Sunday, May 8, 2016

منهنجي ستن ٻارن جي ماءُ




8 مئي جي ڏينهن تي سڄي دنيا امڙين جو ڏينهن (Mother’s Day) پئي ملهائي. منهنجي لاءِ سڄي سال جا سمورا 365 ڏينهن جيجل جا ڏهاڙا ئي ته آهن. امڙ کي ياد ڪرڻ جي حوالي سان مون لاءِ جو دم غافل سو دم ڪافر مثل آهي. مون پنهنجي امان لاءِ 26 مارچ 2016 بلاگ بعنوان ”امڙ جون ساروڻيون“  لکيو هو ۽ هن رنگا رنگي دنيا کي ڏيکاريندڙ هستيءَ جي تصوير ان ڏينهن کان ئي فيس بوڪ تي پروفائيل ڦوٽوءَ طور رکي ڇڏي  هئم.

منهنجي خيال ۾ ته هن دنيا جي گولي تي جنم وٺندڙ سڀ عورتون جيڪي امڙيون آهن اهي ڪنهن نه ڪنهن جو ڀيڻو، ڪنهن جون نياڻيون ۽ پنهنجي جيون ساٿيءَ جون گھرواريون پڻ آهن. ان نموني هر عورت عظيم آهي. اڄ مان هڪ اهڙي ماءُ تي ڪجھ لکڻ ٿو چاهيان جيڪا منهنجي ستن ٻارڙن جي ماءُ آهي. منهنجي ستن ٻارڙن جي ماءُ جنهن سان منهنجو پلئه اڄ کان لڳ ڀڳ ٽيتاليهه سال اڳ 1974ع ۾ ان وقت ٻڌو ويو هو جڏهن مان پاڻ هڪ معصوم ٻار هئس ۽ اٺين درجي کي پاس ڪري نائين ۾ پير پاتو هوم. منهنجي ٻارن جي ماءُ مون کان عمر ۾ ٿوري وڏي هئي پر شاديءَ جي ٻنڌڻن لاءِ ننڍي وڏي عمر جي گھٽ وڌائي، پسند ناپسند جي احساسن، جوڙ بي جوڙ وارين ڳالهين کي اسان جا وڏڙا معمولي ڳالهه سمجھندا هيا. جيڪا اهم ڳالهه ڄاتي ويندي هئي اها هئي ”گھر جي ڇوڪري گھر ۾ ئي رهندي“ ۽ ”پنهنجي گھر جو ڇوڪرو“ وغيرهه. انهن معيارن تي اسان سؤ فيصد پورا پئي لٿا سين. اسان جي گھر ۽ منهنجي سهري چاچا قلندربخش جي گھر وچ ۾ بس ماما شاهه بيگ ڪٽوهر جا ٻه ڪمرا هيا ۽ اڱڻ ته ٽنهي گھرن جو ساڳيو هو.

منهنجي گھر واريءَ تي سندس وڏڙن ”پپر“ نالو رکيو هو، پر پوءِ جڏهن شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جو وقت آيو هو ته انوقت پنهنجي نابالغي واري سوچ کي سامهون رکندي مون ان روائتي نالي کي رد ڪري مسلمانڪو نالو ”غلام صغران“ ڪري ڇڏيو هو. پر اڄ به راڄ ڀاڳ ۾ سندس اهو پراڻو روائتي نالو ئي گردش ۾ رهندو آهي. هونئن به هاڻي اسان جي گھرن مان عورتن جا ا هي اصلوڪا نالا جهڙوڪر شاني، کيمي، سياڻي، ڌياڻي، هوٻان، گگل، سراف، بچي، ڦاپل، هير، هيري، جنان، ٿڌي، ڪوڙي، سيزه، ڦٺر، گيمبلي، سانئڻ، ڀاڳڀري، هاٽي، بگي، سليمي، چڱي، ڇٽي، ڌوڌي، هبلي، ڊوڻي سڄڻ، راحت، لالي، ڪونج، ڪڪر، گوشي، سجي، هکي، ڌاڻو، وغيرهه گم ٿيندا پيا وڃن. افعال کڻي ڪهڙا به هجن پر نالن ۾ ته ”شهر ڪا شهر مسلمان هوا ڦرتا هي“ وارو واءُ وريو آهي.

اسان جي شادي ٿيڻ کان بعد لڳ ڀڳ تيرهن سالن تائين منهنجي حياتي رولهڙن واري هئي. مئٽرڪ کان پوءِ شهر ۽ ڳوٺ جي رول ڇوڪرن جي صحبت ۾ اچي مان زندگيءَ جو مقصد بلڪل وڃائي ويٺو هوس، رولو ڪتن وانگي سڄو ڏينهن خيرپور شهر جي گھٽين ۾ ٽولا ٺاهي نوس نوس ڪرڻ اسان جو مشعلو هوندو هو. پڙهائيءَ ۽ ڪلاسن وٺڻ وارو ڪم صفا وساري ڇڏيو هوم. ان گندي ماحول اندر جھيڙا جھڳڙا ٿيڻ اڻ ٽر هو ۽ هڪ اهڙي ئي جھنگاڻ ته منهنجو سِرُ کنيو هو بس پير زور هيا ته بچي ويو هوس. ان ماحول مان مڪتي ڏيارڻ لاءِ بابا سائين مون کي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ مائٽ ماما صوبل خان ڏانهن استاد غلام مصطفى ڪٽوهر سان اماڻي ڇڏيو هو ته هڪ ته گھر کان ٽريل هجان ۽ اتي وڃي ڪا نوڪري ڪيان. اتي رهڻ وقت ڪا خاص نوڪري ته نه ڪري سگھيو هوس پر ڪراچي وارا ڏهاڙا ۽ اتي ڪامريڊن سان رهڻ بعد منهنجو هڪ ٻيو جنم ٿيو هو. هڪ ترقي پسند، مثبت سوچ ڌاريندڙ انسان جو روپ وٺي واپس ڳوٺ موٽي آيو هوم. ڳوٺ واپسيءَ ۾ ٻين ڪجھ سببن سان گڏ هڪ سبب امان سڳوريءَ جو ضد به هو ته مان سندس سڪيلڌو پٽ پرديس (ڪراچي) ۾ سندس اکين کان پري نه رهان. ان سموري عرصي اندر مان گھر وارن کي ڪجھ ڏيڻ بدران هردفعي کانئن ڪجھ وٺندو رهندو هوس. بابا سائين هڪ مسڪين ڪڙمي هو، گھر جي حالت ”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري هئي. منهنجي ٻارن جي ماءُ کي سندس ماءُ منهنجي پڦي الله بچائي ڀرت ڀرڻ سيکاري ڇڏيو هو ۽ واندڪائي ڪڍي هوءَ روزانه ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪندي رهندي هئي جڏهن وونئڻ تيار ٿيندا هيا ته امان ۽ منهنجي گھر واري ڦٽين چونڊڻ وارو پورهيو ڪري به ڪجھ پئسا ڪمائي وٺنديون هيون. سندس ان ڪمائي مان ٻارڙن جون خرچيون ۽ ڪي قدر منهنجا خرچ به هلندا هيا. ان زماني ۾ اسان جي گھر ۾ ڏاندن جو جوڙو، هڪ اڌ مينهن يا ڳئون سان گڏ ڪي ٻڪريون به هونديون هيون.  انهن لاءِ پري زمين تان گاهه جون ڀريون ٻڌي گھر کڻي اچڻ بعد ڪتر ڪري مال کي ڏيڻ، گھر جا سمورا ڪم ڪار سرانجام ڏيڻ، ماني ٽڪي ڪرڻ، ٻار پالڻ سندن حوالي هوندا هيا. زمين ۾ هر ڪاهي ان کي ريج ڪرڻ، ٻج ڇٽڻ يا گُڏَ ڪرڻ وارا ڪم ته بابا سائين سرانجام ڏيندو هو پر ڪڻڪ جو لابارو، ڪڻڪ جي وَلِ جي ڍوئائي، ڦٽين جي چونڊي وارا ڪم عورتن لاءِ مختص ٿيل هوندا هيا. جيستائين ٿريشر نه آيا هيا ته ڪڻڪ جي ڳاهه ڳاهڻ وارو ڪم بابا سائين سان گڏ منهنجي امڙ ۽ منهنجي گھر واري گڏجي سرانجام ڏينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مان به بابا سائين سان گڏجي رات جو پاڻي ورائڻ ويندو هوم ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳاهه ڳاهڻ، هر هلائڻ ۾ سندن مدد ڪندو هوم. ان نموني گھر ۽ ٻنين جي ڪم ڪار ۾ منهنجي گھر واريءَ جو ڀرپور حصو هوندو هو. سياسي دوستن جي اچ وڃ اسان وٽ متواتر رهندي هئي ته انهن جي ماني ٽڪي، چاءِ پاڻيءَ جا سمورا ڪم به کيس ڪرڻا پوندا هيا. منهنجي گھر واري جيئن ته قرآن شريف پڙهيل آهي ان ڪري هلڪي ڦلڪي سنڌي به پڙهي ۽ لکي وڃي.  

جڏهن مون کي سياست جي لنؤ لڳي هئي ته ان ۾ مان پنهنجي گھر واريءَ کي به شرڪت جا موقعا ڏيندو رهندو هوس. سنڌياڻي تحريڪ ضلع خيرپور جي مختلف ڳوٺن ۾ عورتن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندي رهندي هئي. ان کان سواءِ به سانگھڙ، سکر، راهوڪي تائين هن سفر ڪيا هيا. اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت ڪري سندس نه رڳو ذهني صلاحيتون وڌيون پر دنيا کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جا موقعا پڻ کيس ميسر آيا ۽ منجھيس اعتماد پيدا ٿيو، سنديس حوصلو وڌيو ۽ اسان جي باهمي تعلق ۾ ڀروسي جي فضا مظبوط ٿي.

منهنجي ٻارڙن جي ماءُ ٻهراڙي جي انهن جفاڪش، پورهيت، وفادار عورتن سان تعلق رکي ٿي جن سڄي ڄمار محنت ڪئي هوندي. مون کي اهي ڏينهن ياد ٿا پون ته تمام گھڻي جسماني محنت، اڻ پوري خوراڪ، اڌوري علاج، مسلسل ٻارڙن جي ڄم ڪري اصل هوءَ سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي هئي. ڪاش سندس اولاد پنهنجي ماءُ کي سڃاڻي سگھي ته اهي اڄ جنهن منزل تي آهين اتي پنهنجو پاڻ ڪونهن پهتا، سندن تعليمي ۽ روزگار وارين ڪاميابين پويان سندن ماءُ جي چاليهن سالن کان مسلسل ڏنل قربانين جو وڏو هٿ آهي.

منهنجي گھر واريءَ جي ستن ٻارڙن مان ڇهه فيس بوڪ تي موجود آهن. اڃا تائين انهن پاران مون کي فيس بوڪ تي پنهنجي ماءُ سان انسيت جي اظهار جي ڪا پوسٽ به اپ لوڊ ٿيل نظرن مان ناهي گذري ها هڪ سندس پٽ فيس بوڪ جي ڊي پي آءِ لو يو مدرسو ضرور لڳائي ڇڏيو آهي.

اڄ ڏيهان ڏيهه ملهائي ويندڙ امڙين جي ڏينهن تي مان پنهنجي ٻارڙن جي ماءُ جو شڪريو ادا ڪرڻ ٿو گھران ته جڏهن مون لاءِ زندگي زهر هئي، جڏهن واري ساري واٽ هئي، جڏهن کائڻ لاءِ ٿوهر ملندا هيا، جڏهن دنيا وارن جي وات مان لفظن جي صورت ۾ زهريلا تير نڪرندا هيا جڏهن وات سڻڀي گرهه لاءِ واجهائيندو هو جڏهن سڀ موسمون ساڙينديون هيون ته هن منهنجو ساٿ ڏنو هو بنا ڪنهن شرط شروط جي. اسان جي ڊگھي مسافت ۾ هلڪا ڦلڪا جھيڙا جھٽا به ٿيا پر ساٿ هلندو رهيو. اڄ به اسان ٻنهي جي جدوجهد جاري و ساري آهي نه هوءَ ٿڪي آهي نه مان جھڪيو آهيان. هن وقت تائين اسان پنهنجي اولاد کي رڳو ڏنو ئي هوندو سين ۽ اسان جي ڪوشش اها هوندي ته کانئن ڪجھ وٺڻ بدران اسان کين يا عمر ڏيندا ئي رهون بنا ڪنهن حساب ڪتاب جي.      


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو