Monday, August 19, 2013

سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟

پنهنجي معاشري ۾ اهو بحث عام جام پيو هلندو آهي ته ”ادا ٻار پڙهائي طرف اصل ڌيان ئي ڪونه پيا ڏين، سڄو وقت اجاين سجاين ڳالهين ۾پيا زيان ڪن“ اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح پڻ آهي. ٻار ٽي وي سيٽ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي فلمن، ناچ گانن يا راندين روندين وارن پروگرامن کي ڏسي ان ۾ پنهنجو قيمتي وقت وڃائيندا آهن. جن گھرن ۾ ڪمپيوٽر جي سهولت آهي ته انهن گھرن جا ٻار يا ته ڪمپيوٽر تي رانديون کيڏندا آهن يا يوٽيوب تي گانا ٻڌڻ يا ڊائون لوڊ ڪرڻ وارو ڪم سرانجام ڏيندا آهن ۽ باقي ٽائيم جي رهيل ڪسر سوشل نيٽ ورڪ فيس بوڪ تي ڪڍندا آهن. پر رڪارڊ جو اهو هڪ پاسو آهي. ان معاملي ۾ ٻارڙن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ اسان پنهنجي معاشري اندر سندن سير و تفريح جو ڪيترو سامان مهيا ڪري رکيو آهي. اسان جي ڳوٺن يا شهرن اندر راندين جا ڪيترا گرائونڊ جڙيل آهن؟ ڪيتريون تفريح گاهون ٻارن لاءِ ٺاهيون ويون آهن؟ ڪتابن ۽ ڪمپيوٽر جي سهولت سان ليس ڪيتريون لئبرريون آهن؟ جت ٻار مثبت سرگرميون ڪري سگھن يا وڃي علم جي اڃ اجھائين؟؟!! ٻارڙن جي ذهني ۽ سماجي اوسر ۾ اهم ڪردار تعليمي ادارا ڪندا آهن. جتي قابل استاد کين چڱي ۽ بري جي تميز سيکارڻ وارو ڪم سرانجام ڏيندا آهن. پر اسان جي معاشري اندر اهي ڀڙڀانگ لڳا پيا آهن. ٻهراڙي جا اسي سيڪڙو تعليمي ادارا ڀوت بنگلا آهن. جت ڍور ڍنگر ٻڌل نظرا يندا يا انهن کي شادي جي غمي جي سلسلي ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. شهر جي تعليمي ادارن جو حشر به ٻهرارڙين وارن اسڪولن کان ڪو بنهه چڱو ڪونهي. تعليمي ادارن مان مراد سرڪاري تعليمي ادارا وٺڻ گھرجي، جن ۾ اسان جي ٻارڙن جي اڪثريت پڙهندي آهي. هونئن اسان وٽ جيڪي ٻار آهن اهي ڪنهن به صورت ۾ ٻين قومن جي ٻارن کان گھٽ هوشيار ناهن. وٽن اڳتي وڌڻ، سکڻ، سمجھڻ، مقابلي ڪرڻ واريون سموريون صلاحيتون موجود آهن. بس هڪ ڳالهه جي کوٽ آهي ته کين معياري تعليم نه پئي ملي ۽ ان سان گڏ کين معاشرتي مدد به مهيا ڪونه پئي ٿئي. سٺا استاد ڪڻو ڪڻو آهن، هيڊ ٽيڇر پرنسپل يا وي سي جيڪي آهن اهي مال ميڙڻ جي ڪڍ آهن، سپروائيز ۽ اي ڊي او يا ڊي او گولي جا گولن مان تن جي گولي جي مصداق سياسي ماڻهن جا ماڻهون آهن. ٻارن کي تعليمي حوالي سان اسرڻ، نسرڻ، اڳتي وڌڻ، سوچ ۽ سمجھ وارين صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ وارو جيڪو ماحول ملڻ گھرجي اهو ناپيد آهي. پر ان هوندي به سنڌ جي نوجوانن کي جتي به ڪا ڳلٿي يا وٿي ميسر ٿي آهي ته انهن پنهنجو پاڻ کي هرسطح تي مڃرايو آهي. سنڌ جا ڪيئي نوجوان هنوقت به پاڪستان توڙي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي اعلى تعليم پرائي رهيا آهن. سنڌ جا ڪيئي سلڇڻا پٽ دنيا جي اهم ترين ادارن ۾ اهم پوزيشن تي ڪم ڪري رهيا آهن. پر اها به حقيقت آهي ته اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، جڏهن ته اسان جي معاشري کي ضرورت آهي ته اهڙا صدورا پٽ هزارن نه پر لکن جي تعداد ۾ هئڻ گھرجن. هن وقت جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي نوجوان پاڪستان يا دنيا اندر ناليوارن ادارن اندر اهم جاءِ والارڻ ۾ ڪامياب ويا آهن ته ان پويان سندن ذاتي ڪوششن جو وڏو هٿ رهيو آهي. لاشڪ اهو تعدا هزارن ۽ لکن ۾ هجي ها جيڪڏهن انهن کي پنهنجن تعليمي ادارن جي مدد مليل هجي ها. جيڪڏهن تعليم جو معيار پرائمريءَ کان وٺي ڪاليج سطح ۽ يونيورسٽيءَ تائين اعلى هجي ته جيڪر اسان سنڌ وارا ڪيئي اهم مورچا بنا ڪنهن جنگ ۽ جدل جي جيتي اچون. سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟ واري سوال تي پاڻ وٽ وڏا مناظري نما بحث ٿيندا رهندا آهن. ان سوال جي جواب ۾ استاد شاگردن جي والدين ڏانهن اشارو ڪري چوندا آهن ته ”اسان ته ٻارن سان حال سارو مٿو هڻون ٿا پر سندن والدين ڪڏهن پڇڻ به ناهن آيا!“، جڏهن ساڳيو سوال والدين جي سامهون رکيو ويندو ته اهي استادن جي گسائڻ، نه پڙهائڻ، ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ جا الزام ڌري پاڻ کي آجو قرار ڏيندا رهندا آهن. سياستدان عوام کي ڏوهي قرار ڏيندي نظر ايندا ته ڪامورا هيٺين ملازمن چڙيل نظرايندا آهن. ان نموني اوهان جنهن به اسٽيڪ هولڊر سان ڳالهائيندا ته اهو پنهنجي ذميوارين تي ڳالهائڻ بدران ٻئي تي الزام ڌري پنهنجي ڪوتاهي تي پردي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. منهنجي راءِ آهي ته اهو هڪ اجايو بحث آهي ته تعليمي تباهي جو ذميوار ڪير آهي. ان بربادي جي پويان ٿورو ڪي گھڻو سڀني جو هٿ رهيو آهي. ها ان حقيقت کان ڪوبه انڪار ڪري نه سگھندو ته سنڌ جي تعليم پرائمريءَ کان يونيورسٽي سطح تائين ڊهندڙ ڀرندڙ حال ۾ آهي ۽ ٻي خوفناڪ ڳالهه جنهن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي ڪونه پيو وڃي ته اهڙي صورتحال جي ڪري پوري سنڌ جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. اسان جي ايندڙ نسلن جو مستقل اونداهو پيو ٿيندو وڃي. اسين ان ڳالهه تي مٿو کپائڻ ته ذميوار ڪير آهي بدران جيڪڏهن اهو سوچيون ته ان صورتحال ۾ بهتري ڪيئن ٿي آڻي سگھجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. جنهن ڌٻڻ ۾ پاڻ سنڌ وارا ڦاٿل آهيون ڇا اهڙي صورتحال محض اسان سان پيش آئي آهي يا ٻيون قومون به ان سان منهن مقابل آهن يا اهڙي قسم جي صورتحال ۾ مثبت تبديلي آڻي سگھيا آهن. ڀلا پري ڇو وڃون پياري پاڪستان جي پنجاب ۽ سرحد صوبي کي ئي مثال طور کڻون ٿا. پنجاهي کن سال اڳ تعليمي ميدان ۾ سنڌ ٻين سڀني صوبن بشمول پنجاب کان به ڪيئي دفعا اڳتي هئي پر اسان جي سياسي نااهلين ڪري اها وئي پوئتي ڌڪبي. ڪو وقت هو ته سنڌ جا نڪما شاگرد جڏهن سنڌ ۾ امتحان پاس ڪري نه سگھندا هيا ته اهي ساڳيا امتحان پنجاب مان ڏيئي ڊگريون وٺي ايندا هيا ۽ هاڻي رڪارڊ جو بلڪل الٽ پاسو پيو هلي ته پنجاب جا نڪما شاگرد ڌڙا ڌڙ سنڌ جي سرحدي ضلعن ۾ رشوت عيوض امتحان ڏئي ڊگريون پيا حاصل ڪن. سرحد جتي ضياالحق جي دؤر کان وٺي مذهبي انتها پسندن علم دشمني جي حد ڪري ڇڏي آهي. پاڻ روز اخبارن ۾ پڙهندا آهيون ته فلاڻي شهر ۾ ڇوڪرين جي اسڪول کي بم جي ڌماڪي سان اڏاريو ويو آهي يا اسڪول ويندڙ ڇوڪرين جي منهن تي تيزاب هارڻ وارا واقعا به ڪيا ويندا رهيا آهن. ملاله يوسف زئي جو جڳ مشهور قصو ته ڪنهن کان به ڳجھو ڪونهي پر اهڙي صورتحال هوندي به سندن تعليمي شرح ۽ تعليمي معيار اسان سنڌ وارن کان تمام مٿاهون آهي. پاڙيسري ملڪ سريلنڪا سالن تائين گھرو ويڙهه جي باهه ۾ سڙندو رهيو آهي پر حيرت جي ڳالهه ته ڏسو سندن تعليمي شرح سؤ سيڪڙو آهي. هندستان جي تيز رفتار ترقي پويان سندن سياسي صلاحيتون ته برابر آهن پر ان ترقي ۾ تعليمي شرح ۽ سٺي معيار جو به وڏو هٿ آهي. اسان کان ته هاڻي بنگله ديش به اڳتي نڪري چڪو آهي. منهنجي هيتري ساري تمهيد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هي مسئلو ڪو اهڙو ناهي جنهن جو حل ناممڪن هجي. جڏهن ٻيون قومون يا ملڪ ڀلائي آڻي سگھن ٿا ته اهي سمورا امڪان هتي به آهن. اسان کي معياري تعليم ڏيندڙ تعليمي ادارن جي گھرج آهي. ان سلسلي ۾ حڪومتي ڪوششون ڀلي جڏهن ٿين يا نه ٿين پر جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو اسڪول آهي ان ۾ ٻه ٽي جيڪي استاد آهن، هو جيڪو هيڊ ماسٽر آهي ته انهن کي ڪنهن روڪيو آهي ته اهي تعليم جو معيار نه وڌ ائين!. پرائمري پيڙهه آهي سٺي ڪم جي شروعات اتان کان ئي ٿيڻ گھرجي. ان ڪم ۾ ڳوٺ وارا جيڪڏهن دلچسپي ڏيکاري ڪا تبديلي آڻيندا ته کين به ڪو ڪونه جھليندو. ڪاليج سطح تي پرنسپل کي ڪاليج جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري کان ڪوبه نه ٿو روڪي يا ٽوڪي، بس اهو آهي ته اڪثر جيڪي اسان جا ان سطح تي پرنسپل مقرر ڪيا ويندا رهيا آهن انهن جي ڪسوٽي غلط رکي ويئي آهي اهي يا ته سينارٽي يا سياسي سفارشن تي مقرر ڪيا ويندا آهن. ٻنهي صورتن ۾ اهي ڪي مثبت تبديلين بدران ذاتي ۽ گروهي مفادن جي رکوالي جي ڪڍ هوندا آهن. پر ان حقيقت کان به انڪار ناهي ته معاشرتي ڀڃ ڊاهه واري هن ئي ماحول ۾ اسان کي پرائمري، سيڪنڊري کان وٺي ڪاليج سطح تائين ڪيئي ڀلوڙ استاد، هيڊ ٽيچر ۽ پرنسپل ملي ويندا جن پنهنجو دين ايمان پئسي کي ڪونه سمجھيو هوندو. مون کي جڏهن به اهڙن اسڪولن يا ڪاليجن جي دؤري جو موقعو مليو ته مون کي بهار جي مند ۾ گھلندڙ ٿڌڙي هير وارو سڀاويڪ احساس محسوس ٿيندو رهيوآهي. خاص ڪري جن تعليمي ادارن کي ڪي سٺا تعليمي اڳواڻ هيڊ ٽيچر يا پرنسپل جي صورت ۾ مليل هوندا آهن ته انهن جي شڪل ئي مٽيل ملندي آهي. ان ڪري ئي ته اهو ڪنهن چيو هو ته ”مون کي ڪو سٺو اسڪول ڏيکاريو مان اوهان کي سٺو پرنسپل ڏيکاريندس“. سٺي اسڪول ۽ ڪاليج جو واسطو سڌوسنئون سٺي هيڊ ٽيچر يا پرنسپل سان هوندو آهي. اهي پنهنجي اداري کي چار چنڊ لڳائڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪندا آهن بس ٿورڙي همٿ هجي، حوصلو هجي ته هر ڳالهه ممڪن آهي. معياري پرائمري تعليم ڪاليج سطح جي تعليم کي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ۽ ڪاليج سطح جي معياري تعليم وري يونيورسٽي جي تعليم جي معيار کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. جيڪڏهن اسان واقعي به قوم جي تقدير بدلائڻ جا خواهش مند آهيون ته اسان کي هرسطح جي تعليم جي معيار کي وڌائڻو پوندو. جيڪڏهن اسان اڄ کان ڪي ڪوششون وٺنداسين ان ڪم کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ سورهن کان ارڙهن سالن ۽ اعلى تعليم جي مد ۾ 20 يا 22 سالن جو عرصو لڳندو. معياري تعليم ڪا اڪ جي ماکي ناهي ته اها آساني سان لهي وڃي هي هڪ تمام پيچيدهه عمل آهي، پر آهي به تمام ضروري ان کان سواءِ چاڙهو به ڪونهي. اسان مان گھڻو ڪري سڀ ان ڳالهه تي نظر رکندا آهن ته کين صحيح صحيح ڪم سرانجام ڏيڻ گھرجي ۽ اسان تمام گھڻو وقت ان ڳالهه تي سيڙائيندا آهيون ته صحيح ڪم ڪيئن سرانجام ڏيئي سگھجي ٿو. اها ڪا هروڀرو خراب ڳالهه به ناهي پر جيڪڏهن اسان صحيح ۽ غلط واري جھنجھٽ مان جان آجي ڪري بس منزل طرف پنهنجو سفر بنا دير جي شروع ڪري ڏيون ته تهان سٺو ٿيندو. ها ائين ڪرڻ سان اسان کان غلطيون ٿينديون پر اهي غلطيون ئي صحيح گس لاءِ رهنما ثابت ٿينديون ان ڪري اچو ته سفر شروع ڪريون، صاف نيت سان، نيڪ ارادن سان، چڱائي جي اميد سان، سهاني مستقبل جي آس سان، سنڌ کي پڙهائي ان بچائڻ واري نعري سان اچو ته سفر شروع ڪريون، سفر لاءَ ضروري ناهي ته پاڻ وٽ لکين ماڻهون هجن، هجوم هجن بس ٻه چار جيڪي به آهيون اهي شروعات ڪيون قافلا پنهنجو پاڻ جڙي پوندا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو