Saturday, March 28, 2026

 اظھار جي آزادي جي اھميت ۽ پاڪستان


ڇوليون

گل ڪٽوھر

جيستائين مان سمجھي سگھيو آھيان ڪنھن بـ ملڪ، قوم جي ترقيءَ جو سڀ کان اھم، سگھارو، ڪارائتو عمل اظھار جي آزاديءَ وارو ھوندو آھي. سورھين صديءَ کان اڳ تائين واري يورپ کي يار دوست ڊارڪ ايج مطلب ڪارو دؤر سڏيندا آھن. ان ڪاري دؤر ۾ اتي آزاديءَ سان ڳالھائڻ، حق جي ڳالھ ڪرڻ، دنيا جي ڪنھن اسرار کي پروڙي ان جي سچي پچي اھڙي تصوير ڏيکارڻ جيڪا تنھن وقت سماج تي قابض ڪليسائي بشپن ۽ پوپن جي ٻڌايل ڳالھين کي رد ڪندي ھئي تي مڪمل نموني پابندي لڳل ھئي. سندن مذھبي منھندارن جو چوڻ ھو تـ دنيا جھان لاءِ يسوع مسيح جيڪو بيان ڪري ويو آھي، اھو آخري سچ آھي ۽ ان جي تشريح ڪرڻ جو حق رڳو کين ئي آھي ڇو تـ مقدس انجيل کي اھي ئي سمجھي بيان ڪندا آھن. سندن وڌيڪ اھو بـ چوڻ ھو تـ انسان پيدا ٿيندي ئي گناھگار ھوندو آھي. سندن ان ڳالھ جي مخالفت سندن ئي صفن مان پيدا ٿيل بشپ ڪنگ مارٽن لوٿر سينئر اھو چئي ڪري ويو ھو تـ جيڪڏھن انسان پيدا ٿيندي ئي گناھگار آھي تـ توھان پڻ ان زمري ۾ اچو ٿا ۽ ڪنگ مارٽن لوٿر انھن سخت گير مذھبي ماڻھن خلاف بغاوت ڪندي انھن جي ڀيٽ ۾ مذھب جي روشن خيال تشريح ڪئي ھئي ۽ سندس ھزارين پوئلڳ پيدا ٿيا ھئا جن کي پروٽيسٽنٽ (مطلب احتجاج ڪندڙ) عيسائي طور سڃاتو ويندو آھي. ان اونداھي دؤر خلاف يورپ جي لکارين، ڪلاڪارن، فنڪارن، مذھبي ماڻھن، سائنسدانن سياسي اڳواڻن ٻـ صديون جدوجھد ڪري، وڏيون قربانيون ڏيئي جان آجي ڪئي ھئي ۽ ان کان پوءِ يورپ ۾ ڪليسا ۽ رياست ٻـ الڳ الڳ ادارن جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ لڳي. ان کان پوءِ ساڳيو ڊارڪ ايج وارو يورپ ڪر کڻي جاڳي پيو ھو ۽ ترقيءَ جون منزلون وڏيون ٻرانگھون کڻي طئي ڪيون ھيون. پرنٽنگ مشين جي ايجاد ڪري اتي علم جو ڦھلاءُ تمام وسيع ٿي ويو ھو ۽ ان تائين عام ۽ خاص جي پھچ آسان ٿي ويئي ھئي. ڪلا کي، سائنسي ادارن کي، سياسي ادارن کي ڪم ڪرڻ سان گڏ اظھار جي آزادي ملي ھئي جنھن ڪري سندن سمجھ سوجھ بوجھ ۾ بي انتھا اضافو ٿي ويو ھو. اھو علم، فھم ۽ تنھن وقت جي جديد ٽيڪنالجي ھئي جنھن يورپ جي وڏن ملڪن جھڙوڪر برطانيا، فرانس ۽ جرمنيءَ کي ايترو سگھارو بڻائي ڇڏيو ھو تـ انھن دنيا جي مختلف ملڪ  کي پنھنجي ڪالوني بڻائي ڇڏيو ھو. ساڳيو وقت ھو تـ  مسلمان ملڪن جي سرواڻي ڪندڙ سلطنت عثمانيا پرنٽنگ مشين کي شيطاني مشين جي فتوا جاري ڪري مسلمانن کي ان کان پاسيرو رھڻ جا حڪمناما جاري ٿيا ھئا.  پوريون اڍائي صديون مسلمان ملڪ ۽ مسلمان قومون ان پنھنجي دؤر جي تمام ڪارائتي ايجاد کان محروم رھيا ھئا ۽ علم، سائنس کان پاسيرا رھڻ ڪري تمام ڪمزوري واري حالت ۾ ھليا ويا ھئا. اڍائي صدين بعد ان فتوا جي رد ٿيڻ کان پوءِ مسلمان ان پاسي رخ ڪيو ھو پر تيستائين دريا جي ھيٺيان تمام گهڻو پاڻي وھي چڪو ھو. 

ھي لفظ لکندي مون کي تمام گهڻو افسوس، دلي رنج ٿو ٿئي تـ پياري پاڪستان ۾ يورپ جو اھو ساڳيو ڊارڪ ايج اڄ بـ جاري آھي جنھن کي زبردستي لاڳو ڪيو ويو آھي. جيڪڏھن اردو محاوري وانگر ”يـ مونھ اور مسور کي دال“  وانگر اھي حال رھيا تـ تباھي ۽ بربادي اسان جي ملڪ جي نصيب ۾ جھڙوڪر رقم ڪئي ويئي آھي. اظھار جي آزادي کان سواءِ انسان ائين ھوندو آھي جيئن ڪنھن ڪنڊن ڀريل رستي تي اکيون ٻڌل انسان ھلي يا جيئن بنا بريڪ جي ڪا جيپ ھجي جيڪا ڪنھن جبل جي چوٽيءَ تان ھيٺ لھندي ھجي، يا ڪنھن زبردست واھ ڪناري اڪيلو کيڏندڙ معصوم ٻار ھجي.

پاڪستان اندر ڪوبـ مائي جو لعل مذھب جي آڙ ۾ ھلندڙ مشڪرين تي تبصرو ڪري نـ ٿو سگھي. ھتي سڀ مسلڪي سير نـ پر سوا سير آھن، انھن سان اختلاف رکڻ، کين ڪا نصيحت ڪرڻ جي ڪا گنجائش ناھي جيڪو ائين ڪندو تنھن کي عبرت جو نشان بڻايو ويندو. ماضيءَ ۾ پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جو مثال پاڻ سڀني سامھون آھي. ان جو قاتل ممتاز قادري اڄ ڪالھ وڏي اللھ جي پھتل پير جو درجو حاصل ڪري چڪو آھي جيڪو مختلف ماڻھن جي خوابن ۾ تلوار ھٿن ۾ ڪري دشمنان دين کي للڪاريندو پيو وتي.

اوھان ڪنھن بـ فوجي آمر خلاف لکي نـ ٿا سگھو ڀلي اھو ايوب خان، يحى خان، ضياالحق، مشرف، باجوا يا حافظ صاحب ھجي. جيڪڏھن پاڪستان جي فوج نـ ھجي ھا تـ پاڪستان جا دشمن ۽ دين جا دشمن ھيل تائين اسان کي نيست ۽ نابود ڪري چڪا ھجن ھا، ان ڪري اوڀر پاڪستان ۾ جيڪي ڪجھ ٿيو، پاڪستان جا نوي ھزار فوجي جوان ھندستان وارن قيد ڪيا اھي سڀ افواھي ڳالھيون آھن انھن تي ڪنھن بـ قسم جو ڌيان ڌرڻ جي ڪا ضرورت ناھي. پاڪستان جا حاضر يا رٽائرڊ جرنل، ڪرنل، برگيڊيئر يا ليفٽيننٽ رھندڙ عملدار بلڊي سولين پاران مختلف ادارن ۾ ڪيل ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پنھنجو خدمتون سرانجام پيا ڏين ان تي ڳالھائڻ مطلب پنھنجو پاڻ کي وائکو ڪرڻ جي برابر آھي.  

ھتي اوھان کي پاڪستان جي نصاب تي ڳالھائڻ جي ڪا اجازت ناھي. خاص ڪري پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تي پاڪستان اسٽڊي جي ڪورس جي ڪتابن ۾ جيڪي ڪجھ شامل آھي اھو پورو پورو سچ آھي، جنھن تي اکيون پوري سڀني کي ايمان آڻڻو پوندو. اوھان کي اھو تسليم ڪرڻو پوندو تـ محمد بن قاسم ھڪ عظيم سورمو ھو جنھن سنڌ کي فتح ڪري ڪفار جو خاتمو آڻي ھتي اسلام جي شمع روشن ڪئي، اوھان کي اھو پڻ تسليم ڪرڻو پوندو تـ سرسيد احمد خان دراصل پاڪستان جي بانين منجھان ھڪ ھو، ڀلي کڻي سندس دؤر ۾ ھن خطي ۾ رھندڙ ڪنھن ھڪ انسان جي ملائڪن کي ئي پاڪستان جي ڄاڻ نـ ھئي. ان کي خراج تحصين پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي 75 وين سالگرھ تي جيڪو يادگار نوٽ ڇاپيو ويو ھو جنھن ۾ قائد اعظم، علامـ اقبال سان گڏ سرسيد احمد خان جو نوراني فوٽو پڻ لڳايو ويو ھو تـ ان نوٽ کي اکين تي رکي چمڻ گهرجي. اوھان کي اھو پڻ بنا ڪنھن چون چران جي اھو تسليم ڪرڻو پوندو تـ پاڪستان جڙڻ کان پوءِ جيڪي دنگا فساد ٿيا ھئا جن ۾ ھندو، مسلمان ۽ سک ھزارن جي تعداد ۾ قتل ٿيا ھئا ۽ لڏ پلاڻ ٿي ھئي اصل ۾ اھا ئي پاڪستان جي جوڙڻ جي حقي قرباني ھئي. سنڌ جي سورھـ بادشاھ پير صاحب پاڳارو پاران انگريزن خلاف ھلايل عظيم ويڙھاند يا سنڌ اسمبليءَ مان سڀ کان پھرين پاڪستان جي حق ۾ بل پاس ڪرائيندڙ سائين جي ايم سيد، يا شير بنگال مولوي فضل حق جو ذڪر ڪرڻ ڪفر برابر ۽ پاڪستان سان غداري زمري ۾ ايندو. اوھان کي تسليم ڪرڻو پوندو تـ اوڀر پاڪستان جو ڪو وجود نـ ھو. اوھان کي تسليم ڪرڻ گهرجي تـ پاڪستان ۾ جيڪي سورما پيدا ٿيا اھي سڀ جو سڀ فوجي ھئا، سولين ليڊر تـ غدار ابن غدار ھئا ان ڪري انھن جي ذڪر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

پاڪستان ۾ اوھان بلوچستان جي مسئلي تي کلي ڳالھائي نـ ٿا سگھو، ڊاڪٽر اللھ نظر کي تـ وساري ڇڏيو اوھان سردار اڪبر بگٽي جي قتل کي شھادت چئي نـ ٿا سگھو، اوھان کي مري سردارن سردار شيرمحمد مري، سردار خيربخش مري کي ھرصورت ۾ پاڪستان جي دشمن ملڪن جو ايجنٽ چوڻو پوندو، ٻيو تـ ٺھيو اوھان جيڪڏھن نازڪ نفيس بلوچ نياڻي ڊاڪٽر ماھ رنگ بلوچ، بلوچستان جو وزير اعلى رھندڙ پيءُ ۽ پٽ عطااللھ مينگل ۽ سردار اختر مينگل کي شڪ جي نظرن سان ڏسڻو پوندو. بلوچستان، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي سموري قدرتي معدنيات تي وفاق جو حق تسليم ڪرڻو پوندو.
پاڪستان اندر ڪو فرقيواراڻو مسئلو نـ اڳ ھو نـ ھاڻي آھي، اھا دشمن جي پروپينگنڊھ آھي ھتي ڪو گڊ يا بيڊ طالبان ناھن، ھا ھتي ملالـ يوسف زئي ۽ مشعال خان جھڙا غدار سو ضرور پيدا ٿيندا رھيا آھن، جن طاقوني قوتن جي چوڻ تي ملڪ اندر نوجوان نسل کي ڀلائڻ جو ڪوششون ڪيون ھيون. ملالـ ۽ ڊاڪٽر عبدالسلام کي مليل نوبل انعام ان جو مثال آھن. اھو انعام پاڪستان مخالف ۽ اسلام مخالف قوتن کي ان ڪري ڏنو ويندو آھي جيئن پاڪستان جون نظرياتي سرحدون ڪمزور ٿين. پاڪستان جي نظرياتي سرحدن، دنگن دڙن، معدني وسيلن، سمورن مالياتي ادارن جي مالڪي اسان جي بھادر سپاھ کي ان ڪري مليل آھي تـ جيئن ادارن جو تقدس بحال رھي ۽ انھن ۾ ڪا سياسي مداخلت نـ ٿئي. ڪي دڳ ٿڙيل ماڻھو پاڪستان جي ڀاڄوڪڙ ليکڪا عائشـ صديقا جي لکيل ڪتاب ”ملٽري انڪ“ جو حوالو ڏيندا آھن اھي غير ملڪي پاڪستان دشمن ۽ اسلام دشمن ماڻھن جا ايجنٽ آھن.  

ڀلا انھن کي ڇڏيو ھتي سنڌ ۾ اسان ڪنھن وڏي پير، مرشد جي ڪنھن مريد جي سامھون سندس مرشد متعلق ڪا جائز تنقيد ڪري سگھون ٿا؟  قومپرستي، ترقي پسندي، جمھوريت جي راھن تي ھلندي سنڌ ۾ تمام وڏا اڳواڻ اڀريا، انھن عملي، علمي، سياسي ڪارناما سرانجام ڏنا، قيد ۽ بند رھيا، قربانيون پڻ ڏنائون پر پس پيش اھي انسان ھئا انھن کان ڪيتريون وڏيون غلطيون پڻ ٿيون پر اوھان انھن پارٽين جي مريد بڻيل ڪارڪنن سامھون سندن اڳواڻن جي اھڙن عملن تي ڪا ٿوري گهڻي تنقيد تـ ڪري ڏيکاريو انھن جو رد عمل پير جي مريدن کان وڌيڪ شديد ھوندو. حرف آخر تـ جيڪڏھن سماج کي اڳتي وٺي ھلڻو آھي تـ اسان کي پنھنجي اصلاح لاءِ تنقيد، ڳالھ ٻولھ، برداشت. سھپ، ٻئي کي ٻڌڻ وارا گڻ پيدا ڪرڻا پوندا.      

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو