Sunday, December 20, 2015

يا بي حيائي تيرا آسرا


نوٽ؛ مان هڪ ڳالهه کي واضع ڪندو هلان ته منهنجي هيٺ ٻڌايل ڳالهه ڪنهن به مخصوص ماڻهونءَ لاءِ بنهه ناهي، ڪنهن به قسم جي هڪجهڙائي بس اتفاق ئي سمجهڻ گھرجي.

ڪي اسان جا سياستدان، ڪي ڪامورا، ڪي پير، ڪي وڏيرا، ڪي ماستر، ڪي کريل گھر جا نوجوان، ڪي عاشق نامراد، ڪي ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهون اهڙا هوندا آهن، جن تي ڪنهن به بي عزتي/ عزت نفس جي پائمال ٿيڻ جو ڪو اثر ناهي ٿيندو.

آهي ته اهو اردو محاورو پر ان کي استعمال سنڌي به عام جام آهن؛ ”يا بي حيائي تيرا آسرا“. ڪي ماڻهون ڪوبه ۽ ڪيترو به گندو، ڪريل، ڪم ڪندا آهن ته کين پنهنجي اهڙي عمل تي ڪابه شرمساري ناهي ٿيندي يا هو بنا حجاب جي اهڙا ڪم ڪندا رهندا آهن ته اهو مٿيون محاورو انهن لاءِ چيو ويندو آهي. سوليءَ سنڌيءَ ۾ انهن کي ”نود“ يا ”نڪ جو پڪو“ پڻ سڏيو ويندو آهي. مان پنهنجي چيل ڳالهه کي صفا کولي سمجھائڻ لاءِ اوهان کي هڪ لطيفو ٻڌايان ٿو اميد ته ان جي پڙهڻ کان پوءِ اوهان جي دماغ ۾ مٿي بيان ڪيل ماڻهن جي چٽي پٽي تصوير اچي ويندي.

هڪ ماڻهون وارڌات ڪندي پڪڙجي پيو، شهرين سندس منهن ڪارو ڪري، جوتن جا هار پارائي، گڏهه تي چاڙهي پوري شهر جو گشت ڪرايو. ساڻس جڏهن سندس ڪنهن دوست ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته ”يار ٻڌون ٿا ته توسان ڏاڍي ٿي ۽ تنهنجو منهن ڪارو ڪيو ويو هو“ ان تي وراڻيائين ته ”نه يارماڻهون ڪوڙ ٿا ڳالهائين، پورو منهن ڪارو ٿوروئي ڪيائون بس اهي ٻه ڪارا ليڪا پاتا هيائون!“، سندس دوست کيس جوتن جي هار پارائڻ متعلق ڳالهايو ته جواب ڏنائين ”ڪٿي ڀاءُ اهي ننڍڙن ٻارڙن جا ٻه جوڙا ئي ته هيا“،  وري سندس دوست جڏهن گڏهه جو ذڪر ڪيو ته چيائين ”يار ڪمال ٿا ڪيو گڏهه ٿوروئي هو اهو ته ننڍڙو کوتڙو هيو“ شهر ۾ گشت جي حوالي سان سندس گوهر افشاني اها هئي ته ”پورو شهر ٿورو ئي گھمايائون يار بس هڪ اڌ پاڙي جو چڪر ڪاٽرايو هئائون“.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو