرکڻ ۽ مشاهدي ڪرڻ جا کوڙ سارا موقعا ملندا آهن. سفر ڪندي مختلف خيالن، سوچن، ٻولين ۽ تجربن وارا ماڻهون ملي ئي ويندا آهن ۽ حالي احوالي ٿيندي کانئن کوڙ ساريون نيون ڳالهيون سکي سگھجڻ جا امڪان هوندا آهن. اهي جيڪي وڏا سياستدان آهن، واپاري آهن، انٽرنيشنل ۽ نيشنل ڪمپنين جا ڪارندا آهن اهي سدائين چرپر ۾ رهندا آهن، پنهنجن مقصدن جي حاصلات لاءِ دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين سندن سفر سدا جاري ۽ ساري رهندو آهي ان ڪري سندن مشاهدو تمام تيز هوندو آهي اهي ڪنهن ماڻهون کي ڏسندي ئي سمجھي ويندا آهن ته اهو ڪهڙي قسم جو انسان آهي، انهن کي ڌوڪو ڏيڻ يا کين ڪنهن به ڪم ۾ چت ڪرڻ جهڙوڪر ناممڪن هوندو آهي. اهي خوبيون هو سفر ڪندي، سفر دؤران پيش ايندڙ انيڪ واقعن جو مان سبق پرائيندي، جاگرافيائي ماحول جو مشاهدو ڪندي ۽ مختلف خيالن، سوچن، عادتن، هنرن جي مالڪ انسانن سان ملي ڪري حاصل ڪندا آهن.  مون ڏٺو آهي ته هر سفر ۾ ڪونه ڪو ڪم وارو ماڻهون ملي ئي ويندو آهي.

ھڪ دفعي سکر کان اسلام آباد وايا لاهور جي فلائيٽ ۾ وڃي رهيو هوس ته منهنجي پويان ويٺل هڪ واپاري پنهنجي موبائيل فون تي مسلسل واپاري معاملا اڪلائي رهيو هو ۽ هو پنهنجو قيمتي وقت ضايع ٿيڻ کان بچائي ان کي سڦل ڪري رهيو هو. گذريل دفعي جڏهن ريل رستي لاهور وڃي رهيو هوس ته هندو واپاري نوجوان مليا هيا ۽ اهي ملندا ئي رهندا آهن جو مال خريد ڪرڻ، وڪڻڻ ۽ ڪاروباري معاملا اڪلائڻ لاءِ ئي اهي مسلسل تحرڪ ۾ رهندا آهن، بيشڪ تحرڪ ئي زندگي آهي، تحرڪ سان ئي تبديلي ايندي آهي، بيٺل پاڻي ڌپ ڪري ويندو آهي ۽ ان ۾ ڪيئي زهريلا جراثيم پيدا ٿي پوندا آهن، ويٺلن تي واري وري ويندي آهي منزل اهي ماڻيندا آهن جيڪي رَندن تي روئندا آهن يا پنهونءَ جي پچار ۾ جھرجھنگ، جبل، لڪَ سَر ڪندا آهن ۽ وڻجارا بڻجي سمونڊ سوجھيندا آهن ان ڪري اسان مان هرڪنهن کي سفر جو ڪوبه موقعو ضايع نه ڪرڻ گھرجي. منهنجو شمار ڪو اهڙن ماڻهن ۾ به ناهي جيڪي تواتر سان سفر  ڪندا آهن، پر منهنجي ڪوشش بهرحال اها ئي رهندي آهي ته ڪنهن نئين جهان کي پسڻ پرکڻ جو موقعو ڪڏهن به نه وڃائيان، ان سلسلي ۾ ڦڪڙ هوندي به ڪنهن نه ڪنهن نموني سونهاري سنڌ سان گڏ پياري پاڪستان جي چڱن خاصن علائقن جي ڌوڙ لتاڙي چڪو آهيان. هونئن هر ماڻهونءَ وانگر هوائي سفر ڪرڻ جو خواهشمند ته هوم پر پوري حياتيءَ ۾ اهڙو اتفاق جڙي نه سگھيو هيو، اجھو گذريل ڪجھ ڏينهن ۾ ان سفر ڪرڻ جا ڪجھ موقعا ملي سگھيا آهن ۽ مون به انهن مان خوب مزو ماڻيو آهي. جهاز جو سفر مهانگو آهي، ان کي برداشت ڪرڻ مون جهڙي انسان لاءِ مشڪل آهي پر مون محسوس ڪيو آهي ته کڻي جو  اهو مهانگو آهي پر ريل ۽ بس رستي ٿيندڙ سفرن ۾ جسماني ۽ ذهني اذيتن جو ڪاٿو لڳائجي ته پوءِ اهوسفر به گھٽ مهانگو لڳندو. جيڪي وقت جو قدر ڄاڻڻ سان گڏ، مليل وقت مان فائدو حاصل ڪرڻ جا سمورا گُر سکيل آهن ته انهن لاءِ هوائي جهاز جو ڪرايو ته هڪ انتهائي معمولي مسئلو آهي، اهي جهاز جو ڏهه هزارڪرايو ڀري ڏينهن ڏيڍ جي بچت ڪري ويهه هزار ڪمائي وٺندا آهن. حقيقت ۾ جهاز جو سفر هنن لاءِ هاڻي عياشي گھٽ پر ضرورت وڌيڪ آهي. ھونئن اسان عام پاڪستانين ۽ خاص ڪري سنڌ وارن وٽ جيڪا سستي ۾ سستي شيءِ آهي جنهن کي بنا ڪنهن مقصد جي زيان ڪرڻ کي پنهنجو قومي فرض سمجهندا آهيون اهو آهي ئي وقت! اسان جي نوجوانن لاءِ ته اهوئي وڏو مسئلو هوندو آهي ته ٽائيم ڪيئن پاس ڪن؟ سو وقت جو ڳلو گھٽڻ لاءِ انهن کي تمام گھڻا پاپڙ پيلڻا پوندا آهن.  ڪلاڪن جا ڪلاڪ گٺل پيٺل انڊين فلمون وري وري ڏسندا آهن، پب جي جھڙين راندين ۾ رات کي ڏينهن ڪري ڇڏيندا آهن، واهيات ويب سائيٽس جي وزٽ ڪري نه رڳو پئسا زيان ڪندا آهن پر ان سان گڏ پنهنجو ذهن گند سان ڀري صحت به پيا برباد ڪندا آهن، ڪرڪيٽ راند پنجن ڏينهن جي هجي يا ٽوينٽي ٽوينٽي جا پندرهن ڏينهن تائين هلندڙ ٽورنامنٽ ھجن، ڪوشش ڪري هڪ راند به نه گسائيندا آهن ۽ ريسلنگ جهڙي راند کي ڀلا اهي ڪيئن ٿا نظر انداز ڪري سگھن! مون اڪثر ڏٺو آهي ته چڱا ڀلا ڏسڻا وائسڻا ماڻهون ان مرض ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ کين نه رڳو انهن مسٽنڊن جا نالا ياد آهن پر کين اها به خبر هوندي آهي ته ڪير ڪهڙي ٽولي سان واسطو ٿو رکي ۽ سندس اڄ ڪلهه ڪنهن سان معاشقو هلندڙ آهي. سو منهنجي ايڏي وڏي تمهيد جو مقصد هيءَ آهي ته دنيا لاءِ جيڪا تمام گھڻي قيمتي شيءِ آهي جنهن کي بچائڻ لاءِ  اھي هوائي جهاز جي ڀاڙي کي به سستو سمجھندا آهن، پاڻ وٽ جهڙوڪر اهو بيڪار وکر آهي!

 

  منهنجو مشاهدو آهي ته اهي ماڻهون، ٻار يا عورتون جيڪي گھڻو سفر ڪيل هوندا آهن يا ڪندا رهندا آهن ته منجھن بلا جي خوداعتمادي اچي ويندي آهي، مختلف ماڻهن، ماڳن مڪانن کي اکين سان ڏسڻ ۽ پرکڻ ڪري اهي  تمام گھڻي ڄاڻ به حاصل ڪري وٺندا آهن. هي پنهنجي ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ پنجابي يا پٺاڻ ڀائر سڄو ڏينهن ملڪ جي هڪ حصي کان ٻئي طرف ۽ اتان کان وري ٽئين طرف پيا اچن وڃن ته ڇا وٽن پئسو ۽ وقت آهي جو پيا زيان ڪن، نه هرگز نه، ٻين ڳالهين سان گڏ سندن ان تحرڪ به کين اڳتي آندو آهي. هينئر مس مس سنڌين دنيا گھمڻ، ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ يا اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گھر جي چانئٺ ڇڏي پرڏيهه وڃڻ جي جرئت ڪرڻ سکيو آهي. منهنجي خواهش آهي ته اسان جي سنڌين کي ملڪ ۽ پوري دنيا جي چپي چپي ۾ گھمڻ ڦرڻ سان گڏ ڌنڌي ڌاڙيءَ لاءِ يا نوڪرين جي سلسلي ۾ پکڙجي وڃڻ گھرجي. شل ڪو ڏينهن اهڙو اچي ته لاهور، پنڊي، اسلام آباد. پشاور، ڪوئيٽا ۾ به اسان سنڌي ماڻهن جا علائقا هجن، لنڊن، نيويارڪ، پئرس، ٽوڪيو، سئزرلينڊ، تائين اسان پکڙيل هجون، جيئن ڪراچيءَ ۾ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جا اسڪول آهن ڪڏهن ڪو سڀاڳو ڏهاڙو اهڙو اچي ته پشاور، پنڊي، اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد ۽ ملتان ۾ پڻ سنڌي ميڊيم اسڪول قائم ٿين ۽ اسان جا ٻارڙا پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ جٿ ڪٿ تعليم حاصل ڪن، اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان وقت جي اهميت ۽ افاديت کي سمجھي ان کي جائز نموني استعمال ڪرڻ سکنداسين ۽ ان سکيا جو پهريون ڪم آهي سفر، لطيف سرڪار پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙن امر انسانن جي وڏي تعريف ڪئي آهي، جيڪي جبل، جھنگ، لڪ، ڀٽون لتاڙي، سمونڊ جي ويرين سان وڙهي ڪمائي ڪري ايندا آهن. مثال طور  هيٺ ٻه شعر سر سريراڳ مان پيش ڪيان ٿو؛

                         ” سي پوڄارا پر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،

                         آندائون عميق مان، لالون مان لهرن،

                        ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو.“

يا وري سندس هي خيال به ڪهڙو نه ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو آهي؛

                        “ اِي گت غواصن، جيئن سمنڊ سوجھيائون،

                        پيهي منجھ  پاتار جي ماڻڪ ميڙيائون،

                       آڻي  ڏنائون، هيرا لعل هٿن ۾.“

ان کان سواءِ سر کاهوڙي ته آهي ئي جُنگ جوانن جي ذڪر فڪر سان ڀريل جيڪي ٻاروهي سفر ۾ هوندا آهن،

                  

                       ” سڪا منهن سندن پيرين پراڻا کيتڙا،

                     سا جوءِ ڏوري آيا سونهان جت منجھن،

                    ڳجھا ڳجھيون ڪن تهان پراهين پنڌ جون.“

     يا ور ي هي خيال به ڪيڏي نه معنى ٿو رکي؛

                     ” جت نه پکيءَ پير تت ٽمڪي باهڙي،

                      ٻيو ٻاريندوڪير، کاهوڙڪي کير ري.“

    

  مان مڃان ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن اهي سفر انگريزيءَ وارا suffer  به بنجي پوندا آهن، پر ان کان گھٻرائڻ جي بدران ان کي هڪ قسم جي للڪار سمجهي منهن مقابل ٿجي. اڃ، بک، ٿڪاوٽ، بيزاري، گھر ڀاتين جي سڪ، سوڙهه سنگھيڙ، گھٽ آرام ۽ بيماريون به سفر جي ساٿ ۾ سلهاڙيل رهنديون آهن پر منزل ماڻڻ کان پوءِ جيڪو مزو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ اهي ننڍڙيون شيون آهن. منزل کي اهي ئي ماڻيندا آهن، جيڪي مقدر جا سڪندر هوندا آهن.

 سنڌين ۾ مولى پاڪ تمام گھڻيون خوبيون رکيون آهن، بس محض گھر جي چلهه ڇڏڻ جي دير آهي ۽ هاڻي برف پگھرڻ شروع ٿي چڪي آهي. منھنجو فوجي ڀاڻيجو وليداد خان فوجي نوڪري ۾ لڳ ڀڳ سال تائين سياچن گليشير جي برفاني وادين ۾ گذاري آيو ھو. ڪٿي خيرپور ميرس جي ساڙيندڙ گرمي ۽ ڪٿي ٺنڍا ٺار اهي علائقا، پر اسان جي نوجوانن کي هر قسم جي حالتن سان منهن ٿيڻ ايندو آهي. مون کي ھڪ دفعي ڪوھ مري جي علائقي ڀورڀن ۾ قائم فائيو اسٽار پرل ڪانٽنينٽل ھوٽل ۾ آئيس ڪريم هلائندڙ ھڪ چانڊيو نوجوان مليو ھو، جنهن ٻڌايو هو تـ ھو اتي ٽريننگ تي آيل آهي. کيس هوٽل ۾ رهائش جي سهولت مليل آھي نـ ئي هوٽل وارا کيس ماني ٽڪي کائڻ جي سھولت ڏيندا آھن ھو اھا سکيا بنا ڪنھن معاوضي جي حاصل ڪري رھيو آھي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٽن مهينن جي ان سکيا بعد کيس ڪنهن به فائيو اسٽار هوٽل ۾ نوڪري ملي ويندي. ان سلسلي ۾ سندس عزم هو ته ڀلي کيس معاوضو يا ٻيون سهولتون نه ملن پر هو پنهنجي سکيا کي ڪڏهن به اڌ ۾ نه ڇڏيندو. اسان سنڌين کي گھر گھاٽ کي نه ڇڏڻ جا جيڪي طعنا ملندا آهن ته انهن جو جواب اهڙا جنگ جوان آهن. اهي اهڙا ڪردار آهن جيڪي قومن جا سفير هوندا آهن ۽ جڏهن به دشمن يا ساڙ سڙيل قوم جي ڪنهن اوڻائيءَ تي چٿر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اهي جيئرا جاڳندا مثال ٿي سندن سامهون بيهي سندن بولتي بند ڪري ڏيکاريندا آهن. اسان جي نوجوانن لاءِ اهو چيو ويندو هيو ته اهي فوج جي نوڪريءَ مان لنوائيندا آهن، پر جڏهن کين اتي چانس مليو ته هنن ثابت ڪري ڏيکاريو ته اھو سراسر ڪوڙ آهي، اسان جو نوجوان ته تيار هو پر فوجي سروس ۾ سندن وڃڻ جا سمورا گس بند ڪيا ويا ھئا. جڏهن کين ٿورڙي به وٿي ڏني ويئي ته هنن ان مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪيو ۽ اڄ ڪلهه پاڪ فوج ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌي نوجوان خذمتون سرانجام ڏيئي نه صرف ملڪ ۽ قوم جو پر سنڌين جو ڳاٽ اوچو رکڻ وارا ڪارناما سرانجام ڏيئي رهيا آهن. سو ان ڪري اسان سڀني کي گھرجي ته گھرن ۾ ويهي کٽن ڀڃڻ بدران دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڌنڌي روزگار توڙي سير سفر لاءِ نڪري پئون. سفر ڪرڻ سان مٿي بيان ڪيل ڳالهين کان سواءِ معاشي مسئلن جا حل به نڪري پوندا آھن. سو اسان کي گھرجي ته ”اٿي رائو ريل ويٺلن تان واري وري“ جي مام کي پروڙي حق جو نعرو هڻي ميدان ۾ نڪري پوري دنيا کي فتح ڪريون.

 

 

 

 اظھار جي آزادي جي اھميت ۽ پاڪستان


ڇوليون

گل ڪٽوھر

جيستائين مان سمجھي سگھيو آھيان ڪنھن بـ ملڪ، قوم جي ترقيءَ جو سڀ کان اھم، سگھارو، ڪارائتو عمل اظھار جي آزاديءَ وارو ھوندو آھي. سورھين صديءَ کان اڳ تائين واري يورپ کي يار دوست ڊارڪ ايج مطلب ڪارو دؤر سڏيندا آھن. ان ڪاري دؤر ۾ اتي آزاديءَ سان ڳالھائڻ، حق جي ڳالھ ڪرڻ، دنيا جي ڪنھن اسرار کي پروڙي ان جي سچي پچي اھڙي تصوير ڏيکارڻ جيڪا تنھن وقت سماج تي قابض ڪليسائي بشپن ۽ پوپن جي ٻڌايل ڳالھين کي رد ڪندي ھئي تي مڪمل نموني پابندي لڳل ھئي. سندن مذھبي منھندارن جو چوڻ ھو تـ دنيا جھان لاءِ يسوع مسيح جيڪو بيان ڪري ويو آھي، اھو آخري سچ آھي ۽ ان جي تشريح ڪرڻ جو حق رڳو کين ئي آھي ڇو تـ مقدس انجيل کي اھي ئي سمجھي بيان ڪندا آھن. سندن وڌيڪ اھو بـ چوڻ ھو تـ انسان پيدا ٿيندي ئي گناھگار ھوندو آھي. سندن ان ڳالھ جي مخالفت سندن ئي صفن مان پيدا ٿيل بشپ ڪنگ مارٽن لوٿر سينئر اھو چئي ڪري ويو ھو تـ جيڪڏھن انسان پيدا ٿيندي ئي گناھگار آھي تـ توھان پڻ ان زمري ۾ اچو ٿا ۽ ڪنگ مارٽن لوٿر انھن سخت گير مذھبي ماڻھن خلاف بغاوت ڪندي انھن جي ڀيٽ ۾ مذھب جي روشن خيال تشريح ڪئي ھئي ۽ سندس ھزارين پوئلڳ پيدا ٿيا ھئا جن کي پروٽيسٽنٽ (مطلب احتجاج ڪندڙ) عيسائي طور سڃاتو ويندو آھي. ان اونداھي دؤر خلاف يورپ جي لکارين، ڪلاڪارن، فنڪارن، مذھبي ماڻھن، سائنسدانن سياسي اڳواڻن ٻـ صديون جدوجھد ڪري، وڏيون قربانيون ڏيئي جان آجي ڪئي ھئي ۽ ان کان پوءِ يورپ ۾ ڪليسا ۽ رياست ٻـ الڳ الڳ ادارن جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ لڳي. ان کان پوءِ ساڳيو ڊارڪ ايج وارو يورپ ڪر کڻي جاڳي پيو ھو ۽ ترقيءَ جون منزلون وڏيون ٻرانگھون کڻي طئي ڪيون ھيون. پرنٽنگ مشين جي ايجاد ڪري اتي علم جو ڦھلاءُ تمام وسيع ٿي ويو ھو ۽ ان تائين عام ۽ خاص جي پھچ آسان ٿي ويئي ھئي. ڪلا کي، سائنسي ادارن کي، سياسي ادارن کي ڪم ڪرڻ سان گڏ اظھار جي آزادي ملي ھئي جنھن ڪري سندن سمجھ سوجھ بوجھ ۾ بي انتھا اضافو ٿي ويو ھو. اھو علم، فھم ۽ تنھن وقت جي جديد ٽيڪنالجي ھئي جنھن يورپ جي وڏن ملڪن جھڙوڪر برطانيا، فرانس ۽ جرمنيءَ کي ايترو سگھارو بڻائي ڇڏيو ھو تـ انھن دنيا جي مختلف ملڪ  کي پنھنجي ڪالوني بڻائي ڇڏيو ھو. ساڳيو وقت ھو تـ  مسلمان ملڪن جي سرواڻي ڪندڙ سلطنت عثمانيا پرنٽنگ مشين کي شيطاني مشين جي فتوا جاري ڪري مسلمانن کي ان کان پاسيرو رھڻ جا حڪمناما جاري ٿيا ھئا.  پوريون اڍائي صديون مسلمان ملڪ ۽ مسلمان قومون ان پنھنجي دؤر جي تمام ڪارائتي ايجاد کان محروم رھيا ھئا ۽ علم، سائنس کان پاسيرا رھڻ ڪري تمام ڪمزوري واري حالت ۾ ھليا ويا ھئا. اڍائي صدين بعد ان فتوا جي رد ٿيڻ کان پوءِ مسلمان ان پاسي رخ ڪيو ھو پر تيستائين دريا جي ھيٺيان تمام گهڻو پاڻي وھي چڪو ھو. 

ھي لفظ لکندي مون کي تمام گهڻو افسوس، دلي رنج ٿو ٿئي تـ پياري پاڪستان ۾ يورپ جو اھو ساڳيو ڊارڪ ايج اڄ بـ جاري آھي جنھن کي زبردستي لاڳو ڪيو ويو آھي. جيڪڏھن اردو محاوري وانگر ”يـ مونھ اور مسور کي دال“  وانگر اھي حال رھيا تـ تباھي ۽ بربادي اسان جي ملڪ جي نصيب ۾ جھڙوڪر رقم ڪئي ويئي آھي. اظھار جي آزادي کان سواءِ انسان ائين ھوندو آھي جيئن ڪنھن ڪنڊن ڀريل رستي تي اکيون ٻڌل انسان ھلي يا جيئن بنا بريڪ جي ڪا جيپ ھجي جيڪا ڪنھن جبل جي چوٽيءَ تان ھيٺ لھندي ھجي، يا ڪنھن زبردست واھ ڪناري اڪيلو کيڏندڙ معصوم ٻار ھجي.

پاڪستان اندر ڪوبـ مائي جو لعل مذھب جي آڙ ۾ ھلندڙ مشڪرين تي تبصرو ڪري نـ ٿو سگھي. ھتي سڀ مسلڪي سير نـ پر سوا سير آھن، انھن سان اختلاف رکڻ، کين ڪا نصيحت ڪرڻ جي ڪا گنجائش ناھي جيڪو ائين ڪندو تنھن کي عبرت جو نشان بڻايو ويندو. ماضيءَ ۾ پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جو مثال پاڻ سڀني سامھون آھي. ان جو قاتل ممتاز قادري اڄ ڪالھ وڏي اللھ جي پھتل پير جو درجو حاصل ڪري چڪو آھي جيڪو مختلف ماڻھن جي خوابن ۾ تلوار ھٿن ۾ ڪري دشمنان دين کي للڪاريندو پيو وتي.

اوھان ڪنھن بـ فوجي آمر خلاف لکي نـ ٿا سگھو ڀلي اھو ايوب خان، يحى خان، ضياالحق، مشرف، باجوا يا حافظ صاحب ھجي. جيڪڏھن پاڪستان جي فوج نـ ھجي ھا تـ پاڪستان جا دشمن ۽ دين جا دشمن ھيل تائين اسان کي نيست ۽ نابود ڪري چڪا ھجن ھا، ان ڪري اوڀر پاڪستان ۾ جيڪي ڪجھ ٿيو، پاڪستان جا نوي ھزار فوجي جوان ھندستان وارن قيد ڪيا اھي سڀ افواھي ڳالھيون آھن انھن تي ڪنھن بـ قسم جو ڌيان ڌرڻ جي ڪا ضرورت ناھي. پاڪستان جا حاضر يا رٽائرڊ جرنل، ڪرنل، برگيڊيئر يا ليفٽيننٽ رھندڙ عملدار بلڊي سولين پاران مختلف ادارن ۾ ڪيل ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پنھنجو خدمتون سرانجام پيا ڏين ان تي ڳالھائڻ مطلب پنھنجو پاڻ کي وائکو ڪرڻ جي برابر آھي.  

ھتي اوھان کي پاڪستان جي نصاب تي ڳالھائڻ جي ڪا اجازت ناھي. خاص ڪري پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تي پاڪستان اسٽڊي جي ڪورس جي ڪتابن ۾ جيڪي ڪجھ شامل آھي اھو پورو پورو سچ آھي، جنھن تي اکيون پوري سڀني کي ايمان آڻڻو پوندو. اوھان کي اھو تسليم ڪرڻو پوندو تـ محمد بن قاسم ھڪ عظيم سورمو ھو جنھن سنڌ کي فتح ڪري ڪفار جو خاتمو آڻي ھتي اسلام جي شمع روشن ڪئي، اوھان کي اھو پڻ تسليم ڪرڻو پوندو تـ سرسيد احمد خان دراصل پاڪستان جي بانين منجھان ھڪ ھو، ڀلي کڻي سندس دؤر ۾ ھن خطي ۾ رھندڙ ڪنھن ھڪ انسان جي ملائڪن کي ئي پاڪستان جي ڄاڻ نـ ھئي. ان کي خراج تحصين پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي 75 وين سالگرھ تي جيڪو يادگار نوٽ ڇاپيو ويو ھو جنھن ۾ قائد اعظم، علامـ اقبال سان گڏ سرسيد احمد خان جو نوراني فوٽو پڻ لڳايو ويو ھو تـ ان نوٽ کي اکين تي رکي چمڻ گهرجي. اوھان کي اھو پڻ بنا ڪنھن چون چران جي اھو تسليم ڪرڻو پوندو تـ پاڪستان جڙڻ کان پوءِ جيڪي دنگا فساد ٿيا ھئا جن ۾ ھندو، مسلمان ۽ سک ھزارن جي تعداد ۾ قتل ٿيا ھئا ۽ لڏ پلاڻ ٿي ھئي اصل ۾ اھا ئي پاڪستان جي جوڙڻ جي حقي قرباني ھئي. سنڌ جي سورھـ بادشاھ پير صاحب پاڳارو پاران انگريزن خلاف ھلايل عظيم ويڙھاند يا سنڌ اسمبليءَ مان سڀ کان پھرين پاڪستان جي حق ۾ بل پاس ڪرائيندڙ سائين جي ايم سيد، يا شير بنگال مولوي فضل حق جو ذڪر ڪرڻ ڪفر برابر ۽ پاڪستان سان غداري زمري ۾ ايندو. اوھان کي تسليم ڪرڻو پوندو تـ اوڀر پاڪستان جو ڪو وجود نـ ھو. اوھان کي تسليم ڪرڻ گهرجي تـ پاڪستان ۾ جيڪي سورما پيدا ٿيا اھي سڀ جو سڀ فوجي ھئا، سولين ليڊر تـ غدار ابن غدار ھئا ان ڪري انھن جي ذڪر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

پاڪستان ۾ اوھان بلوچستان جي مسئلي تي کلي ڳالھائي نـ ٿا سگھو، ڊاڪٽر اللھ نظر کي تـ وساري ڇڏيو اوھان سردار اڪبر بگٽي جي قتل کي شھادت چئي نـ ٿا سگھو، اوھان کي مري سردارن سردار شيرمحمد مري، سردار خيربخش مري کي ھرصورت ۾ پاڪستان جي دشمن ملڪن جو ايجنٽ چوڻو پوندو، ٻيو تـ ٺھيو اوھان جيڪڏھن نازڪ نفيس بلوچ نياڻي ڊاڪٽر ماھ رنگ بلوچ، بلوچستان جو وزير اعلى رھندڙ پيءُ ۽ پٽ عطااللھ مينگل ۽ سردار اختر مينگل کي شڪ جي نظرن سان ڏسڻو پوندو. بلوچستان، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي سموري قدرتي معدنيات تي وفاق جو حق تسليم ڪرڻو پوندو.
پاڪستان اندر ڪو فرقيواراڻو مسئلو نـ اڳ ھو نـ ھاڻي آھي، اھا دشمن جي پروپينگنڊھ آھي ھتي ڪو گڊ يا بيڊ طالبان ناھن، ھا ھتي ملالـ يوسف زئي ۽ مشعال خان جھڙا غدار سو ضرور پيدا ٿيندا رھيا آھن، جن طاقوني قوتن جي چوڻ تي ملڪ اندر نوجوان نسل کي ڀلائڻ جو ڪوششون ڪيون ھيون. ملالـ ۽ ڊاڪٽر عبدالسلام کي مليل نوبل انعام ان جو مثال آھن. اھو انعام پاڪستان مخالف ۽ اسلام مخالف قوتن کي ان ڪري ڏنو ويندو آھي جيئن پاڪستان جون نظرياتي سرحدون ڪمزور ٿين. پاڪستان جي نظرياتي سرحدن، دنگن دڙن، معدني وسيلن، سمورن مالياتي ادارن جي مالڪي اسان جي بھادر سپاھ کي ان ڪري مليل آھي تـ جيئن ادارن جو تقدس بحال رھي ۽ انھن ۾ ڪا سياسي مداخلت نـ ٿئي. ڪي دڳ ٿڙيل ماڻھو پاڪستان جي ڀاڄوڪڙ ليکڪا عائشـ صديقا جي لکيل ڪتاب ”ملٽري انڪ“ جو حوالو ڏيندا آھن اھي غير ملڪي پاڪستان دشمن ۽ اسلام دشمن ماڻھن جا ايجنٽ آھن.  

ڀلا انھن کي ڇڏيو ھتي سنڌ ۾ اسان ڪنھن وڏي پير، مرشد جي ڪنھن مريد جي سامھون سندس مرشد متعلق ڪا جائز تنقيد ڪري سگھون ٿا؟  قومپرستي، ترقي پسندي، جمھوريت جي راھن تي ھلندي سنڌ ۾ تمام وڏا اڳواڻ اڀريا، انھن عملي، علمي، سياسي ڪارناما سرانجام ڏنا، قيد ۽ بند رھيا، قربانيون پڻ ڏنائون پر پس پيش اھي انسان ھئا انھن کان ڪيتريون وڏيون غلطيون پڻ ٿيون پر اوھان انھن پارٽين جي مريد بڻيل ڪارڪنن سامھون سندن اڳواڻن جي اھڙن عملن تي ڪا ٿوري گهڻي تنقيد تـ ڪري ڏيکاريو انھن جو رد عمل پير جي مريدن کان وڌيڪ شديد ھوندو. حرف آخر تـ جيڪڏھن سماج کي اڳتي وٺي ھلڻو آھي تـ اسان کي پنھنجي اصلاح لاءِ تنقيد، ڳالھ ٻولھ، برداشت. سھپ، ٻئي کي ٻڌڻ وارا گڻ پيدا ڪرڻا پوندا.