Friday, September 9, 2016

شاعريءَ جي طاقت.....”ڇا ڪو شاعر باهه ۽ برف جي انهيءَ چَرِ مان گذرڻ کانپوءِ ساڳيو رهي سگھي ٿو؟“ پئبلو نيرودا.


گذريل ڪراچي جي ٽوئر وقت سارنگا جا هي ٻه شمارا ثقافت کاتي پاران ڪراچي ۾ قائم سندن ڪتاب گھر تان خريد ڪيا هئم. اڃا انهن کي پڙهڻو آهي. ان سارنگا جي شماري 22-23 سال 2015ع جي شماري ۾سائين منوج ڪمار پاران پئبلو نيرودا جي ساروڻين جو جيڪو ترجمو ڇاپيو ويو آهي ان کي پڙهندي ئي دل ۾ اڌما اٿڻ شروع ٿيا ته اهو دوستن سان ونڊ ڪجي. سندس اهو ٽڪڙو پڙهندي مون کي پهريون دفعو اهو احساس ٿيو ته حساس شاعر ڇا ٿيندو آهي! شاعري ڪنهن لاءِ ڪبي آهي! شاعر جو سماج اندر ڪردار ڪهڙو هوندو آهي! پئبلو نيرودا جي ساروڻين کي سامهون رکي سندس ڪردار جي ڪٿ ڪري جڏهن پنهنجي ديس اندر شاعرن ۽ سندن تخليقن جي ڀيٽ ٿو ڪريان ته مون کي هتي ڪاري وارا ڪک ٿا نظر اچن. اسان وٽ اڪثر شاعري تڪ بند ۽ شاعرن جا خيال محبوبه جي زلفن، سندس دلربا ادائن تائين محدود آهن. الائي ته ڇو سنڌ جي حساس شاعرن جي نظر مسڪين، اٻوجھ، مظلوم، بکايل، ستايل، سور ۽ سختيون سهندڙ، پر عذاب زندگي گذاريندڙ عام لوڪ تائين ڇو ڪونه ٿي وڃي؟ ڪاش اسان جا شاعر به اهو دک، اهو درد، اها پيڙا جيڪو عام لوڪ سهي ٿو محسوس ڪن ته شايد قلم سندن هٿن مان ڇڏائجي وڃي. پئبلو نيرودا جي لفظن مطابق ته ”...ڇا ڪو شاعر باهه ۽ برف جي انهيءَ چَرِ مان گذرڻ کانپوءِ ساڳيو رهي سگھي ٿو؟“

 هيٺ اهو ٽڪڙو جيئين جو تيئن نقل ٿو ڪريان. باقي فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪن.

”شاعريءَ جي طاقت


منهنجو دور جيڪو انقلابن، جنگين ۽ سماجي اٿل پٿل سان ٻُريلهو، تنهن ۾ شاعريءَ جي سرجڻ جا وڌيڪ موقعا ملندا رهيا آهن. انهيءَ دور ۾ جڏهن مون پنهنجي شاعريءَ جو پهريون هيکلو ڪتاب لکيو ته اهو منهنجي تصور ۾ بلڪل نه هو ته هڪڙي ڏينهن آئون شهرن ۽ ڳوٺن جي چوڪن ۽ گھٽين، ڪارخانن، باغن، ليڪچر هالن، ٿئيٽرن ۾ شاعري پڙهندس. آءُ چليءَ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويو آهيان، جتي مون پنهنجي شاعري ائين ڇٽي آهي جيئن ڪو هاري ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽيندو آهي. آئون اوهان کي ٻه ٽي واقعا ٿو ٻڌايان. هڪ ڏينهن ڪنهن دوست مون کي ڪار ۾ ڇڪي ويهاريو ۽ بنا مون کي ٻڌائڻ جي هو مون کي سانتيا گو جي مصروف ترين مارڪيٽ ۾ وٺي ويو. اها مارڪيٽ اڻ ڳڻين گھوڙي گاڏين، ڍڳي گاڏين، هٿ گاڏن، ويگنن ۽ ٽرڪن سان سٿيل هئي، جيڪي سڄي ملڪ مان آندل ڀاڄيون ۽ ميوا لاهي رهيون هيون. انهيءَ مارڪيٽ ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر اڻ پڙهيل، غريب ۽ پيرن اگھاڙا مزدور هئا. اتي پهچي مون کي ٻڌايو ويو ته مون کي انهن مزدورن کي خطاب ڪرڻو هو. جيئن آئون مارڪيٽ جي هال ۾ گھڙيس ته منهنجي بدن کي ڏڪڻي وٺي ويئي نه رڳو انهي ڪري جو اها سخت سياري جي مند هئي پر انهي ڪري جو اتي ماحول تقرير ڪرڻ جهڙو ڪونه هو، اتي ڪاٺ جي بئنچن ۽ کوکن تي چَتين لڳل ڪپڙا پهريل مزدور ويٺا هئا، جن مان گھڻا ته گوڏيون پهريل هئا. آئون هڪڙي بئنچ تي ويهي رهيس ۽ منهنجي ملڪ جا اهي مزدور هڪ ٽِڪ ٿي مون کي ڏسڻ لڳا. مون سوچيو ته آءُ پنهنجي هنن ٻڌندڙن کي ڪيئن منهن ڏيندس؟ آئون هنن کي ڇا ٻڌايان؟ مون وٽ ڇا آهي، جيڪو هنن جي دلچسپيءَ جو سامان هجي؟ بيزار ٿي مون پنهنجي هٿ ۾ جھليل ڪتاب کوليو ۽ کين چيو ته ”آئون تازو اسپين ويل هيس جتي سخت ويڙهه هلي رهي هئي مون اتي ڪجھ لکيو آهي جيڪو آئون توهان کي ٻڌايان ٿو.“ مون سوچيو ته آئون کين پنهنجا ٻه ٽي نظم ٻڌائيندس ۽ ڪي ٻه ٽي ڳالهيون ڪندس ۽ پوءِ کانئن اجازت وٺندس، پر ائين ٿي نه سگھيو. اهي مزدور مسلسل منهنجا نظم ٻڌندا رهيا. انهن نظمن جي وچ ۾ مونکي سندن خاموشيءَ جا اهي گهَرا کوهه محسوس ٿي رهيا هيا، جن جي خاموشيءَ جي کوهن ۾ منهنجا لفظ اوتجي رهيا هيا. آئون سندن اکين ۽ ڀِرن کي ڏسي رهيو هئس، جيڪي منهنجي لفظن جو پيڇو ڪري رهيا هيا. آئون کين هڪ کان پوءِ ٻيو نظم ٻڌائيندو رهيس. آئون پنهنجي ئي آواز جي اثر ۾ قابو هئس. آءُ انهيءَ مقناطيسي ڪشش ۾ جڪڙيل هيس جيڪا ڪشش منهنجي شاعري ۽ انهن سادن سودن ماڻهن جوڙي رهي هئي. اهو سڀ ڪو ڪلاڪ تائين جاري رهيو. جڏهن آئون اجازت وٺي اٿيس ته هڪڙو ڳوڻ پاتل مزدور اٿي بيٺو ۽ چيائين ته ”اسين تنهنجا ٿورائتا آهيون جو تون هتي هليو آئين. اسان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ائين محسوس ڪونه ڪيو آهي جيڪو اسان تنهنجي شاعري ٻڌي محسوس ڪيو.“ اها ڳالهه پوري ڪري هن کان اهو سڏڪو رڪجي نه سگھيو ۽ هن روئي ڏنو ۽ مون ڏٺو ته ٻيا به ڪيترائي سڏڪن سان روئي رهيا هئا.  جڏهن آئون ٻاهر نڪتس منهنجي هٿن ۾ مزدور جي سخت هٿن جو ڇهاءُ هو ۽ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها. ڇا ڪو شاعر باهه ۽ برف جي انهيءَ چَرِ مان گذرڻ کانپوءِ ساڳيو رهي سگھي ٿو؟ 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو