Monday, September 2, 2019

سوچون، سپنا، اڌما


گھڻن ڏينهن کان وٺي لکڻ جي ڪم کي بريڪ لڳل هو، لکڻ مان منهنجي مراد ڪو وڏو، سير حاصل مضمون باقي ٿوريون گھڻيون ڳالهيون، چٽڪلا ته فيس بوڪ  ۽ ٽويٽر تي هلندا رهندا آهن. جن تي واهه واهه سان گڏ تنقيد به ٿيندي آهي ميارن سا گڏ دڙڪا به سهڻا پوندا آهن ته ڪڏهن فتوائن کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي. جيئن ته مان ڪنهن به فرقي ورقي جو ماڻهوناهيان ۽ اڪثر منهنجا يار هِن پاسي نه ته هُن پاسي جا مجاهد آهن ان ڪري جڏهن ڪنهن به فرقي جي ڪيل انسانيت سوز ڏوهن تي لکندو آهيان ته منهنجا فرقي باز يار صفا ڏاڪا ٻڌي چڙهي پوندا آهن. جڏهن سياسي بازيگرن جي ڪنهن ڌر جي نالائقين تي قلم کڻندو آهيان ته هڪ سياسي ڌر ٻي سياسي ڌر جو ونگارو چئي پنهنجي اندر جي باهه مون تي ڪڍندا آهن. کين ڪير سمجھائي ته مان ڪنهن به سياسي بازيگر جي درن تي ڌڪا کائيندو آهيان نه ئي  ڪنهن وڏيري ٽنڊڻ خان يا ڪنهن ماڪوڙي سردار يا ڪنهن اڏوهي جهڙي پير جا پير جھليا اٿم.   مان هڪ آزاد انسان آهيان، مون سان منهنجي مولا ڀورائي ۾ ڀال ڪري ڇڏيا آهن. ان ڪري مان بي خوف ٿي لکندو آهيان. ظلم مسلمان تي ٿئي، هندو تي ٿئي، سک يا عيسائي تي ٿئي، ڪنهن پنجابي، سنڌي، بلوچي، اردو ڳالهائيندڙ، پختون تي ٿئي ان کي ظلم ئي سمجھندو آهيان. مون زندگي جا ڪيترائي سال سياست جي راهن تي گهلجندي گذاريا آهن ان ڪري اهي ڳالهيون به مون کي چٽيون نظر اينديون آهن جن تي مذهبي، قومپرستي، ترقي پسندي، فرقي پرستي، وطن سان محبت جا چلڪڻا پردا لڳل هوندا آهن. مون سنڌي ۽ اردو ادب پڙهيو آهي ۽ پڙهندو رهندو آهيان. منهنجي مطالعي ۾ناول، تاريخ، سفرناما، شاعري، آتم ڪهاڻيون، سوانح حيات، ڪهاڻيون، سياست، ادب، تعليم، سماج، نفسيات، آرڪيالاجي، اينٿرو پائلاجي، ٽيڪنالاجي وغيرهه وغيرهه جهڙا موضوع شامل هوندا آهن. مان پنهنجو پاڻ کي جيترو لکڻ جو حق ڏيندو آهيان ته ساڳيو حق ٻين جو به سمجھندو آهيان. پر مون اڪثر مشاهدو ڪيو آهي ته ڪيترا اسان جا دوست پنهنجي پنهنجي فيس بوڪ والن تي ته صفا خاموش هوندا آهن پر اسان جهڙن جي هر ڳالهه تي اڙي ڪري بيهي رهندا آهن. هر ڪنهن جو پنهنجو وڙ، ڪنهن حد تائين اهو به سندن ٿورو ئي ٿيو ته اهي گھٽ ۾ گھٽ منهنجي ڪيل ڳالهين تي تنقيد ڪري انهن جي اهميت تي مهر هڻي ويندا آهن. جيڪڏهن منهنجي ڪيل ڳالهين ۾ ڪو اثر نه هجي، انهن ۾ ڪا گھرائي نه هجي ته ڪوبه انهن تي ڪجھ به نه لکندو سواءِ لائيڪ، دل واري بٽڻ دٻائڻ واري موالي قسم جي دوستن جي. دوستن کي گذارش آهي ته کين لکڻ گھرجي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي، ڪنهن تنقيد جي خوف کان مٿاهون ٿي ڪري لکڻ گھرجي. ها جيڪڏهن ڪو يار دوست اصلاح ڪري، ڪا صلاح ڏئي دليل سان ڪيل ڳالهه کي رد ڪري ته اسان کي وڏي دل ڪري اهي ڳالهيون مڃڻ گھرجن. مان هاڻي اڳتي ڪوشش ڪندس ته پنهنجو ونڊيل ويچار فيس بوڪ، ٽويٽر، واٽس ايپ، بلاگ سان گڏ يوٽيوب تي پڻ رکان ته جيئن هر جاءِ تي اسان جي پنهنجي ٻوليءَ جا ذخيرا وڌن، گوگل جي ترجمي ڪاريءَ واري سسٽم ۾ وڌيڪ پرفيڪشن اچي.  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو