Tuesday, May 31, 2016

سکر سي ئي ڏينهن جي مون گھاريا بند ۾ ؛ سائين شاهنواز راڄپر پاران ايم آر ڊي (1983ع کان وٺي 1985ع) قيدي طور گھاريل ڏينهن جي يادگيرين مان هڪ چونڊ ياد




پاڪستان جي تاريخ ۾ ايم آر ڊيءَ جي جمهوري جدوجهد  ڪنهن سنگ ميل کان گھٽ ناهي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ هزارين ڪارڪنن عظيم قربانيون ڏنيون هيون، جيل ڪاٽيا هيا، تشدد برداشت ڪيو هو، کولين ۾ بند ڪيا ويا هيا، کانئن عام قيدين وارو ڪم ورتو ويندو هو. اڄ پياري پاڪستان اندر جيڪا لولي لنگڙي جمهوريت آهي اهو ان تحريڪ جو ڪمال آهي. ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ ڪنهن مخصوص پارٽي يا وڏيرن جي تحريڪ نه هئي سنڌ اندر ته اهو هڪ عوامي سيلاب ٿي اٿيو هو ۽ ان سيلاب آمرن جي مظبوط ڪوٽن کي ڪيرائي وڌو هو. اها ايم آر ڊي جي تحريڪ ئي آهي جنهن اسان سنڌين جو نڪ مٿي ڪيو آهي ۽ اڄ به اسان جا سياسي تجزيه ڪار، ڪارڪن توڙي پارٽين جا اڳواڻ هر فورم تي ان تحريڪ جا حوالا ڏيندا رهندا آهن. ان تحريڪ سان لاڳاپو ئي ماڻهونءَ کي احساس ٿو ڏياري ته ان ڪيترو نه اهم، ڪارائتو ڪم ڪيو هو ۽ پنهنجي وطن لاءِ قرباني ڏني هئي.

خيرپور ضلع اندر ايم آر ڊي جي تنظيم ڪاري واري سموري سرگرمين ۾ جن حصو ورتو هو انهن ۾ ڳوٺ احدي خان راڄپر لڳ ڪنب تعلقه ڪوٽ ڏجيءَ جي رهاڪو ڀنڀي ڪاري ڏاڙهي واري، ڀريل ۽ سهڻي بت رکندڙ، هر وقت ٽهڪڙن جي محفل مچائي زندگي گذاريندڙ، بي باڪ، بهادر ۽ مستقل مزاجيءَ سان مصيبتن کي منهن ڏيندڙ سائين شاهنواز راڄپر جن به هڪ هيا. سائين شاهنواز راڄپر ۽ آءُ انهن چند دوستن منجھاران هياسين جن ضلع سطح تي ايم آر ڊيءَ جي تنظيم ڪاريءَ ۾ الف کان وٺي ي تائين جيڪي به سرگرميون، گڏجاڻيون ٿيون هيون انهن ۾ شرڪت ڪئي هئي.  شاهنواز راڄپر کي ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اهي انهن سياسي قيدين مان هڪ هيا جن کي سڀ کان آخر ۾ آزاد ڪيوويو هيو. ڇوته شاهنواز تنهن وقت جي ضيائي مارشلا جي آڏو ڪنهن به قيمت تي گوڏا کوڙڻ لاءِ تيار نه هو. شاهنواز راڄپر 1983ع کان وٺي 1985ع جي شروعاتي مهينن تائين جيل اندر قيد هيا. هو جيل جو هردلعزيز قيدي هو. سندس تعلق انوقت عوامي تحريڪ سان هو پر جيل اندر سندس سڀني سياسي پارٽين جي سڀني قيدين سان دوستانه تعلقات هيا.

شاهنواز راڄپر سان تازو ئي مون جيل جي جهان متعلق ڪجھ ڳالهيون ڪيون هيون. اها اسان جي ڳالهين جي پهرين قسط هئي، اڃا اسان کي قيد جي انهن ڏهاڙن متعلق تمام گھڻو ڳالهائڻو آهي، گھڻو ڪجھ لکڻو آهي. تاريخ جي ورقن مٿان جيڪا دز پيل آهي انهن کي ڇنڊي ڦوڪي ڪن حقيقتن کي سامهون آڻڻو آهي. حقيقتون ضروري ناهي ته دل لڀائيندڙ يا وڻندڙ هجن، اهي پاڻ کي بي چين به ڪري سگھن ٿيون، اهوبه قطعي ضروري ناهي ته انهن سان اسان سؤ فيصد سهمت ٿيون انهن سان اختلاف به ڪري سگھجي ٿو. اهي ڪي آفاقي ڳالهيون ناهن، اهي ڪنهن فرد جا خيال به ٿي سگھن ٿا. هونئن به چوندا آهن ته ”واڱڻ ڪن لاءِ وائي ته ڪن لاءِ بادي“ سو ائين به ٿي سگھي ٿو ته اهي سچيون حقيقتون هڪ ڌر لاءِ بلڪل ناقابل قبول هجن. اهو سڀ ڪجھ ممڪن آهي. مون چاچي (پيار وچان منڍ کان وٺي سڀ شاهنواز کي چاچو شاهنواز ڪري ڪوٺيندا آهن يا ياد ڪندا آهن) شاهنواز سان اڌ ڪلاڪ تائين جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ان مان صرف هڪ ڳالهه جي چونڊ ڪئي اٿم، اڄ ان تي پنهنجن خيالن جي اظهار پيو ڪريان، باقي ڳالهيون بعد ۾ ڪبيون.

 اسان جي هن ڪچهريءَ ۾ ڪيئي عجب جهڙيون حقيقتون کلي سامهون آيون. بظاهر ته اهي ننڍڙيون ڳالهيون آهن پر غور ڪبو ته اهي ايتريون ننڍڙيون به ناهن انهن جي پويان ڪي تمام وڏا سبب هوندا. مثال طور سندس چوڻ آهي ته انوقت سندس پارٽي پاران مٿن جيل اندر ڪنهن به قسم جي ڊائري لکڻ تي پابندي لڳائي ويئي هئي. سندس لفظ آهن ته ” جيل ۾ لکڻ ئي ڪونه ڏيندا هيا (هتي ’لکڻ ئي ڪونه ڏيندا هيا‘ مان مراد پارٽيءَ وارا آهن، جيل انتظاميه پاران اهڙي ڪابه پابندي لڳل نه هئي) . جيل ۾ ڪن ساٿين جي هٿ ۾ ڏنڊي ڏني ويئي هئي ۽ اهي چوندا هيا ته خبردار جو ڪو پنو وغيره لکيو اٿو، خبر اٿو ته اهي ڪيتري اهميت وارا پنا هوندا جيڪي اوهان جا کڄي ويندا“. هاڻي جڏهن درياءَ جي پل هيٺيا تمام گھڻو پاڻي وهي چڪو آهي ته مون کي بظاهر اها ’ننڍڙي‘ بظاهر ’بي ضرر‘ ۽ بظاهر ’ڪارائتي‘ پابندي ڪا واقعي ننڍڙي، بي ضرر ۽ ڪارائتي محسوس نه ٿي ٿئي. بظاهر ان ننڍڙي ڳالهه پويان به مون کي ڪنهن شاطر دماغ جي ڊگھي سازش جي بوءِ ٿي محسوس ٿئي. اهو ساڳيو زمانو هو جڏهن پارٽيءَ جو اڳواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب ڪوٽ لکپت جيل اندر بند هو. پارٽي پاران کيس ضمير جو قيدي ڄاڻائي وڏي وٺ وٺان ڪئي ويئي هئي. پارٽيءَ جي سربراهه پاڻ جيل اندر ويهي جيڪي تحريرون ڪيون هيون اهي ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ جي عنوان سان ٻن ڪتابن جي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪيون آهن. ان ساڳي زماني اندر هزارين پارٽي ڪارڪن سنڌ جي مختلف جيلن اندر بند هيا، پارٽي سربراهه جيل جي ڊائري تحرير ڪري پي سگھيو پر ڪارڪنن تي پابندي مڙهي ويئي هئي، اها تمام گھڻي تضاد واري ڳالهه آهي.انوقت جيڪي ڪارڪن قيد هيا انهن ۾ تمام گھڻا پڙهيل لکيل، ڄاڻو ۽ سياسي حالتن جو گهرائي سان تجزيو ڪري ڄاڻندا هيا، جي ان قسم جي پابندي مٿن لڳائي نه وڃي ها ۽ ويتر انهن قيدين منجھان علم ادب سان ويجھو لاڳاپيل رکندڙ چونڊ ساٿين کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ها ته اهي جيل جي صورتحال متعلق تجزيا لکن ته شايد اسان وٽ انوقت جي جيل جي جهان متعلق هڪ ٻه نه پر ڪيئي مستند ڪتاب موجود هجن ها. پنهنجي قيد وارن ڏهاڙن متعلق اهي قيدي اڄ به ڪجھ لکي سگھن ٿا پر موقعي محل ۽ ان مخصوص ماحول اندر ويهي جيڪي ڪجھ لکجي ها اڄ اهو ڪنهن به صورت ممڪن ئي ڪونهي.  منهنجي خيال ۾ اهو هڪ تمام وڏو موقعو هو جيڪو خبر ناهي ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ضايع ٿي ويو هو يا ضايع ٿيڻ ڏنو ويو هو. جيڪڏهن اهو ڪم اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪيو ويو هو ته انوقت جي پارٽي پاليسي بازن جي خسيسس سوچ تي افسوس ٿو ڪرڻو پوي پر جيڪڏهن اهو ڄاڻي واڻي ڪرايو ويو هو ته منهنجي خيال ۾ اهو تمام وڏو ڏوهه جو ڪم هو. 

5 comments:

  1. هي ڪم هرگز ننڍڙو نه هو ڪارڪنن تي ڊائري لکڻ تي پابندي مڙهڻ. ڇو ته جيڪڏهن هو رياستي گهن چڪر سان مليل هئا ته کين اها پوري ڪل پي پئي ته ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن هي حقيقت کلنديون ته اسان جا پردا فاش ٿي ويندا. انومان لڳائجي ته هي ڪا وڏي سازش ٿي گذري آهي ۽ سياسي تاريخ سان وڏي بديانتي آهي. امير سائين ائين لکندا رهو، اسان پڙهندا رهنداسي!

    ReplyDelete
    Replies
    1. پيارا منصور اوهان جا لک ٿورا ۽ شڪرانا اوهان منهنجين تحريرن تي وقت بوقت پنهنجي پاران رايا ڏيندا رهندا آهيو. مون کي به ائين ئي لڳي ٿو. جلد سائين شاهنواز راڄپر پاران ٻي هڪڙي تمام اهم ڳالهه هنن صفحن تي ونڊڻ وارو آهيان جيڪو پڻ اسان جي اکين تي چڙهيل ڇپرن کي کولڻ جو ڪم ڪندو...آخر ۾ وري به مهرباني

      Delete
  2. Sain Amir sab! Allah has given you talent to write a nice articles with details. I appreciate your efforts for this work and expect same zeal in future....stay blessed!

    ReplyDelete
    Replies
    1. Thanks lot dear Niaz Hussain Ghumro for your kind and encouraging words,,,,and yes my journey is continue...thanks so much

      Delete
  3. Sain Amir sb! Allah hads given you talent to write detailed and informative scripts. I appreciate your labour and expect that you would continue with same zeal in future...stay blessed!

    ReplyDelete