Wednesday, August 28, 2013

ويا سي وينجهار (پروفيسر منظور اڄڻ بي وقتي موت تي لکيل تاثر)


دوست وٽان ٽيڪسٽ ميسيج مليو ته ”سائين پروفيسر منظور اڄڻ هاڻي هن دنيا اندر ناهي رهيو“ مون لاءِ اهڙي ڳالهه تي يقين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هيو ڀلا هي به ڪا مڃڻ جهڙي ڳالهه آهي!، اڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي سائين راز علي گل ڀٽو جي آفيس ۾ ويهي محبتي محفل مچائي هئي سين. انهن انمول لمحن ۾ ڪيل ڪچهريءَ ۽ ڪچهريءَ ۾ ونڊيل ٽهڪڙن جا پڙلاءُ ته منهنجي ڪنن اندر اڃا تائين پيا گونجن، ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ ماڻهونءَ جو آواز، ٽهڪ، ٽهڪن جا پڙلاءُ ته جيئرا جاڳندا هجن پر همراهه پاڻ نه هجي!!!؟

 ڪڏهن هوا دروازو کولي، منهنجي گهر ۾ پيهي ايندي،
 ۽ ڪمري مون کي ڳولي، مايوسي مان موٽي ويندي،
ميز مٿان سوَ ڪاغذ، پکڙيل هوندا آءٌ نه هوندس،
 ۽ ٻيو ڇا ڇا آءٌ نه هوندس۔
 شيخ اياز

 ۽ ها سائين منظور اڄڻ صاحب ڪراچيءَ ۾جنهن دعوت جي نينڍ ڏني هئي ان جو ڇا ٿيندو؟ ڀلا ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته ماڻهون ائين سڀ ڪم، سڀ وعدا وچن اڌ ۾ ڇڏي بنا موڪلائڻ جي هليو وڃي! هو اهڙو ته هوئي ڪٿي! هن پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجھ چيو ان تي عمل ڪري ڏيکاريو، هن پنهنجي ڄمار ۾ڪنهن يار دوست کي مايوس ته ڪيو ئي نه هيو...پر هاڻي کيس ڇا ٿيو....ڪجھ حقيقتون ڪيڏيون نه اڻ وڻندڙ ۽ ايذائيندڙ هونديون آهن. هڪ پرين پيارو، هڪ دوست، هڪ سٺي سڀاءُ وارو انسان جيڪو ڪالهه تائين اسان جي صفن ۾ ويٺو هيو، جيڪو ٽهڪ ورهائيندو هيو، جيڪو دوستن جي خدمت ڪري آسيس ماڻيندو هيو، اهو اڄ ناهي. ڪي لقاءُ جيڪي ائين نه ٿيڻ گھرجن جڏهن رونما ٿيندا آهن ته اسين وائڙا ٿي ويندا آهيون. مان پڻ، اڄ اهڙي وائڙائپ واري جبل جي چوٽيءَ تي ويٺو آهيان، سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڪوڙو دلاسو ڏيئي دل کي وندرايا يا ان زهر جهڙي ڪڙي سچ کي پي وڃان!!! مان پنهنجي پياري دوست کان ڪجهه طلب ڪيان يا کيس ڪجھ پيش ڪريان. فقير سان گذاريل لمحا، وعدا وچن، سفر، ڀوڳن ۽ چرچن جون نه کٽندڙ محفلون اهي سڀ جهڙوڪر خواب هئا...نه ائين ناهي فقير مالڪ کي پنهنجا وعدا وچن نڀائڻا پوندا، کيس اهو حق نه ٿو پهچي ته ائين بنا حساب ڪتاب جي هليو وڃي. ڪاش ائين ٿئي ها ته مان پنهنجي دوست پڄاڻا جيڪي ڪجھ سندس لاءِ لکي رهيو آهيان، اهو مون تي لکي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها. هو جيڪو هڪ ذميوار پيءُ هيو، قابل آفيسر هيو، هڪ لائق انسان هيو، ادب سان بي انتها چاهه رکندڙ ماڻهون هيو، سچو صوفي ۽ سنڌ دوست هيو، جيڪو يارن جو يار هيو، مون جهڙي انسان جي هئڻ يا نه هئڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي پر جڏهن سائين منظور جهڙا ماڻهون هليا ويندا آهن ته ڪيئي مامرا اڌ ۾ رهجي ويندا آهن. ڪير پورو ڪندو انهن اڌورن پراجيڪٽس کي؟؟؟ ممتاز صحرائي به ائين ئي هليو ويو هيو، سندس وڃڻ سان ڪتابن سان بي انتها پيار ڪندڙ هڪ سٺي انسان کان سکر جا دوست محروم ٿي ويا هيا، اسان جي انتهائي مٺڙي دوست شوڪت خواجائيءَ کي شهيد ڪيو ويو هيو، هڪ چرندڙ پرندڙ تاريخ خاموش بڻجي ويئي هئي، هاڻي سائين منظور اڄڻ جي اڻ مندائتي وڇوڙي سکر جي اديبن ۽ دوستن ۽ سندس گھر ڀاتين کان جهڙوڪر گھاٽي بڙ جي ڇانوَ کسي ورتي آهي. اسان تعزيتن ۾ قدرت جي قانونن تي صبر جي تلقين ڪندا آهيون جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ناهي هوندو، پر حقيقت ۾ اهڙن حادثن تي پنهنجي دل کي سمجهائڻ ئي تمام ڏکيو ڪم هوندو آهي. جڏهن به ڪو سلڇڻي سڀاءُ، سهڻي سيرت وارو انسان بي وقتي جدا ٿيندو آهي ته اندر مان اساٽون الماڙين جيان اٿنديون آهن ۽ دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي اهو چوڻ تي مجبور ٿيندي آهي ته اهو جيڪرنه ٿي ها. هي به ڪا ائين راهه رباني وٺڻ جي مند هئي! پنهنجي ڪنهن پرين پياري جي اڻ مدائتي اڏام تي لکڻ مون لاءِ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم آهي. حالانڪه دل ۾ اڌما سمنڊ جي منهن زور ڇولين وانگر پيا اٿلون کائيندا آهن ته وڇڙي ويل دوست جي لاءِ سوين پنا ڪارا ڪيان پر جڏهن ڪجھ لکڻ لاءِ ليپ ٽاپ (Lap Top) تي ويهندو آهيان ته آڱريون ڪي بورڊ (Key Board) تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن، دماغ وارو سي پيو يو (CPU) آن ٿيڻ کان نابري واري ويهندو آهي ۽ انوقت مون کي جڳجيت ۽ چترا پاران ڳاتل غزل ياد اچي ويندو آهي؛ اچھا سا کوئی موسم، تنہا سا کوئی عالم، ہر وقت کا رونا تو بی کار کا رونہ ہے۔ عمر عزيز جا ڪيئي يادگار لمحا فقير جن سان گڏ گذاريا به هاسين ته گھاريا به هياسين. ڪاش مونکي به حضرت غالب وارو علم اچي ها ته يادگيرين کي ڳنڍين ۾ ٻڌي ڇڏيان ها ۽ هاڻي هر ڳنڍ کولي اهو بيان ڪيان ها. حقيقت ۾ منهنجو دماغ ئي ڳنڍ کائي چڪو آهي. بس ڏئي وٺي چند ساروڻيون آهن جيڪي ڪنهن جھڙالي رات اندر دور افق تي ڪن ڌنڌلن ستارن وانگر ٽمڪندي نظر پيون اچن. ڀلي سڀ ڪجھ وسري وڃي پر سندس طبيعت ۾ جيڪو سواد هيو اهو وسرڻ ممڪن ناهي. ڌيرج سان ڳالهائيندڙ، هر ڪنهن سان ڳراٽڙي پائي ملندڙ، نوجوان اديبن کي اتساهه ڏيندڙ، سنگت ساٿ جي خدمت کي پنهنجي ايمان جو جز سمجھندڙ فقير منظور ماڻهون ٿوروئي هيو ملائڪ هيو. هو دوستن جي لاءِ بڙ جي گھاٽي ڇانوَ مثل هيو. مان به سالن کان اديبن جي سائي ۾ رهندو پيو اچان ته من ڪو ماسو مال ملي ته پرباش ٿي وڃان. ان ئي راهن تي هلندي مون کي ياد پيو اچي ته ڪو وقت هيو ته سکر جي اديبن کي پنهنجي ادبي ڪچهرين ڪرڻ لاءِ ڪو مناسب ٺڪاڻو ميسر ڪونه هوندو هيو. پر اسان جي هن دوست پنهنجو اسڪول، پنهنجي سرڪاري گاڏي سنگت حوالي ڪري ڇڏي هئي. سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ سندس قيامت تائين ٿورائتي رهندي جو هن پنهنجي اسڪول جا دروازا سنگت لاءِ ڪڏهن به بند نه ڪيا هيا. جيستائين سائين جن سکر ۾ هيا ته هرجمعي جي ڏينهن شام جو سکر جي اديبن جا پير پنهنجو پاڻ گورنمنٽ اسڪول فار بلائينڊ ڏانهن وڌڻ لڳندا هيا. سندس اسڪول جو هال جنهن جي ڀتين تي ڪيئي صوفياڻا شعر سهڻن اکرن ۾ لکيل آهن ان ڳالهه جي گواهي ڏيندو ته تهه سيارين توڙي تئي وانگر تتل ڏينهن ۾ اتي ڪيئي ڪارائتا پروگرام ٿي گذريا. تحقيق اهي منقعد ٿي نه سگھن ها جيڪڏهن اسان جي غريب اديبن کي اهو هال مفت ۾ نه مليل هجي ها. شايد گذريل اونهاري جي ڳالهه آهي ته ان هال ۾ ئي لطيف سائين جو ڏهاڙو ملهايو ويو هيو. تتل ڏينهن هيو، بجلي به بند هئي پر پوءِ هادي ڀٽ صاحب، بشير منگي، راز علي گل ڀٽو، مور خان مهر، مقيم ناز بلوچ، سچل ڀٽي، نذير وڌو، بشير سميجو سميت ڪيئي دوست ان پروگرام ۾ شريڪ ٿيا هيا ۽ ان پروگرام جي ڪمپيرنگ سائين منظور اڄڻ جن پاڻ ڪئي هئي جو انوقت سائين جن سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ جا سيڪريٽري هيا. مون کي تاريخ يا سال ته ياد ناهي پر اهو چٽيءَ طرح ياد آهي ته ان ئي هال ۾ فقير منظور هڪ يادگار محفل موسيقي منقعد ڪرائي هئي، جنهن ۾ درگاهه جھوڪ شريف جو فقير امام دين ڊکڻ پنهنجي پوري سُنگ سوڌي رنگ ڄمايو هيو. منهنجي زندگيءَ جي اها هڪ يادگار محفل هئي. فقير امام دين جي سامهون سيٽن تي ڪجھ ملوڪ صورتون پڻ ويٺل هيون ۽ فقير پنهنجي فل مستيءَ ۾ محفل کي اهڙو ته رنڱيو هيو جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. مون پوري زندگيءَ ۾ اهڙي شاندار محفل نه اڳ ڏٺي يا ٻڌي هئي نه ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ٻڌي سگھيو آهيان. فقير منظور اڄڻ جن جو چوڻ هيو ته هن فقير امام دين ڊکڻ جن جي اڪيچار محفلن ۾ شرڪت ڪئي آهي پر سائين جن کي اهڙي رنگ ۾ هُن صرف هڪ دفعو اڳ درگاه جھوڪ شريف تي ڏٺو هيو. ڪاش اهي گھڙيون بيهجي وڃن ها ۽ اسين سڀ انهن يادگار ساعتن جو حصو بڻجي امر ٿي وڃون ها. سکر جي اديبن سان گڏجي سائين منظور اڄڻ جي گاڏي ۾ ڪراچيءَ تائين هڪ تاريخي سفر ڪيو هوسين. سکر کان ڪراچي ۽ ڪراچيءِ کان سکر تائين فقير منظور ڊرائيونگ جو ڪم پاڻ ئي سرانجام ڏنو هو. سکر کان ڪراچيءَ تائين اوٽ موٽ هائيس ويگن جي ڊرائيوري ٿڪائيندڙ عمل آهي پر مجال آهي جو سندس منهن تي ٿڪاوٽ يا بيزاريءَ جو ترورو به نمودار ٿئي. اسان جو اهو هڪ يادگار سفر هيو ڪاش ڪو دوست جنهن جي يادگيري سٺي هجي ته ان سفر تي هڪ ڀرپور سفرنامون ترتيب ڏئي سگھي ٿو. ها ياد ٿو اچيم ته سائين ضياءَ شاهه ان قسم جو وعدو پڻ ڪيو هيو. اهو ڀوڳ، چرچن، ٽهڪن سان معمور سفر هيو. فقير گاڏي جي ٽيپ ۾ لتا جو ڪلام پئي هلايو ته ”ميري چڙهتي جواني ترسي، تون منه نه موڙ، تون وعده نه توڙ“ ته ڪنهن دوست سائين جن کي چيو هيو ته سائين ڪلام ٻڌي پاڻ کي جوان پيو محسوس ڪري، مون کيس چيو هيوته سائين اوهان گھڻي خوش ٿيڻ جي ضرورت ناهي جو لتا لڳ ڀڳ ستر سالن جي آهي ۽ اوهين سندس مقابلي ۾ واقعي به ”جوان“ آهيو پر متان سندس ڪلام ٻڌي ڪو غلط مفروضو قائم ڪيو. ٻئي هڪ دفعي مون منظور اڄڻ سائين جن کي ذاتي طرح گاڏيءَ جي لاءِ عرض رکيو هيو، جيڪو سائين جن بلا چون وچران جي قبول ڪيو هيو. ڊاڪٽر ايوب شيخ جي تعاون سان مون لاڙڪاڻي ڪنهن شادي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ بي بي سي جي مشهور نمائندي وسعت الله خان کان ڪاليج لاءِ ڪلاڪ کن ٽائيم ورتو هيو. مسٽر وسعت الله خان کي منظور اڄڻ فقير جي ويگن ۾ سکر ايئرپورٽ کان ڪاليج کڻي آيا هياسين شايد ڊرائيوري به سائينجن پاڻ ئي ڪئي هئي. هو سنگت ساٿ جا اهڙا ڪم ڪري دلي خوشي ۽ آسيس محسوس ڪندو هيو. ان کان علاوهه سندس اسڪول جي اڱڻ ۾ بشير منگي ۽ سندس ڪراچي جي اديب دوستن جون گڏيل سالگرهن وارا ڪيئي پروگرام به ٿيا هيا. ڪالهه تائين فقير اسان منجھ موجود هيو اڄ ڄڻ هوا ۾ تحليل ٿي ويو آهي. ڪالهه تائين هو اسان جي هنن محفلن جان هوندو هيو، هاڻي رچايل محفلون هن کان سواءِ اداس اداس ۽ ٻسيون ٿيون لڳن. پر ڇا ڪجي اهو سفر جاري رهڻو آهي. ”مرد نه مرن ڪين ڪي، ڪوپا هِن قائم، ديهيءَ ري، دائم، حاضر هن هر جاءِ تي. مرڻ مهڻو نه آهي، ڪل نفساً ذائقة الموت جو مزو هر ديهيءَ کي چکڻو آهي، جو وچن ويڙهيچن سان ڪري هتي آيو آهي، انهيءَ کي نڀائڻ لاءِ واپس موٽڻو آهي. جيئن حديث شريف ۾ آهي ته ’هر شيءِ کي اصل ڏانهن موٽڻو آهي‘، بندي جو دائمي مقام به اهو ئي آهي، باقي هي دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي. حضرت علي جن جو قول آهي ته ’هي دنيا پل مثل آهي، جنهن جي هڪ ڇيڙي تان چڙهبو ۽ ٻي ڇيڙي کان لهبو، وچ تي گھر ٺاهي نه ويهون‘. ”انهيءَ قول جي روشنيءَ ۾ غور وَ فڪر ڪبو ته هن قول مان انسان کي وڏو سبق حاصل ٿئي ٿو جنهن ۾ مڪمل جدوجهد جو درس ملي ٿو، جيئن شاهه ڀٽائي فرمايو آهي ته’تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، متان ٿئي اونداهه ته پير نه لهين پرين جو‘ انسان هت جدوجهد جو عمل کڻي آيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجا حق ادا ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو، ڏاڍاين، تڪليفن مان پاڻ گذاري ٿو تڏهن هو حاصلات جي منزل رسي ٿو ۽ خلق خدا لاءِ هڪ استاد ۽ رهبر جي حيثيت ماڻي ٿو“. فقير پروفيسر منظور اڄڻ پاران سنگت پبليڪشن سکر جنوري 2013ع ۾ سندس پاران ڊاڪٽر ملڪ نديم تي لکيل تاثر تان کنيل. منهنجي پنهنجي خيال موجب اهو عمل اڻ وڻندڙ آهي پر اها به اٽل حقيقت آهي ته اڻ ٽر پڻ آهي. سائين پروفيسر فقير منظور اڄڻ ان اڄاتل سفر تي روانو ٿي چڪو آهي، پاڻ سڀني کي به اهو سفر ته بهرحال هر صورت ۾ ڪرڻو آهي بس ان جي تاريخ جي خبر ناهي. تاريخ جي اڻ ڄاڻائي به هڪ قسم جي غنيمت آهي. اها اڻ ڄاڻائي اسان کي موت جي خوف کان بچائڻ جو هڪ تمام وڏو وسيلو آهي. فقير منظور اڄڻ سمورا ڏکيا ڪم پاڻ سرانجام ڏيندو هيو ۽ جڏهن مشهوري يا اسٽيج تي اچڻ جو وارو ايندو هيو ته دوستن کي موڪليندو هيو. ان قسم جو رويو رکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي ته پاڻ ماڻهون پس منظر ۾ رهي سڀ ڪم اڪلائي ۽ پروموٽ پنهنجي دوستن کي ڪري! اهڙا انسان مري به مات ناهن کائيندا، ڪي مري به جيئرا رهندا آهن، پياري پروفيسر فقير منظور اڄڻ جن جو ڳاڻاٽو به اهڙن امر انسانن ۾ ئي ٿيندو. هو هميشه لاءِ اسان دلين ۾ زنده جاويد رهندو. katohar@gmail.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو