Tuesday, August 26, 2014

ڪلاس روم پرئڪٽس جي ريسرچ



گھڻي وقت بعد ڪالهه سکر ۾ برسات پئي هئي ۽ موسم جي خوشگوار ٿي وڃڻ ڪري سکر واسين ڪو سک جو ساهه کنيو هو. اڄ خير، برسات ته نه پئي آهي پر اڀ تي ڪڪر ڪارونڀار ڪيون بيٺا آهن ۽ ٿڌڙي هوا جسم مان ڪتڪتايون ڪڍي جهڙوڪر شهه پيو ڏي ته؛ گھر جي ڪمري مان نڪري ٻاهر گھنگھور گھٽا جو مزو وٺ!!!
موبائيل تي وقت ڏٺم ڏينهن جا سوا ٻه کن ٿيا ها، ڪاليج ٽائمنگ ۾ اڃا منو ڪلاڪ کن هيو.  سوچيم ته ڀلا اڄ سوير ئي ٿو وڃان، ڪاليج جي ڇت تي ويهي موسم جو مزو به ماڻيندم ته روهڙي جي لينسڊائون پل جو نظارو به ڪندس.
ڪاليج منهنجي ڪواٽر کان سڏ پنڌ تي آهي، اتي پهچندي پهچندي مون کي اڍائي ٿي ويا ها. ڪاليج جي سيڪنڊ فلورتي جيئن ئي پهتم ته بي ڪام ٽو جي ڪلاس ۾ ڪنهن ماڻهونءَ جو سايو نظر آيو. ڪلاس روم اندر ويم ته اتي منهنجو يار ۽ ڪليگ پروفيسر صغير احمد ڪجھ ڳولهي رهيو هو. پروفيسر صاحب جا وار وڏا ۽ وکريل هيا، سندس اکين تي نظر جو ٿلهو چشمو چڙهيل هو. چشمو هڪ مضبوط ڏوري سان ٻڌل هيو ۽ اها ڏوري سندس ڳچي ۾ پيل هئي. هن اهو بندوبست ويسر جي مرض ڪري ڪيو هو. سندس هٿ ۾ نوٽ بوڪ ۽ بال پين ها ۽ هو ڪلاس روم جو وڏي غور سان جائزو وٺي ڪي نوٽس وٺي رهيو هو.  
“اسلام عليڪم پروفيسر پيارا” مون وڏي آواز ۾ کيس سلام ورائيندي چيو، وڏي آواز ۾ کيس سلام ان ڪري ڪيم ڇوته پروفيسر صاحب ڪجھ عرصي کان ڪنن کان ٻوڙا به ٿيندا پيا وڃن. پروفيسر صاحب منهنجو آواز ته ٻڌي ورتو هيو پر شايد سمجھي نه سگھيو هو ته اهو آواز ڪنهن جو ۽ ڪٿان آيو آهي.  هو اٿي کڙو ٿيو، هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، مون هڪ دفعو وري وڏي واڪي کيس سلام ورايو. “وعليڪم والسلام وعليڪم والسلام،  يار سلام فضيلت سان به ڪري سگھجي ٿو هروڀرو رڙين ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.”؟ پروفيسر صاحب الٽو مون تي ڪاوڙ ڇنڊيندي وراڻيو. مون سندس ڪاوڙ نظر انداز ڪندي کانئس پڇيو ؛  “يار سويل سويل خالي ڪلاس ۾ ڇا پيو ڪرين؟” وراڻيائين ته “ڪلاس روم پرئڪٽس تي ريسرچ پيو ڪريان”.  سندس جواب ٻڌي، مان بيهوش ٿيندي ٿيندي رهجي ويو هوس.  پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي سُري سندس پاسو ورتم، همدردي طور سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيم ؛ “يار هي ڪهڙي ڪلاس روم پرئڪٽس جي ريسرچ آهي، جنهن ۾ نه ٻار آهن نه ئي ڪو استاد آهي؟”. ڪاوڙ ۾ منهنجو ڪلهي تان هٿ هٽائيندي مون کان ٿورو پرڀرو ٿي بيهي مون ڏانهن اهڙي نموني تڪڻ لڳو جهڙوڪر مون کان ڪو وڏو ڏوهه سرزد ٿي ويو هجي. “تو جهڙا ڀوڪ ئي ته آهن، جن جي افعالن ڪري سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي”. پروفيسر صغير منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بدران ڏاڪا ٻڌي مون تي چڙهي ويو. مان پروفيسر جي اهڙي قسم جي جارحاڻي حملي لاءِ بلڪل تيار نه هوس ۽ هڪو بڪو ٿي هيڏانهن هوڏانهن تڪڻ لڳم، خدا جو شڪر بجا آندم جو انوقت اتي ڪوبه پٽيوالو يا شاگرد موجود نه هيو. ڌڪ پچائي،  مٿس جوابي حملو ڪندي چيم؛“آخر ڪار تنهنجي چوڻ جو مقصد ڇا آهي؟ چرين وانگي خالي ڪلاسن جي ڌوڙ، درن درين، بئنچن مان آخر ڪار تون ڪهڙي قسم جي ڪلاس روم پرئڪٽس جي کوجنا وارو ڪم پيو ڪرين؟”. کيس منهنجي ترش لهجي جو ادراڪ ٿي ويو هو، چپن تي مرڪ سجائي مون طرف آيو ۽ منهنجو هٿ وٺي دوستاڻا انداز ۾ چيائين؛ “يار ناراض نه ٿي، ڏس ڪالهه ڪامن روم ۾ ان ڳالهه تي بحث هليو هو نه،  ته ڪاليج ۾ داخلا پاليسي ڇا هئڻ گھرجي؟” منهنجي جواب لاءِ هو مون ڏانهن تڪڻ لڳو، مون هاڪار ۾ پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي ساڻس سهمت ٿيندي چيو “ته پوءِ؟”   هاڻي پروفيسر مون کي هٿ کان وٺي ڪاري بورڊ وٽ بيهاري ٻڌائڻ لڳو “هي هڪ هوادار ڪمرو آهي، ڪمري جي درين کي لڳل سموريون هڙڪيون ٽٽل آهن، ڪمري ۾ بجليءَ جو نظام جڳاڙ سڳاڙ تي پيو هلي، چئن پکن مان ٻه فنڪشنل آهن، چئن بلبن مان صرف هڪ ٻري ٿو،  ڪلاس روم ۾ ڪل ملائي ويهه بئنچون رکيل آهن، هر بئيچ تي ٽي شاگرد آسانيءَ سان ويهي سگھن ٿا ان حساب سان سٺ ٻارن جي ويهڻ جي گنجائش آهي پر جي سوڙهه سنگهيڙ ڪبي ته چار به ويهاري سگھجن ٿا ۽ ان نموني وڌ کان وڌ اسي ٻارن کي ڪلاس ورم اندر ويهاري سگھجي ٿو”  هڪ ئي ساهيءَ ۾ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪيل ريسرچ مون تي عيان ڪئي. “صحيح، ته پوءِ؟” مون سندس ڳالهه نه سمجھندي سندس اکين ۾ نهاريو. “ته پوءِ” هن منهنجي سوال کي چٻاڙيندي چيو ته “بي ڪام ٽو ۾ ست ۾ سؤ شاگرد انرولڊ آهن، انهن جي ڪلاس روم پرئڪٽس لاءِ هيءُ هڪڙو ڪمرو ئي مختص آهي. اوهان مهرباني ڪري مون کي سمجهائي سگھو ٿا ته اسي ٻارڙن جي گنجائش واري ڪلاس روم ۾ ست سؤ  شاگردن کي ڪيئن ويهاريندا ۽ کين ڪيئن پڙهائيندا؟  ڇا اوهان وٽ علاءُ الدين جي ڏيئي وارو جن آهي جيڪو اهو ڪم سرانجام ڏيندو؟” پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين ته “ڪلاس روم پرئڪٽس جي کوجنا هلندڙ ڪلاسن اندر استادن ۽ شاگردن وچ ۾ پڙهائڻ وارن طور طريقن، روين سان تعلق ته رکي ٿو پر انفرا اسٽڪچر جي جانچ جونچ سان پڻ ڪيئي ڳالهيون سمجھي ۽ پرکي سگھجن ٿيون!!!”. پروفيسر صاحب واقعي به مون کي لاجواب ڪري وڌو هيو، پنهنجي اندر جي شرمندگيءَ کي لڪائيندي کيس چيم ؛ “ٺيڪ آ ٺيڪ آ مالڪ هاڻي گھڻي ٿي ريسرچ، ٻاهر هل ته سهاني موسم جو مزو ماڻيون” مون سندس هٿ پڪڙي کيس گھليندي ٻاهر وٺي آندم.
مٿي آسمان ڏانهن نهاريم جتي اڃا به گھنگھور گھٽا جو گھيرو هيو، هوا ۾ ساڳي ٿڌاڻ هئي،  آسمان تي ڪبوترن  سان گڏ ڪيئي رنگا رنگ لغڙ اڏامي رهيا هيا، روهڙيءَ واري پل تان ڪا ريل ڪوڪون ڪندي گذري رهي هئي. اسين ٻئي ڄڻا پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ گم چپ چاپ ڪاريڊور ۾ رکيل ڪرسين تي ويهي رهياسين.  ان ويل منهنجي ڪنن تي پهرين پيرڊ جي گھنڊ جو آواز آيو. پروفيسر صغير صاحب کي اتي ڇڏي،  ڊسٽر ۽ چاڪ کڻي ساڳي بي ڪام ٽو جي ڪلاس ۾ شاگردن کي بزنس ڪميونيڪيشن پڙهائڻ لاءِ پهچي ويس.
 مون کي ڪلاس ۾ ويٺي ويٺي پورو منو ڪلاڪ گذري چڪو آهي، ڪلاس جي در ۾ ديد وجھي شاگردن جي اچڻ جي راهه پيو تڪيان پر اڃا تائين هڪ به شاگرد نه پڳو آهي، اجھو ٻئي پيرڊ جو گھنڊ به وڄي چڪو آهي.  

مٿي ڏنل ڪهاڻيءَ تي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾ سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي پاران هڪ تنقيدي ويهڪ اگسٽ 23، 2014 جي ڏينهن تي ٿي هئي، هيٺ ان گڏجاڻيءَ جو مفصل احوال پڻ ڏجي ٿو.
(امير گل ڪٽوهر).



سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي گورنمنٽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر جي هفتيوار گڏجاڻين جي ٻيهر اجراءُ جي پهرين گڏجاڻي جيڪا 2014/08/23 ڇنڇر ڏينهن ٿي هئي ان جي رپورٽ.
پروفيسر گل ڪٽوهر
            تعليمي ادارن جو مقصد ئي هي آهي ته اهڙو ماحول پيدا ڪجي جنهن ۾ شاگرد/استاد سوچڻ، سمجھڻ، پرکڻ جهڙن اعلى انساني گڻن جا مالڪ ٿي سگھن.اسان جي ملڪي ڪريڪيولم جا هدف پڻ اهي ئي ٻڌايا ويا آهن.  اهي چوڻ لاءِ ته چند لفظ آهن پر عملي طور تي اهي ڪم انتهائي ڏکيا، پيچيده ۽ جاکوڙ جا گھرجائو آهن. حقيقت ۾ اهڙو جڙيل ماحول ئي ڏاهپ جي آبياري ڪندو آهي ۽ اعلى انساني گڻن وارا انسان نڪري نروار ٿيندا آهن، جيڪي ملڪ ۽ قوم کي سماجي، اقتصادي ۽ انساني ترقيءَ جي آسمان طرف وٺي وڃڻ جو سبب بڻجندا آهن. افسوس ته اسان جي تعليمي ادارن اندر اسان جي پرنسپلس، هيڊ ٽيچر توڙي ٽيچرس مان اڪثريت کي اهڙين ڳالهين جو تمام گھٽ ادراڪ آهي. اسان جا اڄوڪا تعليمي ادارا رٽي باز طوطن جون لوڌون ڪڍن ٿا، جن وٽ تنقيدي، تعميري، تخليقي طور تي شين، لقائن، واقعن تي سوچڻ، سمجھڻ، پرکڻ جو فقدان آهي. حقيقت ۾ اسان جا اڄوڪا تعليمي ادارا بيروزگارن جون لوڌون پيدا ڪندڙ ڪارخانا بڻجي ويا آهن، جتي شاگردن جو صرف پئسو ئي نه پر وقت به برباد پيو ٿئي، کين ڊگريءَ جي نالي ۾ هڪ بي ڪار ڪاغر جو ٽڪڙو هٿ ۾ ڏيئي گھر موڪليو پيو وڃي، جنهن جي ملڪي يا بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ ڪابه وقعت ناهي.  
            هت سوال ٿو اٿي ته آخرڪار ڪارائتو تعليمي ماحول ڪيئن جوڙجي ته جيئن اسان جا استاد، شاگرد توڙي مٿيان عملدار تعليم جي حقيقي اوسر طرف اچن؟! اهو هڪ تمام اڻانگهو عمل آهي پر ناممڪن ته ڪجھ به نه آهي. جيڪڏهن نيتون سچيون هجن، ماڻهون مسلسل چڱائي جو سفر جاري رکي، سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪري ته ملڪي ڪريڪيولم اندر رکيل هدف حاصل ڪري سگھجن ٿا. اهي ڳالهيون سوچي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر جي دوستن سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي جي پليٽ فارم کي ٻيهر فعال ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. فيصلو ڪيو ويو آهي ته هر ڇنڇر جي شام جو پنجين وڳي سوسائٽي جي گڏجاڻي ٿيندي،  جنهن ۾ استاد ۽ شاگرد پنهنجون لکڻيون کڻي اچي پڙهندا،  جن تي گڏيل نموني بحث مباحثو ڪيو ويندو ۽ سکڻ ۽ سيکارڻ واري ماحول جي آبياري ڪئي ويندي. ان سلسلي جي پهرين ڪڙي طور سوسائٽي جي گڏجاڻي ڪامرس ڊپارٽمنٽ ۾ 2014/08/23 ڇنچر جي ڏينهن تي ٿي گذري جنهن ۾ پروفيسر صاحبان ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ، منظور بيدار، اقبال شيخ، سيد شاڪر شاهه، محمد دين شيخ، ڪاشف مغل، اختر ڀٽي، عبدالسميع سولنگي ۽ اميرگل ڪٽوهر شرڪت ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ پروفيسر اميرگل ڪٽوهر پنهنجي ڪهاڻي “ڪلاس روم پرئڪٽس جي ريسرچ”  تنقيد لاءِ پيش ڪئي.
              ڪهاڻي تي ڳالهائيندي اردو ادب جي نواجوان پروفيسر ۽ شاعر سيد شاڪر چيو ته هي تمام سٺي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪاليج جو حقيقي ماحول ظاهر ڪيو ويو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هن ڪهاڻي ۾ سندس دل جي ڳالهه تمام مؤثر نموني ڪئي ويئي آهي. هن ڪهاڻيڪار کي واڌايون ڏيندي مستقبل ۾ پڻ اهڙي تخليقي ڪم کي جاري رکڻ تي زور ڏنو.
            اڪنامڪس جي ڄاڻو پروفيسرر محترم محمد دين شيخ ڪهاڻي جي واکاڻ ڪندي چيو ته هي هڪ تمام ڪامياب تجربو آهي ۽ هو ڪهاڻيءَ مان متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگھيو آهي. هن صلاح ڏني ته ڪهاڻي جي جنهن نموني پچاڻي ڪئي ويئي آهي اها ڪنهن حد تائين تشنى آهي، هن صلاح ڏني ته ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ۾ ڪجھ وڌيڪ سٽون شامل ڪيون وڃن ته وڌيڪ سٺو ٿيندو. موصوف ان سلسلي ۾ نموني طور چند سٽون لکي ايوان ۾ پيش به ڪيون.
            ڪامرس جي نوجوان پروفيسر ڪاشف مغل پڻ ڪهاڻيءَ کي ساراهيو ۽ پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو.
            اسلامڪ اسٽڊيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل، باشعور پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ پنهنجي تنقيدي تبصري ۾ چيو ته ڪاليج اندر گذاريل پندرهن سالن واري ڊگھي عرصي ۾ پهريون دفعو هن کي هن قسم جي شاندار ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ملي آهي،  جيڪا نئين به آهي ته تمام ڪارائتي پڻ. ڪهاڻيءَ جي پلاٽ تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر صاحب چيو ته ڪهاڻيءَ ۾ استاد پنهنجو پورو ٽائيم ڪلاس روم ۾ ويهي شاگرد جو انتظار ٿو ڪري پر ڪوبه شاگرد نه ٿو اچي ته ان ڳالهه مان ثابت ٿيو ته استاد ته پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ هروقت موجود آهي پر شاگردن جي غير حاضري تمام وڏو مسئلو آهي، ان سلسلي ۾ ڪاليج جي پرنسپلس کي ڀرپور ڪوششون وٺڻ گھرجن. وڌيڪ سندس چوڻ هو ته اسي شاگردن جي گنجائش واري ڪلاس ۾ ست سؤ شاگردن جي داخلا پڻ هڪ سواليه نشان آهي ۽ ان تي سوچڻ جي ضرورت آهي. آخر ۾ موصوف ڪهاڻيڪار جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهو تمام سٺو آغاز آهي، اسان سڀني کي ان جي تقليد ڪرڻ گھرجي. ضروري ناهي ته اسان ڪا ڪهاڻي لکي کڻي اچون پر اسان ڪو تعليمي سڌاري متعلق مضمون، شاعري به لکي کڻي اچون ته تمام بهتر ٿيندو جيئن تباهه ٿيندڙ تعليم ماحول کي ٻنجو اچي سگھي
            اردو ادب جي سينئر پروفيسر ۽ ڊپارٽمنٽ جي هيڊ اختر ڀٽي چيو ته پاڻ ڪالهه جنهن ڳالهه تي بحث ڪيو هو ليڪک ان تي اڄ هڪ ڪامياب ڪهاڻي لکي ڪري کڻي آيو آهي اها ڳالهه تمام گھڻي متاثر ڪن آهي. ڀٽي صاحب ڪهاڻيءَ ۾ ڪيل منظر نگاري جي تمام گھڻي واکاڻ ڪئي.
            سنڌي ادب جي سينئر پروفيسر، ڊپارٽمنٽ جي هيڊ، سنڌي اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت سکر جي اڳوڻي سرگرم ڪارڪن، اڳوڻي سياسي ورڪر مسٽر منظور بيدار ڪهاڻيءَ جو فني جائزو پيش ڪندي چيو ته ڪهاڻيءَ ۾ ٻه ڪردار ڏيکاريا ويا آهن،  جيڪي ٻئي ذميوار انسان آهن. ڪهاڻي جي منظر نگاري تمام سٺي ڪئي ويئي آهي. ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۾ سڄي سنڌ جي تعليمي ماحول جي عڪاسي ٿي ملي. ڪاليج اندر جيڪڏهن ست سؤ شاگرد اچي وڃن ته پوءِ ڇاٿيندو؟ ڇا اسان ان لاءِ تيار آهيون؟ جيڪڏهن واقعي به سڀ شاگرد جن ريگيولر داخلا ورتي آهي ڪاليجن اندر اچن ته تعليمي ادارن کي چار چنڊ لڳي وڃن. بيدار صاحب پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته هي هڪ برننگ اشو آهي جنهن تي اسان جي وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم کان وٺي اسان سڀني کي سوچڻ گھرجي. ڪامياب ڪهاڻي لکڻ تي ڪهاڻي جي ليکڪ کي مبارڪباد ڏني.
            سنڌي ادب جي نوجوان ۽ محنتي پروفيسر مسٽر اقبال شيخ ڪهاڻيءَ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي چيو ته ڪهاڻيءَ جو جيڪو موضوع آهي اهو مضمون جو موضوع آهي پر ليکڪ ڪمال ڪاريگريءَ سان هن سنجيدهه موضوع کي ادبي انداز ۾ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ پيش ڪري نئين روايت جو بنياد وڌو آهي. ڪهاڻي ۾ تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي ويئي آهي. ڪهاڻي به مختصر آهي ته ڪردار به مختصر آهن. هونئن ڪهاڻين ۾ ڪو ميجر (مک) ڪردار ته ٻيا مائينر (ننڍا) ڪردار هوندا آهن جن ۾ مائنر ڪردار ميجر ڪردار جي چوگرد ڦرندا رهندا آهن. پر هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻئي ميجر ڪردار ادا ڪرڻ وارا ڏيکاريا ويا آهن. ڪهاڻي جي ٻوليءَ کي ساراهيندي اقبال شيخ راءِ ڏني ته جيڪڏهن ڪهاڻيءَ ۾ ڪجھ وڌيڪ ڪردار هجن ها ته ڪهاڻي تهان وڌيڪ دلچسپ ٿئي ها.
            اسٽيٽسٽڪس جي نوجوان پروفيسر مسٽر عبدالسميع سولنگي صاحب چيو ته ڪهاڻيءَ جو موضوع تمام سٺو آهي، اسان سڀني کي سوچڻ گھرجي ته جي تعليم جي تباهه ڪن صورتحال تي اڃا به اسان اک نه پٽي ته SRTC  ۽ ٻين اهڙن ادارن وانگي پاڻ به تباهه ٿي وينداسين. ڪهاڻيءَ ۾ منظر نگاريءَ کي ساراهيندي سولنگي صاحب چيو ته 2005 ۾ جڏهن هو هتي هڪ استاد جي حيثيت ۾ آيو هو ته ڪلاس شاگردن سان ڀريل هوندا هيا پر هاڻي خالي ڪلاس ڏسي روئڻ ٿو اچي. سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته باوجود ڪوششن جي شاگردن جي سراسري نه ٿي وڌي اها تمام تڪيلف ڏيندڙ ڳالهه آهي ان تي سڀني کي سوچڻ گھرجي.
            آخر ۾ ڪهاڻيڪار پروفيسر اميرگل ڪٽوهر سڀني دوستن جو شڪريو ادا ڪيو جن سندس ڪاوش جي ساراهه ڪئي هئي يا بهتريءَ لاءِ صلاحون ڏنيون هيون. ليکڪ جو چوڻ هو ته سندس دلي خواهش آهي ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ اجاين سجاين بحثن مباحثن بدران جيڪڏهن ڪارائتن اسمن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ته ان سان پڻ تعليمي ماحول تي خوشگوار اثر پوندا. پنهنجي ڪهاڻي متعلق سندس چوڻ هو ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪن انتهائي اهم مامرن جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ سندس اها دلي خواهش آهي ته ڪهاڻي پڙهڻ بعد پڙهندڙ جي دماغ ۾ ڪي سوال اڀرن، هو سوچڻ تي مجبور ٿئي ۽ مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي ذهني صلاحيتن مطابق انهن تي عمل پيرا ٿئي. ليکڪ چيو ته هن ڪهاڻيءَ جي ڪلائمڪس ۾ پنهنجي پاران مسئلي جي حل جو ڪو فارمولو مڙهڻ يا ڀاشن ڏيڻ بدران سمورا آپشن کليل رکيا آهن. سندس بس اها ئي خواهش آهي ته هر پڙهندڙ جي دماغ ۾ هي سوال اڀري ته “ آخراس درد ڪي دوا ڪيا هي”.  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو