ڇوليون
گل ڪٽوھر
اڄ مان اوھان سان دل جو ڳالھيون ڪرڻ ٿو چاھيان، جيڪي ٻڌي اوھان کي حيرت
ٿيندي ۽ اوھان سوچڻ لڳندا تـ ڇا واقعي اھو سچ بـ آھي يا ڪو زٽ آھي. اھي انوکيون
ڳالھيون ٿي سگھي ٿو اوھان کي صفا زھر لڳن ۽ اوھان سوچيو تـ جي مان اوھان جي سامھون
ھجان تـ لٺ کڻي مون تي صفا بيھجي وڃون يا ٿي سگھي ٿو اوھان کي مون تي پيار پڻ اچي
وڃي. بس اھو سمجھي مان ھي عمل ڪيان پيو تـ شل ڪا ھڪ اڌ ڳالھ بـ اوھان جي سمجھ ۾
اچي وڃي تـ مان ائين سمجھندس تـ منھنجي ڪمائي صاب پئي. ھونئن سنڌي ماڻھو ٻڌل سڌل
مصالحي دار ڳالھين تي اکيون پوري اعتبار ڪندآ آھن آھي پر جيڪي حقيقتون ھونديون آھن
انھن کي مڃڻ يا سمجھڻ کان بنھ نابري واري بيھندا آھن. ائين آھي يا نـ؟ مثال طور
جيڪڏھن ڪنھن جو ڪو گڏھ مري پوي ۽ ھو ان جي قبر جوڙي ان مٿان پڙ رکي ويھي رھي تـ
ڪجھ ڏينھن اندر سنڌي سٻاجھڙا ان درگاھ تي پٽ جي اولاد ڳنھڻ لاءِ باسون باسڻ ھليا
ايندا. اسان پنھنجي عظيم انسانن مرشد لطيف، سچل سائين، شاھ عنايت شھيد، شھيد ڀٽو،
شھيد بي نظير، شھيد فاضل راھو جھڙن امر ڪردارن پاران ادا ڪيل عظيم ڪمن ڪارين،
تخليق کي وساري انھن متعلق عجيب غريب ڏند ڪٿائن تي اعتبار ڪري سندن اصلي عظمت تي
ڳاڙھا نشان لڳائي ڇڏيا آھن. مرشد لطيف جي درگاھ تي زيارت ڪرڻ وارن مان ڪيترن جي
گهرن ۾ سندس رسالو موجود ھوندو؟ جنھن لاءِ پاڻ چئي ويا آھن تـ ” جي تو بيت ڀائين
سي آيتون آھين، نيو من لائين پريان سندي پار ڏي“ اسان لطيف کي پير سمجھي سندس اڱڻ
تي ويندا آھيون جتي لطيفي لات ڪندڙ فقيرن پاران ذڪر فڪر ٻڌڻ لاءِ ضرور ترسندا
آھيون ڀلي ان جو اکر سمجھ ۾ نـ اچي. ڇو تـ پاڻ مان گهڻا تڻا اھا لطيفي لات ثواب
حاصل ڪرڻ لاءِ ٻڌندا آھن. ھاڻي لطيفي لات ڪندڙ اھي فقير پڻ تمام گهڻُو زماني ساز
ٿي پيا آھن، انھن اتي ڌاڳن ڦيڻن تي شوڪارا ڦوڪارا ھڻي پنھنجو دڪان کوليو آھي. ھو
انھن ڌاڳن ڦيڻن کي عطائي ڊاڪٽرن پاران ھر مريض کي ڳاڙھي دوا جو مھلول پيارڻ وانگر سڀني
مرضن جي علاج لاءِ اڪسير ڪري وڪڻندا آھن. سندن خاص خريدار انڌن عقيدن جون ماريل
ٻھراڙين جون مايون ھونديون آھن جن کي اسان جي نام نھاد غيرت مند مردن، جاھل ملن
مولوين جي واعظن جي اثر ڪري، گھر جي چئن ڀتين ۾ قيد ڪري، علم، عقل، ڏاھپ کان
وانجھو رکيو آھي. ھتي لطيفي لات تي لھر ڪندڙ عورتن کي بـ ڏٺو ويندو آھي جن جي لاءِ
سنڌي ماڻھن اھو مشھور ڪري ڇڏيو آھي تـ مٿن جنن جو سايو آھي ۽ جن ڪڍرائڻ لاءِ ھتي
ايندا آھن. جيئن تـ جنن ڪڍرائڻ لاءِ جيڪا اسپشلائيزيشن آھي اھا تـ پير گاجي شاھ وٽ
آھي پر ان تائين جيڪڏھن ڪنھن جي پھچ ناھي تـ پاڙي جي ڪنھن پير يا لطيف جي درٻار تي
ان جون فرنچائيز قائم ڪيون ويون آھن ۽ سنڌ جا ماڻھو انھن مان فيضياب پيا ٿيندا
آھن. اسان جي تر ۾ شادي شھيد جي مزار تي ھڪ مجاور جيڪو جنسي مريض ھو اھو ماڻھن جي
اڌ مٿي جي سور جو علاج ڪاتيءَ سان ڪٽي ڪندو ھو. ھڪ پريالوءَ جو نوجوان مون کي ھڪ
دفعي اسان جي خانداني قبرستان واري پير شاھنودي بادشاھ جي درٻار ۾ مليو ھو جيڪو
پريالوءِ کان پنھنجي سائيڪل تي چڙھي شاھنودي بادشاھ کان پٽ جي اولاد جي بشارت وٺڻ
لاءِ اتي ٻن راتين کان ترسيو پيو ھو. روھڙي جابلو سلسلي ۾ اڪيچار اھڙا پير آھن.
انھن ۾ ھڪ علي علمدار جي پڻ آھي، ان جي قبر پنجاھ فوٽ ڊگھي آھي. اھا قبر ھڪ علم
پاڪ جي آھي. علم جڏھن زبون حالت ۾ پھچي ويو ھو تـ ان کي اتي دفن ڪري قبر جوڙي ويئي
ھئي ۽ ھاڻي اھا ھڪ سدا آباد درٻار جي حيثيت ماڻي چڪو آھي اتي جڏھن اسان گھمڻ ويا
ھئاسين تـ ڳوٺ لاڻيشن ڪوٽ ڏجي جو نوجوان اڄڻ مليو ھو جيڪو سخت بيمار ھو ۽ پنھنجي
بيماريءَ جي علاج واسطي ٽن راتين کان اتي درٻار ۾ ترسيو پيو ھو پر اسان جي اتي وڃڻ
تائين کيس ڪا بشارتڙي ملي نـ سگھي ھئي. خيرپور ۽ سکر جي وچ ۾ ھڪ درگاھ آھي جتي باس
باسڻ ۽ پوري ٿيڻ بعد ھڪ عدد گڏھ پير صاحب کي دان ڪبو آھي. پاڻ سوشل ميڊيا تي
گھڙيالن وارو پير سان گڏ کنڀا پير پڻ ضرور ڏٺو ھوندو. مون ڪيترا ڀيرا نوجوان سھڻين
ڇوڪرين کي سچل ۽ لطيف جي درگاھن تي لھر ڪندي اکين سان ڏٺو آھي ۽ انھن ۾ اڪثريت وري
بلوچ ذاتين وارن گھراڻن جي عورتن جي ھوندي آھي. دنيا وڃي ڪاٿي کان ڪاٿي پھتي آھي ۽
اسان اڃا تائين اڻ ڏٺل جنن ڀوتن کان جان آجي ڪري ناھيون سگھيا. جيتوڻيڪ انھن جنن
ڀوتن کان وڌيڪ خطرناڪ، ھاڃيڪار تـ پنھجا سردار، وڏيرا، ڀوتار، جاگيردار، پير، مير،
سيد، سياستدان، ملان مولوي، ڀوپا، درگاھن جا متولي وغيرھ آھن. پاڻ سڀ ھڪ ماڻھو مار
ماحول ۾ گذاريون ٿا جتي ھٿرادو ذھانت جي ماھر ڊاڪٽر اجمل ساوند، دلير صحافي
نصراللھ گڏاڻي، جان محمد مھر، ناظم جوکيو، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر، سائين ابراھيم
جويو، شيخ اياز، امرجليل، سائين عطامحمد ڀنڀرو، سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو
جھڙن جي ڪائي گنجائش ناھي انھن مٿان ابوجھل جي اولاد ڪفر جون فتوائون جاري ڪري کين
مارڻ جون فتوائون جاري ڪرائيندي رھي آھي. ھتي اسي سالن جي عمر ۾ سورھن سالن جي
نينگريءَ سان شادي ڪرڻ وارو ميان مٺو تمام وڏو مجاھد مسلمان آھي، جيڪو ھندو نياڻين
کي اغوا ڪرائي کين بليڪ ميل ڪري ڪلمي جا ٻـ ٻول پڙھائي، نڪاح جو ڊرامو رچائي کين
وحشي ۽ جنسي درندن آڏو ڦٽي ڪرڻ وارو ڪم ڪندو آيو آھي. ھتي پاڻ سڀ ڪيڙا مڪوڙا
آھيون، پنھنجو جيئڻ ۽ پنھنجو مرڻ ڪا معنى نـ ٿو رکي. گذريل ڪجھ سالن ۾ برساتن ۽
ٻوڏن ۾ پاڻ سڀ اھو عمل اکين سان ڏسي چڪا آھيون. ھڪ پاسي اڌ سنڌ دربدر خاڪ بشر ھئي
تـ ٻئي پاسي اسان جا آقا پرڏيھي امداد کي ڪيڪ پيس سمجھي نيرن ۾ واپرائيندا ھئا.
زندگي جي تـ ڪنھن کي ڪا خبر ناھي پر پاڻ سنڌ وارا غزا جي پٽيءَ ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا
جي بارود ۾ سڙندڙ، پڄرندڙ، مرندڙ فلسطينن وانگر صفا آزاد آھيون. جيئن مسلمان ملڪن
جي حاڪمن ۽ دنيا جي اڪثر ظالم حڪومتن کي فلسطينين تي ڪو ڪھڪاءُ نـ ٿو اچي ان نموني
ھتي پاڻ مٿان جيڪي نامراد ٿاڦيا ويا آھن انھن کي سنڌين جو ڪو ھيڻو حال نظر ڪونـ
پيو اچي. پنھنجو ماڻھو مار ماحول آھي جنھن
۾ سردارن، جاگيردارن، پيرن ۽ وڏن سياستدانن کي ڇڏي باقي سمورا انسان رڍن ۽ ٻڪرين
واري زندگي گذارڻ لاءِ آزاد ڇڏيا ويا آھن. ھنن سنڌ کي ھڪ اونھي انداھي کڏ جھڙو
خطرناڪ خطو بڻائي رکيو آھي جتي ڌاڙيل، ڦورو، منشيات فروش، وياج خور ماڻھو زھريلن
نانگن ۽ وڇوئن وانگر عام انسانن کي ڏنگين ٿا ۽ حاڪم طبقا مٿن گھور گھور پيا وڃن ۽
کين کير پيا پيارين ۽ سموري سماج اندر کين معبتر بڻائي پيش پيا ڪن. اسان سنڌ وارن
جي تنقيدي سوچ کي صفا تالا لڳل ٿا نظر اچن. اسان جي ان اٻوجھائپ مان عيار مڪار،
چالاڪ، حرفتي، خود غرض سياستدانن، ملن مولوين، ذاڪرن، نام نھاد صوفين، ڪامريڊن،
ڪامورن خوب خوب ڪمايو آھي. اسان ھر دفعي زھريلن نانگن کي پنھنجن جھولين ۾ نپايو
آھي، انھن جا زھريلا ڏنگ سٺا آھن پر اسان اھي ڏنگ سھندي وري وري انھن کي پنھنجي سر
جو تاج بڻايو آھي ۽ مون کي نـ ٿو لڳي تـ ويجھي مستقبل ۾ اسان جا سنڌي سٻاجھڙا انھن
زھريلين جراثيمن مان پنھنجي جند آجي ڪري سگھڻ جھڙا ٿي سگھندا ڇو تـ سنڌ مان معياري
تعليم گڏھ جي مٿي تان سڱن وانگر گم ڪئي ويئي آھي، منشيات فروشن کي کليل ڇوٽ ڏني
ويئي آھي، ڪو صحت گهر ناھي، جيڪڏھن آھي تـ دوائون ناھن، ڊاڪٽر قاصائي بڻجي پيا
آھن، شھرن ۽ ٻھراڙين جا روڊ رستا گند ۽ گٽر جي پاڻيءَ سان ملي گندگي جو شاھڪار ٿي
پيا آھن، بي روزگاري عام آھي، ھاڻي چوريون، ڦرون، ڌاڙا، قتل، بدامني روزمرھ جي
زندگيءَ جو حصو بڻجي پيا آھن. سو اھڙي
ماحول ۾ ڪا منطقي، سائنسي، تاريخي حقيقت بيان ڪرڻ ۽ اھو سمجھڻ تـ پنھنجا سنڌي
سٻاجھڙا ان تي ڪو ڌيان ڌريندا ٻٻرن مان ٻير گھرڻ برابر ٿو لڳي. سنڌي ماڻھن کي ملان
اسد اللھ کھڙي جھڙا مذھبي مشڪرا گھربل آھن جيڪي جنسي لطيفا ٻڌائيندا آھن تـ سڀ ڏند
ٽيڙي کيس ڀرپور داد ڏيندا آھن، پر علم، عقل، ڏاھپ، منطق، سائنس، حقيقت تي مدار
رکندڙ ڳالھيون ٻولھيون بنھ زھر لڳنديون آھن. دنيا جي گولي تي شايد اسان سنڌي شايد
واحد اھا قوم آھيون جنھن کي پنھنجي جھالت سان غلاميءَ سان، ذلالت سان، اٻوجھائپ
سان، غربت سان عشق جي حد تائين پيار آھي. سنڌ جو درد رکندڙ حقيقي سنڌ دوست ۽ عوام
دوست باشعور فردن کي ان سلسلي ۾ وڏي جاکوڙ ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي ۽ کين لطيف سائين
جي ھن بيت ۾ لڌل خواب جي ساڀيان ٿيڻو پوندو تـ؛
ڪنڊا مون پيرن ۾ توڙي لک لڳن، آڱر آڱوٺي نـ مڙي
ڇپون پيرن ڇنن، ويندي ڏانھن پرين جتي جات نـ پائيان.

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو