Monday, March 23, 2020

FACE BOOK UPDATE


سنڌ حڪومت پاران ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ ڏنل ٽن ڏينهن واري لاڪ ڊائون کي پاڻي ڏيندي سڃو ڏينهن گھر اندر رهيم. ان واندڪائي جو فائدو وٺندي فلم ڊاريڪٽر راجا ڪرشن مينن پاران جوڙيل فلم “بارا انا، (ٻارنهن آنا) ڏسي ورتم. فلم جي ڪاسٽ ۾ بالي ووڊ جو ليجينڊ اداڪار نصير دين شاهه، وجي راز، ارجن ماٿر ۽ تانشٿا چٽرجي شامل آهن. مٿيان ٻڌايل ٽيئي ڪردار ممبيءَ جي هڪ کوليءَ ۾ گڏ رهندا آهن. جن ۾ نصير شاهه زماني جهان جا ڏڪا کاڌل پڪي عمر جو تمام گھٽ ڳالهائو انسان آهي، ڊرائيوري ڪندو آهي، ٻيو سندس دوست وجي راز ٽيهن سالن جو ڪنهن پلازا ۾ چوڪيداري سان لڳل آهي جڏهن ته سندن نوجوان دوست ارجن ماٿر هڪ هوٽل ۾ بيرا گيري ڪندو آهي. هنن جي روٽين واري زندگي آهي، جيئن ته سندن تعلق ننڍڙي ورڪنگ ڪلاس سان آهي ان ڪري نه ته سندن ڪمائي مان روزمرهه جي گھرجن جي پورت ٿيندي آهي نه کين معاشري ۾ عزت ملندي آهي. انهن جي زندگيءُ ۾ هڪدم هڪ ڦيرو هڪ واقعي ڪري ايندو آهي جيڪو کين عام ماڻهو مان اغوا ڪار ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي.
هي ڪا ڪمرشل، گليمرائيز مووي ناهي ان کي اوهان آرٽ مووي به چئي سگھو ٿا، هي فلم يوٽيوب تي موجود آهي، جيڪڏهن اوهان به گھر ۾ ويٺا آهيو ته واندڪائي ۾ ڪارائتي وندر طور فلم ڏسي سگھو ٿا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو