Monday, March 23, 2020

محمد بخش ڪلادي هڪ سچو، سٻاجهڙو انسان




ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
سنڌي ٻوليءَ جو عاشق، معصوم ۽ پاڪ دل رکندڙ، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو اڳوڻو آفيسر اسان جي پياري دوست پروفيسر رياض ڪلاديءَ جو والد سائين محمد بخش ڪلادي به ڏور ڏيهه هليو ويو.
 محمد بخش عرف ايم بي ڪلادي هڪ اهڙو ڀاڳوند هو جيڪو هر محفل جي سونهن بڻيل رهندو هو. سکر جي سمورن علمي، ادبي، ثفافتي، سياسي پروگرامن، احتجاجن ۾ شرڪت ڪندو هو. هو هرڪنهن کي سنڌي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي تلقين ڪندو هو. ڪراچي ۾ جتي به ويندو هو، ڪا خريداري ڪندو هو ته هرڪنهن سان سنڌيءَ ۾ مخاطب ٿيندو هو ۽  هو اها تلقين اسان کي به ڪندو هو، سندس چوڻ هو ته سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ڪاروباري ماڻهن جي مجبوري آهي پر جڏهن اسان پاڻ ئي ساڻن نه ڳالهائيندا ته ڪير اسان سان سنڌي ڳالهائيندو.
شل حورن جي هنج ۾ هوندو 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو