Saturday, September 7, 2019

محبتن جو سفر


گهڻا سال اڳ  2005ع ۾ منهنجي سائين علي حسين قاضي صاحب سان نيازمندي ڇا ٿي ائين لڳو ڄڻ ٻن بتن ۾ هڪ ئي روح گهڙي ويو هجي، نينهن جا ناتا وقت گذرڻ سان وڌيڪ مضبوط ٿيندا ويا. اسان جي جوڙيءَ ۾ ٽيون نالو عزير سومري جو جوڙ ٿيو هو. عزير سومري جو والد صاحب هيو ته کڻي مزدور پر پر هو هڪ وزنري شخص هو، هن پنهنجي خاندان کي ڳوٺ رڪ مان لڏائي ڪرائي جو گهر وٺي اچي سکر ۾ رهايو هو. سندس ٻه ننڍا پٽ انوقت ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندا هيا جن مان هڪ هاڻي انجنيئر ته ٻيو ڊاڪٽر آهي. ان کي چئبو آهي صحي فيصلي جو ثمر. جڏهن ته عزير سومرو ادبي، سماجي، علمي ۽ سياسي دوستن جي اٿاويٺيءَ ۾ شرڪت ڪندو هو ۽ ساڳي وقت مان پنهنجي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي جو سيڪريٽري هئم ۽ ڪونه ڪو پروگرام پيا ڪندا هياسين ۽ عزير سومرو مون وٽ روز ايندو هو. ڪاليج جا يار دوست ڀوڳن ڀوڳن ۾ چوندا هيا ته "عزير سومرو اميرگل جو جنُ اهي". اهي ئي ڏينهن هيا ته نثري نظمن جهڙي شاعر حبيب ساجد جي معرفت سي ايس ايس ڪري پاڪستان ريلوي ۾ آفيسري ڪندڙ سائين طارق عزيز ڪولاچي صاحب سان چارچشمي اهڙي ٿي ته مون ۽ قاضي صاحب جي ساڳي روح وانگر هاڻي اسان ٽن بتن ۾ هڪ روح ٿي وياسين. اسان پنهنجي ان چوڪڙيءَ کي"صوفي سنگت" جو نالو ڏنو. مون پنهنجي ساٿ تي هڪ مضمون به لکيو هو جيڪو ان وقت جي ڪنهن سنڌي اخبار ۾ ڇپيو پڻ هيو. بعد ۾ عزير سومرو پنهنجي ڀائرن جي اعلي تعليم جي سهولت ڪري ڪراچي لڏي ويو هو ته اسان جي موتئي جي گل جهڙي ٽمورتي ٺهي پئي هئي. انيڪ راتيون، اڻ ڳڻيون شامون ڪيئي ڪاڙها ۽ ڪيئي سرد راتيون گڏ گذاريون هيوسين. وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، ڪولاچي صاحب جي بدلي ڪڏهن راولپنڊي ته وري ڪڏهن اونهاري جي سخت ڪاڙهن ۾ ملتان ۽ وري هڏيون ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ ڪوئٽه ۾ ٿيندي رهي. مون پنهنجي ڪيريئر جا آخري ٻه سال اوٻاوڙي کي ڏنا ۽ وقتي طرح اسان غم روزگار ڪري الڳ الڳ ڏسائن ۾ هليا وياسين، پر هڪ دفعو وري تسبيح جي داڻن وانگر اسان ٻيهر ساڳي ڏور ۾ اچي گڏ ٿيا آهيون جڏهن مون رٽائرمينٽ وٺي مستقل سکر ۾ خيما کوڙيا آهن ۽ ڪولاچي صاحب جي پڻ واپس سکر ۾ پوسٽنگ ٿي آهي. هن دفعي اسان جي تسبيح جي داڻن ۾ ٻه بيا به قيمتي داڻا سائين وحيد انصاري ۽ سائين شاهنواز چاچڙ جو اضافو ٿيو آهي.
ڪالهه اسان جي ٽمورتي بنا ڪنهن اڳواٽ رٿابندي جي روڊن تي سائين طارق عزيز ڪولاچي جي جمني گهمائيندي وڃي مرشد سچل جي درگاهه تي نڪتا هياسين. واپسيءَ تي ٺيڙهي باءِ پاس تي لذيز ڊنر ۽ ويندي روهڙيءَ باءِ پاس ڀرسان نئين جڙندڙ روهڙي بس ٽرمينل کير پتي چانهه ته وڏو چس ڏنو هو پر انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ ته اهي ڳالهيون هيون جيڪي اسان سفر وقت تي هڪ ٻئي سان ونڊيون هيون. مون سائينءَ ڪولاچي صاحب جو هڪ مني انٽرويو جيڪو نوجوانن جي سکيا متعلق هو جي وڊيو جوڙي پنهنجي يوٽيوب چينل تي رکي ڇڏيو آهي (https://youtu.be/Y-DzmbbesUI) ۽ ساڳي وٽن تي بيدل سائينءَ جو نوحو سائين علي حسين قاضي صاحب چيو هو ان جي رڪارڊنگ پڻ چينل تي موجود آهي https://youtu.be/mVT27qmBVOY) . سائين طارق عزيز ڪولاچي صاحب وري هر جاءِ جا ڦوٽو رويو سان گڏ گوگل تي رکي رهيو هو. ياد رهي ته گوگل اهڙي ڪم ڪرڻ تي همٿائيندو رهندو آهي. ان سان اهو ڪم ٿيندو آهي ته انهن ماڳن مڪانن جي معلومات دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ويندي آهي ۽ دنيا وارن کي انهن ماڳن مڪانن متعلق ڄاڻ ملندي آهي. هن نيڪ ڪم لاءِ گوگل وارا رڳو همٿ ناهن ٻڌرائيندا آهن پر اهي سرٽيفڪيٽ ڏيندا آهن، اهي دنيا اندر انهن موضوعن تي منقعد ٿيندڙ سيمينارن، ورڪشاپن ۽ پروگرامن ۾ شرڪت جون دعوتون پڻ ڏيندا آهن ۽ جيئن جيئن پوائنٽون وڌنڌيون رهنديون آهن ته هو ڊالرن ۾ انهن جو معاوضو پڻ ڏيندا آهن.
شل محبتون گلدستن وانگر سونهن ۽ خوشبوءِ پکيڙينديون رهن.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو