Tuesday, March 24, 2020

سائنس ڏنو سوجهرو






”سائنس ڏنو سوجهرو“ آزاد بخاري جي ٻارڙن لاءِ ڪيل شاعريءَ جي ڪتاب تي تبصرو.
اميرگل ڪٽوهر.
هنوقت سائين آزاد بخاريءَ جي ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جو هڪ منفرد ڪتاب ”سائنس ڏنو سوجھرو“منهنجي هٿن ۾ آهي. ڪتان جو نالو ئي نرالو ۽ موهيندڙ آهي. ڀلي جيڪڏهن ڪو ماڻهون ڪتاب نه پڙهي پر رڳو سندس نظر ڪتاب جي نالي تي پوي تڏهن به هو سمجھي ويندو ته ڪتاب ۾ سائنسي سوچ جي اپٽار ٿيل هوندي. مون هي ڪتاب هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڙهي پورو به ڪري ڇڏيو آهي. ڪتاب کي پڙهي پورو ڪرڻ مان منهنجي مراد ڪتاب اندر ڏنل شاعري آهي. مون ڪتاب جي شاعري پڙهي ان تي تبصرو لکيو آهي هاڻي ان ڪتاب متعلق ٻين لکارين جي راءِ کي پڙهندس. مون ائين ان ڪري ڪيو ته جيئن ڪتاب متعلق منهنجي پنهنجي ذاتي راءِ تي ٻين دوستن جي راءِ اثر انداز نه ٿئي.
هي ڪتاب ”پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور“ پاران سهڻي لکائي ۽ ڇپائي ۾ ڇپرايل آهي. هن ڪتاب ۾ ٻارڙن لاءِ سائنسي شاعري ڪيل آهي. منهنجي ڄاڻ مطابق (ٿي سگھي ٿو ته آءُ غلط هجان) ته سنڌيءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون شاعريءَ جو ڪتاب آهي جنهن ۾ سائنس کي فوڪس ڪيو ويو آهي. جيئن ته هن ڪتاب جا متوقع پڙهندڙ ننڍڙا ٻار آهن ان مناسبت سان ٻولي به سادي، سمجھ واري استعمال ڪيل آهي. هر اسم سان گڏ شاعريءَ جي مناسبت وارا ڦوٽوز پڻ رکيا ويا آهن جيڪي ٻارڙن کي سائنسي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ يقينن مدد ڪندا.
مون کي شاعري ۾ سائين آزاد بخاريءَ جي ترتيب به ڏاڍي وڻي آهي. گھڻو ڪري هر اسم ۾ ڪنهن نه ڪنهن سائنسي اوزار، ايجاد متعلق ڄاڻ مهيا ڪرڻ سان گڏ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته ان شيءِ جي ڪم جو طريقه ڪار
Process ڪيئن آهي، ان جي افاديت ۽ اهميت ڪهڙي آهي، ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته ان کي استعمال ڪيئن ڪجي يا ڪهڙين ڳالهين جو خاص خيال رکجي. مثال طور سندس هڪ اسم کڻون ٿا ريفريجيٽر جيڪو ڪتاب جي صفح نمبر 36 تي رکيل آهي؛
منهنجي گھر ۾ فرج آهي،
”ريفريجيٽر“ جا سڏائي........................................هن بند ۾ سائينسي ايجاد جو تعارف ڪرايل آهي.
بخارجڻ مان گذري ٿي
ٿڌڪار گھڻو هي ڪري ٿي.
داٻ آڻي ٿو ”ڪمريسر“
گئس ڄمائي ”ڪنڊنسر“...........هنن ٻنهي بندن ۾ ان ايجاد (ريفريجيٽر) جي ڪم ڪرڻ واري عمل (
Process) جي اپٽار ٿيل آهي.
هن ۾ برف جو ڪمرو آهي،
جيڪو ٿڌڙو ننڍڙو آهي. ...........ايجاد جو ڪم
هن ۾ شربت پاڻي ڀرجي،
تازو توانو ميوو رکجي.
کير لسي به ڇاڻي رکجي،
سبزي گوشت به آڻي رکجي................هنن ٻنهي بندن ۾ ريفريجٽر جي کي ڪهڙن ڪمن لاءِ استعمال ڪجي جو ذڪر ٿيل آهي.
ٻارو هرهر ڪين کپايو،
وقت ضرورت شيون کائو.............آخر ۾ نصيحت.
ڪتاب پڙهندي هڪ ٻيو اسم به ڏاڍو وڻيو جنهن ۾ سائنسي ۽ مذهبي نقطه نظر کي خوبصورت توازن سان بيان ڪيو ويو آهي. اهو آهي ”ارتقا“. اويليوئيشن (Evaluation) يا ارتقا متعلق اسان وٽ ٻه الڳ الڳ ابتڙ رايا آهن. مذهبي خيالن وارن ماڻهن جو خيال آهي ته انسان ڏاڏي آدم جي اولاد آهي ۽ اهو پيدا ٿيندي ئي عقل وارو هو جڏهن ته سائنسي نقطه نظر رکندڙ وري ڊارون جي نظرئي تي زور ڏيندا آهن ته انسان جانورن (جهڙوڪر) ڀولڙي جي سڌريل شڪل آهي. سائين آزاد بخاري انهن ٻنهي خيالن کي وڏي توازن سان اهڙي ته نموني بيان ڪري ويو آهي ته سائنسي سوچ ڌاريندڙ يا مذهبي خيالن وارا ناراض نه ٿين.
ٻارو ٻڌايو ٻارو ٻڌايو
دنيا ۾ انسان ڪيئن آيو.
سائنس ۾ ته ڏسيو ويو آ،
ڀولو وڌي انسان ٿيو آ.
”ڊارون“ جي ٿيوري آ اها،
جنهن کي چئون ٿا ارتقا.
مذهب به هي ٻڌايو آ،
انسان کري ڀولو ٿيو آ.
عجب ٻنهي جو رشتو آهي،
سائنس مذهب ڏسيو آهي.
اڃا به ماڻهون ڪن ٿا ڳولا
انسان سان ڪيئن جڙيا ڀولا......(هلندڙ تحقيق)
ٻارو پڙهو ۽ ڪجھ ڪيو ڳولا،
ڪٿان آيا انسان ۽ ڀولا........(ڪا ڳالهه مڙهڻ بدران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته اوهين پاڻ کوجنا ڪري ان راز کي هٿ ڪريو)
هن ڪتاب ۾ ڪجھ اهڙين ايجادن جو ذڪر به ملي ٿو جيڪي اڄ ڪالهه عام ناهن پر ان جي ڄاڻ رکڻ هر ٻار لاءِ ضروري آهي. ڇوته انهن ايجادن سماجن کي صفا ڌوڏي ڇڏڻ وارو ڪم ڪيو هو. انهن ۾ وي سي آر ۽ ٽرام اچيو وڃن. ڪو وقت هو ته وي سي آر اسٽيٽس سمبل طور ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو هو. جيڪڏهن ڪو مٽ مائٽ يار دوست ڪنهن ٻاهرين ملڪ جهڙوڪر سعودي، دبئي يا آمريڪا مان ملڪ ايندو هو ته هتان سندس گھر وارا يا يار دوست کانئس وي سي آر آڻڻ جي فرمائش ڪندا هيا. وي سي آر اهڙي ته مقبول ۽ مشهور ٿي جنهن سئنيمان گھرن کي ڊهرائي اتي شاپنگ سينٽر جوڙائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو هو. ها پر سائنسي ايجادن جي تڪڙي ترقي وري انهن وي سي آرن کي پڻ جهڙوڪر اينٽڪس جي زمري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اهي وي سي آر جيڪي پنجاهه هزار روپين کان وٺي پنجويهه هزار روپين ۾ وڪرو ٿيندا هيا اڄ ڪالهه لنڊا بازار وارا پٺاڻ انهن کي پنجن سون ۾ ڏيڻ تي تيار ٿيو وڃن پر خريد ڪرڻ وارو ڪوئي ناهي.
ٻيو جيڪو ٽرام جو ذڪر آهي ان جي ڄاڻ ته نوجوان ۽ نئين نسل کي بنهه گھٽ هوندي. ٽرامون جيڪي ڪراچيءَ ۾ هلنديون هيون. انهن لاءِ ريل جي پٽڙيءَ وانگر ٽريڪ ٺهيل هوندا هيا، سندن مخصوص اسٽاپ هوندا هيا ۽ انهن تي روزانه لکين ماڻهون سفر ڪندا هيا. سائين آزاد بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾ ٽرامن جو ذڪري ڪري نئين نسل کي ان متعلق ڄاڻ مهيا ڪئي آهي. افسوس ته ان انمول ايجاد جي ڪا نشاني به پياري پاڪستان ۾ ورلي ملي. رياستي ادارن جي ڪرتائن ڌرتائن کي گھرجي ته ميوزمن يا پارڪن اندر ٽرام جون ڪي بوگيون رکرائين ته جيئن هر دؤر جي نسل کي انهن جي خبر پئجي سگھي.
اسان جو سماج انڌن عقيدن جي ور چڙهيل آهي. اسان مان گھڻن کي خبر ئي نه ٿي پوي ته جنهن قسم جا سبق اسان کي مختلف طريقه تعليم جي ادارن ۾ خشوع ۽ خضوع سان پاڙهيا پيا وڃن اهي سواءِ دلفريب ڌوڪي جي ٻيو ڪجھ به ته ناهن. افسوس ته چڱا خاصا پڙهيل لکيل اونداهي جي رکوالن جي پويان رڍن وانگي هلڻ ۾ عافيت ٿا ڀانئين! هنوقت اسان جي سماج کي سائنسي تعليم، سائنسي فڪر ۽ فلسفي جي اشد ضرورت آهي. مان سمجھان ٿو ته آزاد بخاريءَ جي هي ننڍڙي ڪاوش ”سائنس ڏنو سوجھرو“ اهڙن سڀاويڪ سوچن لاءِ هڪ ترجمان ڪتاب آهي.
گھڻي ڊيگھ کان پاسو ڪندي بس اهو لکندس ته هن قسم جا ڪتاب نصاب ۾ رکيا وڃن يا هن ڪتاب مان چونڊ شاعريءَ جا اسم سنڌي يا سائنس واري ڪتاب جو حصو بڻائڻ گھرجن.



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو