Tuesday, August 19, 2014

رفليڪشن



 گذريل سال لکي شهر ۾ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وسيلئه حق ۾ ڪڻو نڪتل هڪ گروپ جي انٽرپرينوئرشپ ڊويلپمنٽ ٽريننگ  (EDT) ڪرائي هئم.  ان سکيا واري عمل ۾ سکيا وٺندڙن منجھ ڪاروباري سرگرمين لاءِ ڇڪ ۽ ڪشش پيدا ڪرڻ ۽ منجھائڻ هٻڪ ختم ڪرڻ لاءِ  کين ٽريننگ سينٽر اندر مني مارڪيٽ هڻائڻ وارو ڪم ڪرائيندا آهيون، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ کين پورو ڏينهن ڏيندا آهيون ته اهي بازار ۾ نڪري وڃن ۽ اتي ڪونه ڪو ڪاروباري ڪم ڪار سرانجام ڏين ۽ بعد ۾ کانئن سندن ان عمل تي رفليڪشن ورتي ويندي آهي. ان عمل سان کين خبر پوندي آهي ته ڪهڙو ڪاروبار ڏسڻ ۾ ته سٺو ٿو لڳي پر حقيقت ۾ ان ۾ ڪا خاص ڪمائي ناهي، جڏهن ته ڪي ڪاروبار بظاهر ته انتهائي خسيس نظر ايندا آهن پر حقيقت ۾ اهي انهن کان وڌيڪ نفعو ڏيندڙ آهن. سکيا جي ان عمل ۾ هڪ ڀيل ذات جو نوجوان به شامل هيو. هو پنهنجي امڙ جي جاءِ تي سکيا وٺي رهيو هو.  تمام فضيلت وارو، سلڇڻو، ايماندار ۽ انتهائي نياز ۽ نوڙت رکندڙ انسان هيو. تعارف ڪرڻ وقت ئي مون کيس پرکي ورتو هيو. جڏهن کيس چيم ته بابلا اڄ وڃ ۽ بازار ۾ ڪا شيءِ وڪڻي ڏيکار ۽ ڏسون ته ڪيترو ٿو ڪمائي ڪري سگھين. پر ان منهنجي دوست جواب ۾ جيڪي ڪجھ چيو ان منهنجا تاڪ لڳائي ڇڏيا هيا ۽ لفظ منهنجو ساٿ ڇڏي ويا هيا ۽ مان پنهنجو پاڻ کي حيرت جي سحرا ۾ گھمندي محسوس ڪيو هوته مون کي اها جرئت به نه پي ٿي سگھي ته ساڻس اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائي به سگھان. هن جو جواب انتهائي مختصر هيو پر معنى تمام وڏي هئي، سندس اهو چيل ننڍڙو جملو اسان جي بي حس، ڪٺوردل ۽ کوکلي نعرا بازيءَ تي ٻڌل سماج تي هوا ۾ لکيل ايف آئي آر هئي! هن چيو هو ته “سائين مون کي هت سڀ سڃاڻن ٿا ته ڀيل آهيان ته مون کان شيون خريد ڪير ڪندو؟”!
لکي جي آس پاس سرڪاري اسڪولن جي ڪفن دفن جو ڪم گھڻو اڳ ٿي چڪو آهي،  هيڪڙ ٻيڪڙ گورنمنٽ جا پرائمري اسڪول هلندڙ هوندا نه ته ٿيو مڙوئي خير جڏهن ته ساڳي علائقي ۾  ڪيئي مدرسا گنڀين وانگر ڦٽي نڪتل نظر ايندا. هن علائقي جي ٻي خصوصيت طاقتور سردار آهن، جن کي ۽ سندن آل اولاد کي ڪيئي قيمتي ڪارون، مهانگا لينڊ ڪروزر، وڏا وڏا ڪوٽ ۽ بنگلا ان سان گڏ هرهڪ سردارزادي سان ڌڻ محافظن جو هوندو آهي جڏهن ته باقي خلق خدا جي ٻن ويلن مانيءَ لاءِ به پريشان رهندي آهي.سرداري نظام جو بنياد ئي خوف، بي يقيني ۽ جهالت سان سلهاڙيل آهي ان ڪري سردار هرطرح سان ڪوششون وٺي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ويڙهائي رکندا آهن، کين اهو تاٿر ڏيندا آهن ته جيڪڏهن هو سردار نه هجن ها ته کين دشمن برادريءَ جا ماڻهون ڪڏهڪو کائي کپائي ڇڏين ها. ان ڪري اهي ڪڏهن به ناهن چاهيندا ته ماڻهون اقتصادي طرح پاڻ ڀرا ٿين، کين سوچ ۽ سمجھ اچي يا هو علم جو هٿيار استعمال ڪندي حقيقتن کي ڄاڻي وٺن.  يقين ڄاڻو ته جت سردارن جي عملداري هجي ۽ ان سان گڏ روائتي تعليم جو خاتمو ۽ مدرسي واري تعليم عام هجي ته انهن علائقن کي تباهه ٿيڻ کان ڪير به بچائي ڪونه ٿو سگھي. جڏهن کان صوفين جي سنڌ ۾ مذهب جي نالي ۾ مدرسن جو ڄار وڌيو آهي ته انسانن جي تذليل جا واقعا به وڌيا آهن. چڪ ۾ هندن جو قتلام هجي، سيتا ۾ ڪنهن چرئي تي توهين رسالت جو الزام مڙهي سندس مٿو سروٽن سان ڇٿي، وچ بازار ۾ سندس لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ وارو واقعو هجي، پنڱريو ۾ ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي وارو مامرو يا هندو نياڻين کي اغوا بعد بليڪ ميل ڪري زبردستي مسلمانن سان پرڻائڻ وارا واقعا هجن سڀني جي تهه تائين وڃبو ته انهن جي پويان مدرسن اندر جيڪا خطابين کي تعليم ۽ تربيت ملي ٿي ان جو هٿ نظر ايندو. اسان انسانن سان روين جي معاملي ۾ ڪيترو نه ڪري چڪا آهيون. اسين پوري نموني گندگيءَ جي گپ ۾ گيچڙيل وتون ٿا معصوم انسانن تي هڪلون ڪندا ته هي مسلمان ناهي، ڀيل آهي، ماڙيچو آهي، هندو آهي، اوڏ آهي وغيرهه ۽ ان جي هٿ جي شيءِ حرام آهي. اسان ڪيترن کي خبر آهي ته مارڪيٽ مان جيڪي شيون اسان خريد ڪندا آهيون ته اهي ڪنهن جون آهن؟ چائنه جي شين سان اسان جون مارڪيٽون ڀريون پيون آهن، اهي ڇا چائنه اندر  رهندڙ ديوبندي مسلمانن جون جڙيل آهن؟!، اسان وٽ جاپاني ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون عام هلن ٿيون اهي ڇا اهي جاپاني شيعن  جي ڪارخانن ۾ ٺهي راس ٿيون آهن، جنرل اسٽورن تي ميڪ اپ ۽ روز مرهه جي شين کي خريد ڪندا آهيون جيڪي گھڻو ڪري يورپ مان امپورٽ ٿي اسان جي هٿن تائين پهچن ٿيون اهي ڇا اهي يورپ جي بريلوي مسلمانن پاران موڪليل آهن!!؟؟ اسان جا هوٽل، اسٽور ڪوڪو ڪولا، شيزان، پيپسي، نيسلي ملڪ ۽ نيسلي پيور واٽر جي بوتلن سان ڀريل آهن ڇا اسان کي اها خبر ناهي ته انهن شين جا بين الاقوامي مالڪ دنيا جا گبر يهودي آهن! اسان جي ملڪ جي اڪثريت سڄو ڏينهن يهودين جي مالڪي واريون بوتلون پيا پيئندا آهن اهي ته سڀ اسان لاءِ حلال آهن پر ڳوٺ جو جيڪو غريب، شريف، بي ضرر ڀيل آهي ان جي هٿ جي شيءِ حرام آهي. اسان جو معاشرو ان حد تائين ڪري پيو آهي ته اسين انسانن کان رڳو سندن گھٽ ذات واري هئڻ ڪري نفرت ٿا ڪيون. جڏهن ته دين اسلام ته آيو ئي هيو اهڙن خرافات کي ختم ڪرڻ!
آهي ڪو مائي جو لعل جيڪو پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي هيسايل، ڊيڄاريل هيڻن ماڻهن جي اندر وڃايل اعتماد کي بحال ڪرائي؟

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو