Thursday, August 1, 2013

تعليمي تحقيق ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽون


مان 2011 ۾ ماسٽر ان ايڊيوڪيشن واري ڊگري انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشنل ڊيولپمنٽ_آغا خان يونيورسٽي ڪراچيءَ (AKU-IED) مان حاصل ڪئي هئي. اها منهنجي ٻن سالن واري ڊگري وڏي جاکوڙ، اڻ ٿڪ محنت سان ڪيل تحقيق ۽ تحقيق مان هٿ آيل مواد کي سهيڙڻ، ان مان نتيجا ڪڍي انهن کي تحرير ڪرڻ بعد ملي هئي. اهو سمورو ڪم مڃيل بين الاقوامي اصولن مطابق ڪرڻو هيو. ان معاملي ۾ ڪن سوالن جا جواب مهيا ڪرڻ لاءَ اڳواٽ ئي اسان کي پابند ڪيو ويو هيو. مثال طور اسان کي اڳواٽ ٻڌائڻو هيو ته اسان جوتحقيقي سوال (عنوان) ڪهڙو آهي، تحقيق ۾ ڪهڙا اوزار (Tool) استعمال ڪيا ويندا، ڪير ڪير ان تحقيقي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار هوندو، اها تحقيق ممڪن به آهي؟، ڇا اهڙي تحقيق اڳ به ٿي آهي؟ ان مان اسان جي سماج يا لاڳاپيل ادارن يا واسطيدار ماڻهن کي ڪهڙو فائدو رسندو؟ ان تحقيق مان ٻين تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪهڙا رستا کلندا؟ ان کان سواءِ اسان کي ڪن تحقيقي اخلاقي اصولن جو پابند بڻايو ويو هيو. مثال طور تحقيق ۾ ساٿ ڏيندڙ ڪنهن به ڀائيوار يا ان شرڪت دار جي اداري جو نالو ظاهر نه ڪرڻ ۽ نه ڪنهن کي ٻڌائڻ (سواءِ سپروائزر جي)، ان ڳالهه جو پورو پورو ڌيان رکڻ ته تحقيق ۾ مدد ڏيندڙن جي مرضي ۽ منشا مطابق کانئن وقت وٺي وٽن وڃي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، انهن جي جذبن، احساسن جو احترام ڪرڻ، کين پنهنجي تحقيق ۾ ڀائيوار ڪرڻ لاءِ کين پنهنجو پورو پورو منصوبو لکت ۾ ڏئي سمجهائي قائل ڪرڻ وغيره. چوڻ جو مطلب هي آهي ته جيڪي به تحقيق ۾ حصيدار ٿيندا انهن جا ۽ انهن جي ادارن جا فرضي نالا لکت ڏنا ويندا ته جيئن ڪنهن به صورت ۾ سندن اصليت ظاهر نه ٿئي ۽ کين ڪنهن به قسم جي نقصان پهچڻ جو ڪو انديشو ئي نه رهي. مون انهن مٿين ڳالهين تي سختي سان عمل ڪندي ڪنهن به پنهنجي تحقيقي ساٿين جا نالا ڪنهن به فورم تي لکت يا زباني ظاهر ناهن ڪيا ۽ نه آئندهه ڪندس. پر اتي مون ڇا ڏٺو، ڪهڙا تجربا ٿيا؟ ڪهڙين ڏکيائين کي منهن مقابل ٿيڻو پيو ۽ انهن جا ممڪن سبب ڪهڙا ٿي سگھن ٿا انهن ڳالهين کي تحرير ۾ آڻڻ جو حق مون کي حاصل آهي. ڇوته انهن ڳالهين لاءِ مون اڳواٽ ئي کانئن لکت ۾ اجازت وٺي ڇڏي هئي. منهنجي تحقيق جومحور سنڌ جي ڊگري ڪاليجن ۾ ڪم ڪندڙ پرنسپل هيا. اهي پنهنجي پوزيشن کي ڪيئن ٿا ڏسن، اهي پنهنجي ڪم ڪار ۾ ڪهڙي نموني چڱ ڀلائي آڻڻ جا خواهشمند آهن، انهن جي سوچن يا دعوائن سان سندن عملي ڪم ڪيتري مطابقت ٿو رکي. اڄوڪي هن مضمون ۾ مان پنهنجي تحقيقي سوال يا عنوان تي بحث ڪرڻ بدران ان ڳالهه کي بيان ڪندس ته هڪ تحقيق ڪندڙ کي تحقيقي مواد هٿ ڪرڻ وقت ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ماحول (Context) ۾ اسان جي استادن، هيڊ ٽيچرس ۽ پرنسپلس کي تحقيق جي ڄاڻ زري گھٽ ٻڙي برابر آهي. تمام گھڻين سمجهاڻين بعد به تمام گھڻن تحقيقي ڀائيوارن (Research Participants) مون کي هڪ قسم جو جاسوس پئي سمجھيو. کين اهو ڀؤ وراڻيو پيو هو ته متان مان سندن ڪنهن ڪمزور پهلوءَ کان واقفيت حاصل ڪري کين بليڪ ميل نه ڪريان. منڍ ۾ منهنجو هڪ تحقيقي ڀائيوار هڪ مانوارو سينئر ترين، اهڙو پرنسپل هو جنهن جي رٽائرڊمنٽ کي باقي وڃي ڪي مهينا رهيا هيا، هو سٺي ساک واري استاد جي سڃاڻپ رکندڙ هيا ۽ شهر ۾ اڌ کان وڌيڪ پڙهيل سندس شاگرد رهيا هوندا. مون کين پنهنجو سڄو منصوبو پنهنجي سمجھ آهر پوري نموني کولي کولي سمجھايو ۽ هنن منهنجي تحقيق ۾ ڀائيواريءَ لاءِ رضامندي ظاهر ڪندي مون کي ڪجھ ڏينهن بعد جو وقت ڏنو. مان سندن مرضيءَ ۽ منشا مطابق ڏنل تاريخ ۽ ٽائيم تي مقرر جڳهه تي پهتس ته سائيجن پنهنجي تمام گھڻي مصروفيت جو بهانو ڪندي وري ٻي تاريخ ڏني ۽ ان نموني چئن پنجن فضول حاضرين ڀرائڻ ۽ منهنجو قيمتي وقت برباد ڪرڻ بعد پڙ ڪڍي بيهي رهيا ته ”هو اهو ڪم نه ٿو ڪري سگھي“. سندن چوڻ هيو ته ”مون اڳ اهڙي ڪم ڪري تمام گھڻو لوڙيو آهي“. مون کي خبر ناهي ته اسان جي هن محترم پرنسپل اڳ ڪهڙي ڪم جي ڪري تمام گھڻو لوڙيو هوندو پر مون کي اها ڳالهه سمجھ ۾ نه آئي ته هڪ تعليمي تحقيق ۾ ڀائيور ٿيڻ ڪري کيس ڪهڙو نقصان رسي ها جنهن ۾ مڪمل رازداري جي اصول کي اپنايو ويندو آهي. افسوس ته اسان جا سينئر ترين پروفيسر جيڪي رٽائرڊمنٽ جي ويجھو پهتل آهن سڄي ڄمار ٻيو ته ٺهيو پر اها ننڍڙي ڳالهه پروڙي نه سگھيا آهن. ان هڪ واقعي تي سرسري نظر وجھڻ سان ئي معلوم ٿي ويندو ته اهڙن دوستن جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۽ تعليمي سرشتي تي ڪهڙي نظر هوندي. اهڙا لڪير جا فقير جڏهن سنڌ جي اهم ڪاليجن جا پرنسپل هوندا ته اتي مثبت تبديليءَ جا باقي ڪهڙا وڃي امڪان رهندا؟ جيئن ته اسان جي تحقيق ۾ ڪنهن به زور زبردستيءَ جو ڪو به عمل دخل ناهي هوندو هن منهنجي ساٿيءَ ته مون کي پنهنجي ڪم جي شروعات کان اڳ ئي معذرت ڪري ڇڏي هئي جنهن جو کيس پورو پورو حق حاصل هيو پر هو جيڪڏهن اڌ ڪم بعد به اهڙي قسم جي ڳالهه ڪري ها تڏهن به مان کيس ڪا ميارڏيڻ کان سواءِ هليو وڃا ها جو اها تحقيقي اخلاقيات جو مکيه جز آهي، ان ڪري مان سندس شڪريوا دا ڪري هليو آيس. هن قسم جي ريسرچ ڪرڻ لاءِ هڪ قسم جو ٽڪنڊو جوڙڻو پوندو آهي ته جيئن گھربل مواد پنهنجي اصلي ۽ صحيح معنى ۾ نڪري نمودار ٿئي. ان ڳالهه کي نظر ۾رکندي مون ٽن ڊگري ڪاليجن جا پرنسپل پنهنجي تحقيق جي دائره ۾ رکيا هيا، انهن ڪاليجن ۾ وري هڪ هڪ فوڪس گروپ جنهن ۾ ٻه پروفيسر ۽ هڪ غيرتدريسي عملي جو ماڻهون شامل هيو رکيل هيا جڏهن ته هڪ تحقيقي ڀائيوار پرنسپلس کان مٿاهون عملدار رکيو ويو هيو. ڪاليج سطح جي تعليم واري شعبي سان واسطو رکندڙ، نيچرل سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل پنهنجي ان ڀائيوار لاءِ سوچيندي مون پنهنجي رب جا شڪرانا پئي ادا ڪيا ته مون کي هڪ تحقيقي ساٿي اهڙو به ملي ويو آهي جيڪو اعلى تعليم يافته هئڻ سان گڏ پاڻ به اهڙي عمل مان گذريل آهي ۽ هو منهنجي هن ڪم ۾ نه صرف ڀائيوار ٿيندو پر مون کي ان لاءِ همٿائيندو ۽ ٻيو ته مونکي وٽانئس موزون ۽ ٺهڪندڙ مواد ملي ويندو. ساڻس وقت وٺي مليم، کيس پنهنجو سمورو منصوبو سمجهايم، ۽ کيس هڪ عدد انٽرويو لاءِ عرض رکيم، مون کي سندس انٽرويو رڪارڊ ڪرڻو هيو. سندس اصرار هيو ته مان کيس سوال ڏئي ڇڏيان ته هو انهن سوالن جا لکت ۾ مون کي جواب مهيا ڪري ڏيندو. حالانڪه اهڙو ڪم منهنجي لاءِ تمام گھڻيون سهولتون مهيا ڪري ڏئي ها ته مون کي لکت ۾ بنا ڪنهن تڪليف جي مواد ملي وڃي ها پر ان معاملي ۾ هڪ ته تحقيقي اخلاقيات مون کي اها اجازت نه پئي ڏني. اصول موجب مون کي اهي ئي ٽول استعمال هيٺ آڻڻا هيا جيڪي مون اڳ ئي لکت ۾ ظاهر ڪيا هيا. انهن ۾ ڦير گھير لاءِ اي آر سي (Educational Review Committee) سان رجوع ڪرڻو پوي ها. ٻيو ته مان ڪيئن تصديق ڪيان ها ته اهي جواب اسان جي واسطيدار عملدار جا آهن يا اهي هن ٻئي ڪنهن کان لکرائي پنهنجو ڪم ٽپايو آهي. مون کيس عرض ڪيو ته قبلا منهنجي تحقيق جي جوڙيل اصولن تحت مجبوري آهي ته مان اوها جو انٽرويو رڪارڊ ڪريان. مون سندس انٽرويو لاءِ جيڪي سوال ٺاهيا هيا اهي سندس حوالي ڪري کيس عرض ڪيم ته ڀلي اوهان هنن کي چڱي ريت پڙهي پوري تياري ڪري اچو ته پوءِ ئي اوهان جو انٽرويو رڪارڊ ڪندس. مان باهمي رضامندي سان مقرر ڪيل ڏينهن ۽ ٽائيم تي سندس آفيس ۾ ويم ته سائين جن ڪراچي ويل هيا، پوءِ وري اسلام آباد جي ياترا نڪري ويا هيا، هڪ ٻه دفعو آفيس ۾ وڃڻ ٿيو ته بقول پي اي جي صاحب جن ميٽنگ ۾ مصروف هيا. اسان جي هر ڪم لاءِ هڪ مخصوص وقت مقرر ٿيل هوندو آهي ۽ منهنجو وقت واريءَ جي ذرڙن جيان منهنجي هٿ جي ترين مان نڪري رهيو هيو. نيٺ مون تنگ ٿي پنهنجي سپروائزر جي راضپي سان ان جي جاءِ تي ٻي عملدار جو انٽرويو ڪيو. ان تجربي ته منهنجا طاق ڪڍي ڇڏيا، مون ڇا سوچيو هو ۽ هي ڪيئن نڪتو!! مان حيرت جي سمنڊ ۾ اڄ ڏينهن تائين پيو غوطان کاوان ته هڪ اهڙو ماڻهون جنهن جون صلاحيتون، علم انتهائي مٿاڇرو هجي ان ڪهڙي نموني پي ايڇ ڊي جهڙي ڊگري حاصل ڪري ورتي آهي. جيڪڏهن اسان جي ادارن ۾ اهڙا پي ايڇ ڊي آهن ته پوءِ ادارن جو حشر جيڪو ٿيڻ گھرجي اهو سڀ ڪجھ اسان جي سامهون آهي. ٻيو ته اهڙا ماڻهون جن جي پي ايڇ ڊي يا ايم فل جون ڊگريون ته آهن پر اهي انتظامي عمل يا تعليمي ماحول ۾ اڳواڻي واري ڪردار متعلق ناهن ته انهن کي آخر ڪار اهڙن منصبن تي ڇوٿو ويهارو وڃي. کين ته سندن واسطيدار ڊگرين ڪري ساڳين مضمونن لاءِ تعليمي ادارن ۾ ڇڏجي ته اهي تي پڙهندڙ شاگردن کي پنهنجي علم مان لاڀ ڏئي سگھن....پر هتي ٻڌي ڪير ٿو!! منهنجي تحقيق جو ٻيو پرنسپل به خوش قسمتي يا بدقسمتيءَ سان ايم فل هيو. سندس ڏنل جوابن مان مون سندس کوکلي پڻي ڄاڻي ورتي هئي. سندس سوچ انتهائي هيٺين درجي واري، تعليمي اڳواڻي سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ هئي. جنهن کي ڪنهن تي به اعتبار نه هيو، سندس چوڻ هيو ته هڪ پرنسپل لاءِ وڏي ۾ وڏو مٿي جو سور اهي استاد يا پروفيسر آهن جن سان هن ڪيئي سال گڏ ڪم ڪيو آهي. حالانڪه جيڪڏهن اوهان ان ڳالهه کي ٻئي اينگل کان ڏسو ته اهي اوهان جا دوست جن سان اوهان سالن کان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيو ته اهي ته اوهان لاءِ انتهائي مددگار ٿي سگھن ٿا، پر سندس سوچ ئي الٽي هئي. مون دل ئي دل ۾ اهڙن پرنسپلس کان سنڌ جي ڪاليجن کي بچائڻ لاءِ خدا پاڪ کان دعائون پئي گھريو. سنڌ جي ڪاليج سطح جي تعليمي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ان جا انيڪ ٻيا به سياسي، سماجي سبب ٿي سگھن ٿا پر ان تباهي ۽ برباديءَجو هڪ سبب انهن ڪاليجن مٿان مڙهيل، عقل، علم، جذبي، واسطيدار ڊگرين کان وانجھيل اهي پرنسپل صاحبان به آهن، جن کي هڪ ته تعليمي اڳواڻي جي الف بي جي خبر به ناهي ٻيو ته تعليمي ماحول جي بحالي سندن ترجيحن ۾ به شامل ناهي. اهي اهو به نه ٿا ڄاڻن ته تعليمي تحقيق جي اهميت ڇا آهي. وقت جي اهم ضرورت آهي ته اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي اسان جا ادارا ڪي تحقيقون ڪرائي حقيقتون ظاهر ڪن ته جيئن هڪ پاسي ته استادن، پرنسپلس،شاگردن، والدين ۽ ڪميونٽيءَ کي انهن کان واقفيت ٿئي ته ٻي پاسي پاليسي جوڙيندڙ به انهن حقيقي مسئلن تي ڌيان ڌرينِ. اسان جون ڪيئي يونيورسٽيون بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي ڊگرين جي جمع بازار لڳايون ويٺيون آهن پر افسوس ته سندن اهو سمورو عمل رڳو پئسن ڪمائڻ لاءِ آهي کين اهو احساس ئي ناهي ته سندن اهو عمل سنڌ جي ٻرندڙ تعليمي ماحول مٿان پئٽرول هارڻ برابر آهي. ڀلا اهڙيون يونيورسٽيون جن ۾ تعليمي شعبو ئي نه هجي اهي جڏهن بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي ڊگرين ڏيڻ جا مجاز هوندا ته ڪهڙا نتيجه برآمد ٿيندا؟ هڪ روشني جي ڪرڻ هاڻي مون کي نظر اچي رهي آهي. سکر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (Sukkur IBA) تعليم جو شعبو کولي اتي تعليم واري شعبي لاءِ ڊپلومه ۽ بي ايڊ جي ڪورسن ڪرائڻ جو عمل شروع ڪيو آهي ته ان اداري مان توقع رکي سگھجي ٿي اتي تعليم حاصل ڪندڙ گريجئيٽ ۽ مستقبل ۾ پوسٽ گريجئيٽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي عملي تحقيقي ڪم سان لڳائي منجھائيندڙ مسئلن کي نه رڳو اجاگر ڪيو ويندو پر انهن جي حل لاءِ به پيش قدمي به ڪئي ويندي. معياري تعليم لاءِ ڏاهن استادن جي اشد ضرورت هوندي آهي. سٺن ۽ جذبي وارن استادن سان ئي تبديليءَ جو عمل شروع ٿيندو آهي. هنوقت اسان جي استادن کي تربيت ڏيڻ لاءِ اهڙو ادارو گھربل آهي جيڪو اهو ڪم جديد تحقيقي گھرجن پٽاندڙ سرانجام ڏئي. katohar@gmail.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو