Friday, September 30, 2016

ملڪي ترقي ۽ استحڪام لاءِ رواداري ۽ امن ضروري آهي


سڀ کان پهرين ته مان رواداري تحريڪ جي دوستن کي جس ڏيندس ته جيڪي ملڪ ۾ امن، ڀائپي ۽ سهپ واري ماحول جي آبياريءَ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آهن. هر سرگرمي، هر عمل ڪونه ڪو اثر ڇڏي ويندو آهي. يقينن تحريڪ جا دوست مختلف وقتن تي مختلف شهرن ۽ صوبن اندر جنهن قسم جون ڪم ڪن پيا انهن جا سٺا اثر شرڪت ڪندڙن تي ضرور پوندا هوندا. خاص ڪري مختلف مذهبن جي مڃيندڙن وچ ۾ ڀائپي ۽ سهپ پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن سي قابل ذڪر آهن. حقيقت ۾ اهو ساڳيو پيغام آهي جيڪو قائد اعظم محمد علي جناح جن پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسمبليءَ کي خطاب ڪندي ڏنو هو ته هاڻي اوهين آزاد آهيو مسجدن، مندرن، چرچن، امام بارگاهن ۾ وڃڻ لاءِ، اوهان سڀ هن ملڪ جا برابر جا شهري آهيو“ پر افسوس ته قائد اعظم محمد علي جناح جي وڃڻ کان پوءِ ڪنهن به سندس انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ يا ڪرائڻ جي ڪا به سنجيدهه ڪوشش نه ڪئي، ويتر پاڪستان ۾ قائد جي فرمان کي هرڪنهن وساري ڇڏيو. اها سڀاويڪ گائيڊ لائين هئي جنهن تي جيڪر عمل ٿئي ها ته اڄ اسان وٽ جنهن قسم جو فرقيوارانه دنگو فساد برپا آهي اهو نه هجي ها. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جن قائد اعظم تي ڪافر اعظم جون فتوائون ڏنيون هيون انهن ئي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس انهن ڳالهين جو مذاق اڏاريو ۽  ملڪي عوام اندر امن، سهپ ۽ ڀائپي واري ماحول جو ستيا ناس ڪري مخصوص مذهبي شدت پسنديءَ واري گس تي ملڪ کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو هڪ اهڙو رستو آهي جتي جيئرا جاڳندا انسان ڪباب ڪيا ويندا آهن، جتي سون جي تعداد ۾ ماڻهون ماري انهن مٿان ماتم بدران شيطاني رقص ڪيو ويندو رهيو آهي.  ان ماحول ۾ اڄ اسين سڀ مري رهيا آهيون، اسين سڀ صفا غير محفوظ ٿي چڪا آهيون. معصوم ٻارڙا جيڪي اڃا بالغ ئي ڪونه ٿا ٿين ته انهن کي 72 حورن جو چڪمو ڏئي کين انساني بم جي شڪل ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. انسانن جون منڍيون ڪپي انهن سان فوٽ بال کيڏڻ جون وڊيو به اسان سڀني ڏٺيون آهن. مسجدون، مندر، چرچ، عيدگاهون، امام بارگاهون صفا غير محفوظ ٿي چڪيون آهن. مذهبي ڏينهن جهڙوڪر عيدون، محرم، ڏياري، ڪرسمس ملهائڻ قيامت کان گھٽ ناهن رهيا. هاڻي جڏهن به ڪو مذهبي ڏڻ ايندو آهي ته ملڪي عوام جي وات ۾ آنڊا اچي ويندا آهن ۽ اهي اهڙن مذهبي ڏينهن جي خير خوبي سان گذري وڃڻ جو دعائون پيا گھرندا آهن. هنوقت حالت اها آهي ته محرم هجي يا عيدون هجن اهي سڀ فوج جي سخت نگرانيءَ ۾ منقعد ٿين پيون. 

هونئن ڪوبه مذهب، مذهبي تفاوتن ڪري ٻئي مذهب جي مڃيندڙن تي ظلم تشدد جو حامي ناهي. قرآن شريف ۾ پڻ لڪم دين ڪم واليَ دين جو واضع هدايتون مليل آهن ۽ ايتري حد تائين چيل آهي ته ”اوهان انهن جي ڪوڙن خدائن خلاف نه ڳالهيون متا اهي اوهان جي سچي خدا خلاف ڳالهائين.“  اها پرچارهر مذهب کي مڃيندڙ پنهنجي مذهب لاءِ وڏي وات ڪندو به رهندو آهي ته سندن مذهب يا مذهبي فرقو امن، سهپ ۽ انساني ڀائپي جو علمبردار آهي پر اهڙين ڳالهين تي عمل جي ڪائي سنجيدهه ڪوشش ٿيندي نظر ناهي ايندي. هونئن حقيقت ۾ هر مذهب ٻين مذهب جي پيروڪارن ساڻ رواداري سان رهڻ جي تعليم ڏئي ٿو. هر مذهب سندن مذهب کي مڃيندڙن سان گڏ ٻين مذهبي فرقن، گروپن جي جان، مال، عزت آبرو ۽ سندن ٻين حقن جي حفاظت تي زور ڏئي ٿو. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي اهڙين ڳالهين تي عمل تمام گھٽ ڪيو ويندو آهي. جيئن پاڪستان اندر مسلمانن جي وڏي اڪثريت آهي ته هندو، سک، عيسائي ۽ خود مسلمانن جا ننڍا فرقا جهڙوڪر شيعه، اسماعيلي، قادياني شڪايتون ڪندا رهندا آهن ته ساڻن وڏو مٿ ڀيد رکيو پيو وڃي ۽ ائين آهي به سهي. پاڪستان اندر مٿي ٻڌايل غير مسلم مذهبي مڃيندڙن ۽ خود ننڍن فرقن جي ماڻهن تي وڏا خوني حملا ٿيندا رهيا آهن جن جي ڪري هزارين بي گناهه انسانن جو ناحق خون ٿيندو رهيو آهي.

 پر اها ڪار رڳو پاڪستان اندر ناهي. جيئن ته هندستان اندر وري هندو مذهب مڃيندڙن جي وڏي اڪثريت آهي ته اتي مسلمان، عيسائي ساڳيون دانهون هندن خلاف ڪندا رهندا آهن. ويندي هندو مذهب جو حصو سمجھيو ويندڙ سک به کانئن بلڪل خوش ناهن. ان نموني اسرائيل اندر وري يهودي مسلمانن سان ساڳيو وهنوار روا رکيو پيا اچن. يورپي ملڪن اندر عيسائين مڃيندڙن جو ساڳيو رويو مسلمانن سان هوندو آهي. 

هونئن مذهبي تڪرار ڪي ڪالهه جي پيداوار ناهن. مختلف مذهبن جي مڃيندڙن وچ ۾ اختلافن جي وڏي تاريخ آهي جيڪا صدين تي ڦهليل آهي.

هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته مختلف مذهبن کي مڃيندڙن وچ ۾ واقعي به اها ڀائپي ڪيئن پيدا ٿئي؟ ان جي حل جا ڪيئي نسخا مختلف ماڻهون، گروهه يا نظرياتي ماڻهون ڏيندا رهيا آهن ۽ ڪوششون پڻ ڪندا رهيا آهن. رواداري تحريڪ کي پڻ ان تسلسل ۾ ڏسڻ  گھرجي. منهنجي خيال ۾ ته ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم جيڪو نقطو آهي اهو هي آهي ته رياستي وهنوار سيڪيولر بنيادن تي هلڻ گھرجي. پر افسوس سان چوڻو ته پوي ته پياري پاڪستان اندر مذهب جي نالي ۾ سياسي دڪان سجائيندڙ سموريون ڌريون سيڪيولر رياست جي معنى ڪفر ٿيون وٺن. جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان اندر جميعت علماءِ هند وارا وري هندستاني رياست جي سيڪيولر حيثيت جي تحفظ ڏيڻ لاءِ جان جي بازي لڳائڻ جون ڳالهيون پيا ڪن. مذهب جي نالي ۾ سياست ڪندڙن جي ٻه چاپڙائي ته ان هڪڙي مثال مان واضع نظر پئي اچي.  ان ڪري اسان جي ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ جي اشد ضرورت آهي ته جيستائين اسان رياستي معاملن کي مذهبي ٻنڌڻن کان آزاد نه ڪرائينداسين تيستائين هن ملڪ اندر مختلف بين المذهبي ڀائپي ۽ دوستي قائم ٿي نه سگھندي. اهو ڪو ننڍو ڪم ڪونهي پر ناممڪن به ته ناهي.

ضيا الحق هن ملڪ جو هڪ مثالي آمر هو جنهن پاڪستان جي سمورن معاملن اندر ايترو ته بگاڙ پيدا ڪري ڇڏيو هو ته هن ملڪ جا ماڻهون انهن ڦندن ۽ ڦاهن ۾ اڄ به مڪمل نموني ڦاٿل آهن. ان مذهب کي پنهنجي ذاتي اقتدار وڌائڻ لاءِ بيدردي سان استعمال ڪيو ۽ ملڪ اندر فرقيواريت جو زهر ايترو ته پکيڙي ڇڏيو ته اسين سڀ ان زهر جي اثر هيٺ گذاريون پيا. ڊڪٽيٽر ضيا پاران اسلامائيزيشن لاءِ جيڪو نصاب جوڙيو هو اڄ اسين ان مان پيدا ٿيل فصل لڻي رهيا آهيون. ان ڪري سڀ کان اول ته پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين هڪ اهڙو نصاب جوڙڻ جي اشد ضرورت آهي جنهن ۾ ڪنهن مخصوص مذهبي پرچار بدران سهپ، رواداري، ڀائپي، امن جو پيغام هجي. ملڪي نصاب کي هر سطح تي مڪمل نموني بدلائي سيڪيولر بنيادن تي استوار ڪرڻ جي سخت ترين ضرروت آهي. مان رواداري تحريڪ جي دوستن کي گذارش ڪندس ته اهي پنهنجي پيغام ۾ اهو نقطو به شامل ڪن. هنوقت عوام کي اهو ٻڌائڻ جي سخت ترين ضرورت آهي ته مذهبن جو معاملو فرد ۽ الله جو معاملو آهي ان سلسلي ۾ فرد ڪنهن به نام نهاد عالم يا مذهبي اسڪالر وٽ جوابدر ناهي. ها هر ڪنهن کي پنهنجي مذهبي عقيدي موجب زندگي گذارڻ، مذهبي ڏينهن کي ملهائڻ، عبادتون ڪرڻ جو حق ته بلڪل هئڻ گھرجي پر ڪنهن کي به اها اجازت هرگز نه هئڻ گھرجي ته هو پنهنجي عقيدي کي ڇڏي باقي ٻين جي تذليل ڪري، ٽوڪون ۽ ڇٿرون ڪري  يا مٿن خوني تشدد وارو وايو منڊل تيار ڪري. ان سلسلي ۾ سڀ کان اول جيڪي مدرسا فرقيواريت جي فصل جون نرسريون بڻيل آهن انهن تي مڪمل نموني پابندي لڳائي وڃي. مدرسن ۾ پڙهائڻ واري نصاب تي رياست جو چڪاس سان گڏ ڪنٽرول هئڻ گھرجي. مدرسن اندر پڙهندڙ خطابين جا امتحان امتحاني بورڊ وٺن ۽ انهن جي لاءِ امتحاني سوالي پيپرماهر پروفيسرن کان جوڙايا وڃن ته جيئن مدرسن اندر پڙهندڙ خطابين جي ذهني سطح ۽ لاڙن متعلق مڪمل ڄاڻ ملي سگھي.

مذهبي رواداري، ڀائيچاري، امن ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾صوفياءِ ڪرام جو وڏو هٿ آهي. انهن اسان کي اهو ٻڌايو هو ته ”هڪ نقطي وچ گل مقدي اي، ڦڙهه نقطا ڇوڙ ڪتابان نون“ انهن اسان کي اهو پڻ چيو هو ته ”...مسجد ۽ مندر ۾ ٻري هڪ ڏيئو...“ انهن پکين جا مثال ڏنا هيا ته انهن کان سکڻ گھرجي جن ۾ ڪابه مذهبي شدت پسندي ناهي اهي مسجد جي درين مان اٿي مندر جي مينارن يا چرچن جي مٿان وڃي ويهندا آهن. انهن مذهبي شدت پسندن جي اهو چئي مذمت ڪئي هئي ته ”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهون منجھايا، شيخيءَ، پيريءَ پنڊتيءَ بيحد ڀلايا، ڪي نوڙي نمازون پڙهن، ڪن مندر وسايا، اوڏو ڪين آيا عقل وارا عشق جي“ سو اسان کي صوفياءِ ڪرام جي وارو عاشق بڻجڻو آهي. سندن ڏسيل واٽن تي هلڻ جي جيڪا اڄ ضرورت آهي اها ڪڏهن اڳ نه هئي. لطيف سرڪار، بلا شاهه، سلطان باهو، خواجه غلام فريد، سچل سرمست، بيدل بيڪس، روحل فقير، ٻڍل فقير ۽ ٻين جيڪي امن، ڀائيچاري، سهپ، رواداري جا بي مثال سبق رقم ڪيا آهن انهن کي عام ڪرڻ، عام ماڻهن ۾ انهن جو پرچار ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.

ٻول نه ٻئي ڪنهن ڀُلُ، تون ته آدم ناهين،
لِڪو ٿو لاتِيُون ڪرين، جيئن باغ اندر بُلبُل.
مَلڪن ٿي سجدا ڪيا، واهه مٽي تنهنجو مُل!
ڪير ٽَپائي، ڪير ڪُڏائي، شاهه بنا دُلدل.
 اَحد منجهارؤن عبد سڏايئي، هئين تان پاڻ اَصُل.
سچل چوي سچ ٿي آئين، ڪونهي تنهنجو تُل.


 سچل سرمست

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو