Friday, December 25, 2015

Pro Activeness is needed in Politics of Sindh


منهنجا ڪيئي اهڙا تقرير باز دوست آهن جيڪي نصيحتن ڪرڻ، تنقيدن جا ڌوڙيا لائڻ، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ انقلاب برپا ڪڍي ڇڏڻ جا ماهر آهن پر افسوس ته وٽن عمل بدران رڳو ڳالهيون ۽ تنقيدون آهن! اهي ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ، پنهنجي مؤقف کي حقي مڃائڻ تي زور ڏيندا آهن. 
منهنجو کانئن سوال آهي ته آخر ڪيستائين اسان پنهنجون توانايون اهڙن بي لاڀ مامرن تي خرچ ڪندا رهنداسين؟ آخر ڪيستائين؟
 

آخر ڪار اسان پنهنجون توانايون نون خوابن، نون خيالن، نوجوان نسل جي سياسي، سماجي، اخلاقي، هنري تعليم ۽ تربيت تي ڇو ڪو نه ٿا سيڙايون؟

اسان سنڌي ماڻهون خرچ ڪرڻ جا ماهر آهيون، ڪنهن جي تريءَ تي لک روپيا رکو ته اهو ان ايڏي وڏي رقم کي چند ڪلاڪن ۾ ڦوڪي ڏيکاريندو پر جڏهن ساڳي ماڻهون کي هڪ هزار روپيه ڪمائڻ جي ڳالهه ڪبي ته منهن سڄائي ويهي رهندو! اسان جو ساڳيو حال سياست ۾ پڻ آهي اسين سياسي سيڙپ ڪاري ڪرڻ بدران سياسي ميدان مان لاڀ حاصل ڪرڻ جا اجايا جتن پيا ڪريون! هاڻي سادي پاڻي جي مڳ کي کڻي ڪيترو به ولوڙجي ان مان مکڻ ته ڪونه ٺهندو ني!!!
 

سنڌ سنڌ، عوام عوام، قوم قوم، انقلاب انقلاب، جمهوريت جمهوريت، ظلم ظلم، ناحق ناحق جي هاءِ گھوڙا به کڻي ڪجي پر جي انهن نعرن کي لڳائڻ سان گڏ ماڻهن وٽ وڃڻ گھرجي عوام سان رابطو ڪرڻ گھرجي، عوام سان لاڳاپن ۽ ڳانڊاپن جا گس ڳولهڻ گھرجن. سنڌ جا ماڻهون ڪنهن ٻي گرهه جا رهاڪو ته نه آهن، اهي به هن ساڳي گولي تي رهن ٿا جنهن کي اسين سڀ ڌرتي ماتا چوندا آهيون. ڌرتي ماتا جي مختلف خطن، علائقن ۾ رهندڙ، وسندڙ قومن جا مسئلا، مونجھارا بنهه اسان جهڙا آهن جيڪي انهن پنهنجي عمل، حرفت، محنت ۽ حڪمت عمليءَ سان حل ڪيا آهن جيڪڏهن اُهي اهڙا ڪم ڪري سگھن ٿا ته اسين به ڪري سگھون ٿا ۽ اها ڳالهه به بنهه فطري آهي ته ٻين قومن ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن ۾ هڪجهڙائيءَ سان گڏ ڪيئي اسان جا ڪيئي منفرد ۽ نرالا مسئلا به آهن. جتي مسئلا هوندا آهن ته حل به هوندا آهن.

جيڪڏهن اسان جي پارٽي کان علاوهه ڪنهن ٻي پارٽيءَ جو ڍينگو مٽيرو، ڌڱاڻو، ڏاهو، رهبر اهي مسئلا سمجھي ۽ حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي ته اسان کي ڪنهن روڪيو آهي ته اڳتي اچي اهي مامرا حل ڪيون!

منهنجي خيال ۾ ته جيڪي پنهنجو پاڻ کي سڀ کان اتم، اعلى، اصلي، نج، ڏاهو، صراط مستقيم تي هلندڙ ٿا سمجھن ته کين بنا دير ميدان ۾ ڪاهي پوڻ گھرجي ڪنهن جي انتظار ڪرڻ بدران.....


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو