Friday, May 27, 2016

روڪ جي روڪين سگھين


”تارے زمین پر “ هندي مووي ۾ عامر خان جو هڪ ڊائيلاگ

”دنيا اندر اهڙا اهڙا هيرا پيدا ٿيا، جن سڄي دنيا جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو، ڇوته انهن دنيا کي پنهنجي الڳ نظرن سان ڏٺو هو، دماغ انهن جا ڪجھ هٽيل هيا، آس پاس وارن کان برداشت نه ٿيا، انهن سندن لئه تڪليفون پيدا ڪري ڇڏيون پر ان هوندي به اهي ڪامياب ٿيا ۽ اهڙا ڪامياب ٿيا جو دنيا ڏسندي ئي رهجي ويئي“.

اها ڳالهه سؤ فيصد صحيح آهي، اهڙن ”مٿي ڦريل“ ماڻهن ئي هن دنيا ۾ ڪي حسين رنگ ڀريا، ڪي نيون، نراليون، اڻ ٿيڻيون ايجادون ڪري انسانذات لاءِ سهولتون پيدا ڪيون، انهن مان ڪن وري پنهنجن زمانن ۾ هلندڙ وهنوار موجب سؤ فيصد مڃيل سچ کي للڪاريو ۽ چيو ته اهو جنهن کي اوهين مقدس ڪتابن جي حوالن سان سچ ٿا سمجھو اها اوهان جي اڻ ڄاڻائيءَ کان سواءِ  ڪجھ به ناهي، انهن مظبوط دليلن سان منطقي انداز ۾ ان وقت جي سؤ فيصد سچ کي مڪمل نموني ڪوڙو ثابت ڪري ڏيکاريو. ٻين وري فلسفي جي دنيا ۾ نيون، نراليون ڳالهيون ڪيون جيڪي پڻ پنهنجي دؤر ۾ ڪفر جي زمري ۾ ڄاڻايون ويون. ان نموني انهن انمول انسانن  دنيا جي انيڪ مامرن لاءِ اسان جي سوچ کي وسيع ڪيو، واضع ڪيو ۽ سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ نيون راهون هموار ڪيون, 

اها به حقيقت آهي ته خدا جي زمين تي رهندي پنهنجو پاڻ کي نعوذ بالله خدا جي رتبي جو ڏک ڏيندڙ هر وقت جي فرعونن انهن انمول انسانن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي وڌا هيا. جن سچائي کي پرکي ظاهر ڪيو، ڪارائتيون ايجادون ڪيون انهن جي پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي ان وقت جي مڃيل مڃايل مذهبي عالمن مٿن ڪفر جون فتوائون ڪڍي زهر بڻائي ڇڏيو هو. ڪن کي جيئري باهه ۾ ساڙيو ويو، ڪن کي شينهن جي پڃرن ۾ واڙي خونخوار جانون هٿان چيرجي ڦاڙجي مرڻ واري اذيت ڏني ويئي، ڪن کي هاٿيءَ جي ڳرن پيرن هيٺان چيڀاڙجڻ جي سزا ڏني ويئي، ڪن جي جيئري کل لهرائي ويئي، ڪن کي سرعام ڦاسي ته ڪن کي زهر جا پيالا پيئڻ تي مجبور ڪيو ويو. اهو سوچيندي ڪيڏو افسوس ٿو ٿئي ته وقت جا صحيح ڏاها، سائنسدان، فلسفي، منطقي سوچ ڌاريندڙ، سماج کي اڳتي وٺي ويندڙن جي ذاتي زندگي ڪا آئيڊيل نه هئي. جسماني تڪليفون ته کڻي انسان برداشت به ڪري وڃي پر ڪو اڌ اکري ماڻهون، ڄٽ، جاهل، ڪوتاهه نظر بادشاهه، نيم ملان، جڏهن پنهنجي وقت جي وڏي ۾ وڏي عالم جي عزت نفس جو ڌڄيون اڏاري، کين ذليل و خوار ڪري، مٿن چٿرون ڪري، سربازار وقت جي تمام وڏن عالمن کي راهه ويندڙن کان ٿڪون هڻائي ته مان سمجھان ٿو ته اهو جسماني تڪيلفن، ايذائن ويندي جسماني موت کان وڌيڪ اذيت ڏيندڙ هوندو آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ظاهر داريءَ جي ڏک ڏيندڙ منافق ماڻهون، آمر، فتوائن جون فيڪٽريون کولي هلائيندڙ ٺٺ واري زندگي گذاريندا پيا اچن. اڄوڪو ماحول پاڻ سڀني جي سامهون آهي. هن ملڪ اندر حقيقي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام جو نالو وٺڻ به گناهه عظيم آهي، ڪنهن کي خبر ناهي ته سندس قبر ڪٿي آهي جو سندس قبر تي لڳل قطبي کي ئي اڏاريو ويو آهي ۽ ها هن زماني ۾ ئي ڪنهن بي گناهه کي قتل ڪندڙ قاتل کي قانوني گھرجن پٽاندڙ مليل موٽ جي سزا تي وقت جي يزيدن ڌرتي تپائي ٽامون ڪري ڇڏي هئي. هاڻي سندس سندس قبر کي درٻار شهيد/غازي جو نالو ڏئي جهالت ڦهلائڻ جا جتن پيا ڪيا وڃن.

عقل، علم، هنرمندي، منطق، دليل، سائنسي سوچ سان جهالت، انڌن عقيدن، ايڪويهين صديءَ کي تمام گھڻيون صديون پوئتي گھلي وٺي وڃڻ جي خواهش رکندڙ پراڻ پسند جي جنگ هلي پيئي. جنگ جي نتيجن تي ۾ مون کي ٽڪي برابر به ڪو شڪ ناهي ته جهالت جا رکوالا هن هلندڙ وقت ۾ پڻ ساڳي ذلالت ڀري شڪست کائيندا جيئن هنن تاريخ جي سمورن دؤرن ۾ کاڌي آهي ان هوندي ته کين رياست جا بي پناهه وسيلا موجود هيا، وٽن طاقت هئي، وٽن فوجون ۽ فتوائون هيون.

 علم ڪنهن مفتوح علائقي جي ڦرلٽ مان هٿ آيل باندي ناهي جنهن کي هي جاهل پنهنجي جنسي هوس جو نشانو بڻائيندا. علم ته هوا آهي، خوشبوءِ آهي، فلسفو سج جي روشني آهي، ايجادون نئين صبح جون بهارون آهن، هوا، خوشبوءِ، روشنيءَ کي نه ڪو اڳ روڪي سگھيو آهي ۽ نه هاڻي اهو ڪم سندن هٿ وس کان چڙهيل آهي.  مان کين رڳو اهو چوندس ته روڪ جي روڪين سگھين....

2 comments: