Friday, December 11, 2015

پروگريسو فورم سکر پاران جشن لطيف جي پروگرام تي تبصرو



پروگريسو فورم سکر پاران 11/12/2015 جي شام جو شاليمار چوڪ تي جشن لطيف ملهايو ويو. پروگريسو فورم سکر جو روح روان مسٽر يامين ميراڻي جن آهن. سکر اندر پروگريسو فورم سان گڏ جاڳرتا فورم، بيڊس سکر به تمام گھڻو سرگرم ڏٺا ويا آهن. پروگريسو فورم ۽ جاڳرتا فورم کي سرگرم ڪرڻ وارا پنهنجي وقت جا سرگرم سياسي ڪارڪنن رهيا آهن ۽ جن پنهنجيون پوريون توانائيون پنهنجن پنهنجن سياسي پارٽين تي صرف ڪيون هيون پر جڏهن سياسي وايو منڊل مٽيو ته مٿي ٻڌايل دوستن خاموش رهڻ کان بهتر ڄاتو ته پنهنجين سرگرمين کي جاري رکن ۽ ائين اهي مختلف ڪارائتا پروگرام ڪندا رهندا آهن. سندن پروگرامن کي اسان غير سياسي پروگرام ته چئي نه ٿا سگھو ڇوته سندن پروگرامن ۾ مختلف سياسي ڪارڪنن کي ڪوٺي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو آهي ۽ ٻيو هي ته اهي پروگرام فورم پنهنجي هڙان وڙان ڪندا آهن.

 جشن لطيف واري پروگرام ۾ سکر سطح تي سرگرم سمورن سياسي پارٽين، ادبي ڌارائن، سماجي سطح تي ڪم ڪندڙن کي ڪوٺ ڏئي کين لطيف جي فڪر تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو هو.

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سائين هادي بخش ڀٽ صاحب ۽ عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سائين حڪيم زنگيجو لطيف جي فڪر تي شاندار نموني روشني وڌي ۽ لطيف جي شعرن سان لطيفي فڪر جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪري خوب داد حاصل ڪيو. مٿي ذڪر ڪيل ٻن دوستن کان سواءِ باقي اسان جا جيڪي نوجوان دوست آيا انهن لطيف جي شاعريءَ جي جنهن نموني چير ڦاڙ ڪئي ان تي سواءِ افسوس جي ڀلا ڪري به ڇا ٿو سگھجي. هڪ پاسي دعوا آهي قومپرستي جي، ڳالهيون آهن سنڌ جي آزاديءَ جون ٻئي پاسي لطيف سائينءَ جو ڪو هڪ اڌ شعر به صحيح پڙهڻ ڪونه ٿو اچي! اها صورتحال محض اسان جي سياسي ڪارڪنن جي ناهي، اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ هر سطح تي جيڪي استاد ۽ پروفيسر آهن انهن جو حال به ساڳيو ئي آهي.  گذريل اليڪشني عمل جي پولنگ عملي جي سکيا وقت مون چاليهن جي لڳ ڀڳ عملي کي لطيف جو شعر ”اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي.....“ ٻڌائڻ جي استدعا ڪئي هئي ته سواءِ هڪ نوجوان استاد جي ٻئي ڪنهن کي به اهو شعر ياد ڪونه هو! ان نوجوان به اهو شعر غلط ئي پڙهيو هو. ڪنهن ڪنهن کي ڏوهه ڏجي، اهي جيڪي پاڙهڻ جا ذميوار آهن، اها شاعري جيڪا انهن جي نصابي ڪتابن ۾ شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ ڏنل آهي اسان جي استادن کي اها نه ٿي اچي ٻئي پاسي اسان جا نوجوان سياسي ڪارڪن جن کي سواءِ چند نعرن جي ڪجھ به ناهي ايندو، اهي جنهن سياسي ڌر سان سلهاڙيل آهن مون کي يقين آهي ته کين پنهنجي رهبر(ن) پاران لکيل فلسفي جي خبر به ڪا خير هوندي، اهي جيڪي چي گويرا کي پنهنجو هيرو سمجھن ٿا انهن چي گويرا جي لکيل گوريلا جنگ جي ڪتاب کي به شايد پڙهيو ئي هجي!

مٿي ٻڌايل جشن لطيف واري پروگرام ۾ اسان جي هڪ دوست عوام سان سڌي سنئين رابطي متعلق تمام ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون هيون پر افسوس ته هو جنهن سياسي ڌر سان وابسطه آهي ان ۾ ڪوبه نئون رت ڏسڻ ۾ ڪونه پيو اچي، اهي جيڪي چار يار هيا جيڪي اوڻويهه سؤ اسي ۾ مون ڏٺا هيا بس اهي ئي آهن! اسان جي انهن دوستن کي ٻين کي صلاحون ڏيڻ کان اڳ پنهنجي ڳالهين تي پاڻ به عمل ڪرڻ گھرجي. اسان جي ڪن قومپرست يا ترقي پسند سياسي ڌرين ماضيءَ ۾ هيٺين سطح تي عوام ۾ ڪم ڪيو هو ۽ ڳوٺ سطح تائين تنظيمي ڄار وڇايو ويو هو، انهن پارٽين کي پنهنجن انهن لاڳاپن کي ئي ٻيهر جيارڻ گھرجي! سموري قوم کي صلاحون ڏيڻ وارا افسوس ته پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ اصل تيار ڪونهن هاڻي سنڌ جي سياسي وايو منڊل ۾ ڪا مثبت تبديلي اچي به ته ڪيئن اچي.

مون کي انتهائي افسوس ته سکر جي ادبي ۽ سياسي سوجھ بوجھ رکندڙ ساٿيءَ تي ٿيو جنهن پنهنجي مختصر تقرير ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته لطيف نه ته صوفي هو، نه مذهبي خيال رکندڙ هو، نه مزاحمتي هو ۽ نه ئي قومپرست، آخر ۾ سندس چوڻ هو ته لطيف اسان جهڙو ئي هڪ عام ماڻهون هو (مون کي ته ائين لڳو ڄڻ سائين جن جو اهو چوڻ هو ته اسان هروڀرو لطيف کي پنهنجي سِر تي سوار ڪيو آهي)

سڀ ڪم ۽ سرگرميون، محنت، تحقيق ۽ جستجو ڪرڻ کان سواءِ ثمر ڏئي ڪونه سگھنديون. مامرن کي سمجھڻ لاءِ سِر کپائڻو پوندو آهي، لاڳاپيل علم کي سمجھڻ لاءِ ضخيم ڪتابن جو مطالعو ڪبو آهي، سياسي ڪم ڪار لاءِ جبلن سان مٿا ٽڪرائڻا پوندا آهن، حق ۽ سچ جي ڳولها لاءِ رڻ پٽ، بيابان رلڻا پوندا آهن انهن لاءِ سسئيءَ واري همٿ، مارئي واري وطن دوستي درڪار هوندي آهي.    

3 comments:

  1. پهرين ڳالھ ته ڀٽائي کي سمجهڻ لاء ٻولي جي چڱي ڀلي ڄاڻ هجڻ گهرجي. اصلاحي معنائن جي ڄاڻ. سمبالڪ لينگوج جي خبر هجي. ٻيو ته اوهان جي ڳالھ سان مان متفق آهيان ته جيڪڏهن اسي کان وٺي جيڪي ماڻهو سياسي ڪم آيا هاڻي به اهي ئي سرگرم آهن. وچ ۾ هڪ وڏوگيپ رهيل آهن. جنهن کي پورو ڪرڻ جو ڪم انهن سينئرن ڪارڪنن، ساڃاهوندن جو ڪم پر افسوس هو تقريرن تائين محدود رهجي ويا. ڪم هميشه يونٽ سطح تي شروع ٿيندو آهي. عوام جو يونٽ فرد آهي. فردن به فردن ڳوٺن کان پوءِ شهرن ۾ جيسين ڪم نه ڪبو، پنهنجي توانائي ۽ وقت نه سرف ڪبو تيسيتائين ته ڪو ڦل ملڻ ممڪن ئي نه آهي.

    ReplyDelete
    Replies
    1. منصور سائين اوهان جا لک لائق. بس واڪا ڪرڻ وس ۾ آهن پيا ٿا ڪريون ۽ اها ڪرت جاري رکبي.

      Delete
    2. This comment has been removed by the author.

      Delete