Tuesday, October 6, 2020

ويهڻ مون نه وڙاءِ؛ شاهنودي بادشاهه کان علي علمدار تائين جابلو سير (07 آڪٽوبر 2018ع)

 

جهڙي نموني ٿر تي بارش جي ڪا بوند پوندي آهي ته ٿري ڪٿي به هجي پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽ ڪندو آهي ان ساڳي نموني جڏهن چٽ ڀڄڻ جا آثار ٿيندا آهن، سر نسرندا آهن ۽ اترڙو لڳڻ شروع ٿيندو آهي ته منهنجي دل ۾ پنهنجي پاڙيسري جبلن جي سير جا اڌما اندر ۾ اٿڻ شروع ٿيندا آهن. حقيقت ته اها آهي ته مون کان به ڪيئي دفعا وڌيڪ اها حالت اسان جي ٽولي جي ساٿين هرهڪ فيض علي ڪٽوهر، گل بهار ڪٽوهر سندس پٽ سيف علي ڪٽوهر، منصور بليدي، آصف رضا نظاماڻيءَ جي پڻ هوندي آهي ۽ اهي ور ور مون کان پڇندا رهندا آهن ته ”سائين ڪڏهن ٿا جبلن جي ياترا جو پروگرام ٺاهيو“. موسمي تبديلين ڪري هاڻي پاڻ وٽ سيارو ته بس مهمان ٿي ايندو آهي، اڳ اهو چار مهينا ترسندو هو هاڻي ته ڏيئي وٺي نومبر جي پندرهين کان فيبروري جي پهرين هفتي تائين ترسي گم ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ گرم موسم، گهٽ ٻوسٽ سان گڏ بجليءَ جا نخرا شروع ٿي ويندا آهن ۽ دوزخ جي باهه جهڙي ساڙيندڙ گرمي ۽ لڪ وڍ وجھڻ لڳندي آهي. ان ڪري اتفاق سان جڏهن ڪڏهن موسم جھڙالي يا ٿڌي سمجھندا آهيون ته مڪمل سياري اچڻ جو انتظار ڪرڻ بدران سندرا ٻڌي نڪري پوندا آهيون. هن دفعي به جڏهن راتيون ٿڌيون ٿي چڪيون هيون ۽ ڏينهن جو ٿڌي هوا جي گھلڻ جا امڪان به ها ته اسان ان کي غنيمت سمجھي 07 آڪٽوبر 2018ع آچر ڏينهن جبل سان ملاقات لاءِ پروگرام جوڙيو هوسين. آصف رضا نظاماڻي کي شايد نياپو ملي نه سگھيو جڏهن ته منصور بليدي کي پنهنجي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ڪنهن اسائنمنٽ تي وڃڻو هو انڪري مان، گل بهار، سيف علي، فيض علي ۽ سندس ننڍڙو پٽ مصور علي تي ٻڌل قافلو هن مهم تي روانو ٿي سگھيو هو. وقت جي بچت کي نظر ۾ رکندي اسان ناشتو تيار ڪرائي ساڻ کڻي هليا هياسين ۽ اهو شاهنودي بادشاهه جي درگاهه تي نوش فرمائي پنهنجن وڏڙن جي قبرن تي قلن جا گل نڇاور ڪري پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي سين. مون فيض عليءَ کان پڇيو هو ته ”اڄ ڪهڙي پاسي هلون“؟ هن وراڻيو هو ته اڄ جبل جي پيٽ ۾ هلڻ بدران جبل جو پاسو وٺي ٿا هلون“. پاڻيءَ جي بوتلن سان ڀريل ڪپڙي جي ڳوٿري گل بهار جي حوالي هئي جيڪا فيض علي گھران کڻي آيو هو جڏهن ته مون پنهنجي ڊائري، قلم، لٺ، چشمو ۽ مٿي جي ٽوپي کڻڻ نه وساري هئي. فيض عليءَ کي پڻ پنهنجو ٽوپلو پاتل هو، جڏهن ته اسان سڀني کي جوگر پاتل هيا. اهو صبح جو وقت هيو، هوا به گھلي رهي هئي، پٽ جھرڪيون به اڏامندي نظر اچي رهيون هيون. اسان جيئن ئي شاهنودي بادشاهه واري قبرستاني علائقي کي بعد ناري ڏانهن ويندڙ روڊ کي ٽپي ٻئي پاسي پهتاهياسين ته اتان ريتي بجريءَ جي نڪاسي ڪري اهو علائقو پنج ڇهه فوٽ کوٽيل نظر آيو هو. پنجن ڇهن فوٽن جي کوٽائي بعد ڪٿي ڪٿي اسان کي ڳاڙهسري بجريءَ سان گڏ ڀڳل ٺڪرن جا ٽڪڙا به ملي رهيا هيا جن مان ڪي ڪُنين جو وٽيُون، هيون ته ڪي انهن جا ترا پئي لڳا ان مان اسان اندازو لڳايو ته هن زمين تي پنجن فوٽن جي واري جي ڄمي وڃڻ کان کان اڳ به اتي ڪي انسان رهندا هيا ۽ اهي انهن جون نشانيون آهن. اڳئين دفعي اسان کي ڇتن شاهه بادشاهه جي ڀرسان زرتشن جي عبادگاهه وٽ به ڪيئي سرون مليون هيون جن مان هڪ سر اسان پاڻ سان کڻي به آيا هياسين. اسان سان ويل هي آهي ته اسان ڪنهن به نموني انهن ملندڙ انساني آثارن جي ڪٿ ڪري نه ٿا سگھون ته اهي ڪيترو پراڻي دئور جا آهن، ڇوته ان لاءِ ليبارٽري ٽيسٽون ضروري آهن. ها پر اسان هنن جابلو وادين ۾ گھمندي گھمندي هاڻي ان جي بڻاوت ۽ اڏاوت ۽ مٽي ۽ ڀٿرن جي مختلف نمونن کي ڏسي آساني سان سمجھي ويندا آهيون ته هي ڪهڙي قسم جو علائقو هوندو. مثال طور هنن جبلن ۾ ڪجھ اهڙا ٿاڪ آهن جتي هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ سپون آهن جيڪي هاڻي فاسل جو درجو ماڻي پٿر ٿي ويون آهن. جتي اهي سپون ملنديون آهن ته اسين سمجھي ويندا آهيون ته جڏهن هي علائقو سمنڊ هيو ته ان خاص ٿاڪن تي آبي جيوت آنا ڏينديون هيون. هن ئي جابلو سلسلي ۾ وري ڪي جبل ڪجھ چوٽيون اهڙيون آهن جتي ڊائنو سار ٽائيپ جانورن جا فاسل دفن ٿيل آهن. ڪجھ ماٿريون جت ميلن ۾ پکڙيل زمين تي چرٽ جا گھڙيل ڀٿر ڏسندا آهيون ته سمجھي ويندا آهيون ته هي علائقو پيليو ليٿڪ دئور جي انسانن جي ورڪشاپ وارو آهي. ماٿري مان جاءِ جاءِ تان بجري ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن ڪري اهو علائقو کڏن سان ڀريل آهي. انهن کڏن کوٻن ۾ ڪرندا وري اٿندا هلندا رهياسين ته سامهون ڪٽوهر ٽڪري نظر آئي جنهن جي مٿان محرابي گيٽ جڙيل آهي ۽ جنهن کي مون ۽ يوسف ڪٽوهر گڏجي سر ڪيو هو. اهو به هڪ گرم ڏينهن هيو ۽ ٽڪري تي چڙهندي منهنجو ساهه ئي سڪي ويو هو. اسان ڪٽوهر ٽڪري جي ڏاکڻئين پاسي کان چڙهيا هياسين جيڪو صفا اڀو ۽ لسڙاٽ هو ۽ جنهن تي چڙهڻ ئي وڏو جوکم جو ڪم هو پر عشق جوکم کڻڻ لاءِ سندرا ته ٻڌرائيندو آهي اسان به ان عشق جي آڌار تي اها مهم ڪاميابيءَ سان پار ڪري آيا هياسين.

هن دفعي اسان کي ڪٽوهر ٽڪريءَ جي ڀرسان تلور به پنهنجو ديدار ڪرايو هو ۽ ٽڪري جي چوٽيءَ تي هڪ عدد گدڙ پڻ اسان ڏانهن ڪافي وقت نهارڻ بعد پنهنجي رستي سان هليو ويو هو. جابلو واديءَ ۾ هلندي سواءِ مصور جي اسان سڀني جون نظرون جابلو واديءَ جي زمين ۾ کتل هيون ۽ جيئن ئي ڪو فاسل، ڪو انوکو پٿر، ڪو هڏو نظر پئي آيو ته ان تي گڏيل تبصرو شروع ٿي پئي ويو. اتي ئي هڪ برساتي نئين کي ٽپي رهيا هياسين ته ان جي پيٽ ۾ سڪل ويل ديويون دانهون ڪري ٻڌائي رهيو هيون ته ”ڏسو اسان ڪيترو نه اڃايل آهيون! سالن کان برسات جي ڪا بوند ڪڻي به ته اسان جي مٿان نه وسي آهي جنهن ڪري اسان جي چهچ ساون پنن واري لباس جو نه رڳو رنگ ڦٽي چڪو آهي پر اسان جا اهي ڪپڙا به ليڙون ليڙون ٿي اسان جي بدن کان لاڳاپو ڇني ڪري هوا ۾ اڏامي زمين ۾ دفن ٿي رهيا آهن“ ها پر انهن اسان سان اهو وعدو به پئي ڪيو ته "جيئن ئي ڪا بوند وسي ته هو وري پنهنجي جوڀن ڏانهن موٽي ايندا ۽ سائو ويس اوڍيندا". موسم خشڪ هجي يا ٿڌي هجي، جبل هجي يا وارياسا پٽ هجن، برف هجي يا سمنڊ زندگي جت ڪٿ ماحول سان مطابقت پيدا ڪري پنهنجو وجود برقرار رکيو پئي اچي. جبل ۾ اسان وڻن ٽڻن، گلن ٻوٽن، گاهن سان گڏ گدڙ، هرڻ (جن جو نسل به هاڻي هنن جبلن مان شڪارين ختم ڪري ڇڏيو آهي)، نانگ، لنڊيون، سانڊيون، ڪبوتر، تلور، ڳيرا، ڦوسيون،  تتر ۽ جھرڪيون، (تترن جو نسل به هاڻي شايد ختم ٿي چڪو آهي) ڏٺيون جھرڪين ۽ تترن کي مقامي ماڻهو پٽ جھرڪيون ۽ پٽ تتر چوندا آهن. انهن جو رنگ بلڪل جبل جي رنگ سان مشابهت رکندڙ هوندو آهي. خبر ئي نه پوندي ته اهي ڪي پکي/جيت جڻيا آهن يا جبل جا پٿر جا ٽڪر!.  ان ڪٽوهر ٽڪريءَ جي جڏهن ٻئي اترئين پاسي پهتا هياسين ته اتي ته کيل ئي ابتو هيو. وڏيون وڏيون ڇپون مٿان هيٺ ڪرندي ڪرندي رستي تي ڪنهن ٻي ڇپ جي آڏو اچڻ ڪري اتي ڄمي بيهي رهيو هيون، ائين پئي لڳو ته هن پاسي کان ڪو زلزلو آيو هجي جنهن هر پٿر کي پنهنجي طاقتور جھٽڪن سان اڏاري هيڏي هوڏي بيهارڻ تي مجبور ڪيو هجي. ڪٽوهر ٽڪريءَ جي پويان هڪ ڇپ کي ڪلهو ڏئي بيهي سيف عليءَ کي ڦوٽو ڇڪڻ لاءِ چيم منهنجا پويان به ڇا ياد ڪندا ته ڪو ته سندن خاندان ۾ رستم پهلوان هيو جيڪو جابلو ڇپن کي ڪلهو ڏيئي روڪي رکڻ جي سگھ رکندو هو. (دل ڪو بهلاني ڪي لئي غالب يه خيال اڇا هي) ۽ منهنجي اهڙي عمل کي ڏسندي سڀني قافلي وارن پڻ ان نموني جا ڦوٽوز  ورتا. ان ٽڪري جي پوئين پاسي کان اسان هڪ وڏو غار به ڳولهي هٿ ڪيو هو جيڪو اندر تمام وڏو ۽ ڊگھو هو جيڪو دروازي وٽان ڪجھ سوڙهو هو ۽ ٿي سگھي ٿو ته صدين جي سفر ۾ اهو هيٺ سرڪي آيو هجي. منهنجو اندازو آهي ته اتي ضرور پراڻي غارن جي دئور جا انسان رهندا هوندا. مان ان پنهنجي ڳالهه تي زور ان ڪري به ڏيندس ته اهو غار جبل جي آخري ڇيڙي تي آهي ۽ ان غار ۾ رهندي سامهون سموري وادي ماڻهو جي نظرن هيٺ رهندي ۽ ڪنهن امڪاني خطري کان ماڻهو بروقت خبردار رهي پئي سگھيا. اندر اسين به ڪونه وياسين جو اسان وٽ ڪوبه حفاظتي هٿيار نه هو ۽ اندر ڪو جانور يا ڪا نانگ بلا به ٿي سگھي پئي. ان جبل جي ٿوري گھڻي چڙهائي ڪري، ڦوٽو ڇڪڻ سان گڏ ٻه عدد لائيو وڊيوز فيس بوڪ تي پڻ هلاياسين جو اتي به زونگ جا سگنل اچي رهيا هيا. انهن سرگرمين بعد جبل جي پاسي کان وري سفر شروع ٿيو. سامهون ڪجھ ٽڪرين کان پرڀرو جبل جي چوٽيءَ تي علي علمدار جو آستانو نظر اچي رهيو ۽ اتان آستاني تي پوکيل وڻن کي به ڏسي پئي سگھياسين. مون چيو ته ”ڏيو خبر علي علمدار هلجي يا هتان کان ئي موٽ ڪجي؟“ ياد رهي ته انوقت گرمي به پنهنجيون اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون هيون. گل بهار ۽ سيف علي جن جو خيال هو ته موٽ ڪجي پر فيض علي سندس معصوم پٽ مصور جو اصرار هو ته اڳتي هلجي، نيٺ سفر کي اڳتي جاري رکڻ جو فيصلو ٿيو. هاڻي وري ماٿريون هيون ۽ اسان هياسين علي عملدار چوٽي جي پاڙي ۾ هڪ ٻي غار جيڪي وڏي چُر نما هئي اها به نظر آئي ويجھو وڃي جاچ ورتي سين ته ان جو آخري ڇيڙو نظرن کان اوجھل هيو ۽ خبر ئي نه پئي ته اها ڪيتري ڊگھي چُر آهي. اسان موبائيل جي ٽارچ ٻاري ڏسڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر ان جي روشني صفا ناڪافي هئي انوقت مون کي احساس ٿيو ته اسان کي پنهنجي هنن سفرن ۾ طاقتور ٽارچ به رکڻ گھرجي ته جيئن اسان هن قسم جي صورتحال ۾ ان کي استعمال ڪري سگھون. اها چر نه ته گھڻي ويڪري هئي جو ماڻهو بيهي يا ڊونڊڙو ٿي ان ۾ اندر وڃي سگھي ۽ نه ئي ايتري سوڙهي هئي ته ماڻهو صفا داخل ئي ٿي نه سگھي. ان جي اندر ماڻهو بانبڙا ڏيئي بهرحال  وڃي پئي سگھيو پر اسان جو اهڙو ڪوبه موڊ نه هو. گذريل موسم جي رولهڙن ۾ مون ان ئي پاسي هڪ غار جو ڦوٽو ورتو هو ۽ جنهن ۾ ڪنهن جانور جون ٻه اکيون ٻرندي نظر آيون پئي ۽ اسين امڪاني طور اهڙي ڪنهن جانور جو هن غار ۾ هئڻ ۽ ان هٿان زخمي ٿيڻ جو جوکم کڻڻ جي بلڪل به موڊ ۾ نه هياسين.

علي علمدار جي ٽڪريءَ تائين پهچندي منهنجو ساهه ته صفا چڙهي پيو هيو. جيئن حيدرآباد ڪراچيءَ وچ ۾ نوري آباد کان بعد چڙهائي تي چڙهندي لوڊ ٽرڪون چنگھي پونديون آهن ساڳي ڪار مون سان پڻ اتي ٿي هئي. هوريان هوريان مٿي ويندي، پاڻي واپرائيندي جڏهن آخري ڏاڪڻ تي چڙهيو هوم ته چئن قدمن جي درگاهه تائين وڃڻ بدران اتي اس ۾ ويهي رهيو هوم، جتي تيز هوا جا جھُوٽا سرير کي سڪون ڏئي رهيا هيا. هيٺ تمام هيٺ ماٿري ۾ هڪ پاڻي جو حوض جڙيل نظر اچي رهيو هو جيڪو انوقت به پاڻيءَ سان ڀريل هئو ۽ اتان کان ئي مٿي درگاهه تي پاڻي رسائڻ لاءِ پلاسٽڪ جو ننڍو پائيپ لڳل هو ۽ جيئن ته درگاهه ۾ بجليءَ جو انتظام پڻ ٿيل هو ته موٽر هلائي ان پائيپ رستي پاڻي مٿي آڻڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. ان پاڻيءَ جي اتي پهچ ڪري ئي اهو ممڪن ٿي سگھيو هو ته درگاهه جي آس پاس ڪيئي وڻ جابلو تيز هوا جي تعاون سان پنهنجن ساون پنن کي لوڏي جھمريون هڻي اسان جو استقبال ڪري رهيا هيا. درگاهه جي صحن ۾ ئي هڪ ننڍڙي لانڍي جڙيل هئي جنهن ۾ پنج ڇهه ناديون پاڻيءَ جو ڀريون پيون هيون. هونئن هن درگاهه تائين رسائي لاء تمام سٺو رستو جوڙيل آهي ۽ اتي ٿورو هيٺ موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن بيهارڻ لاءِ گيريج جو ڇپرو پڻ ٺهيل آهي. انوقت به هڪ خيبر ڪار ۽ هڪ آٽو رڪشا سان گڏ ڪيئي موٽر سائيڪلون پارڪ ڪيل هيون. هن درگاهه جا زائرين پنهنجي نجي سوارين جهڙوڪر موٽر سائيڪلن، رڪشائن ۽ ڪارن تي چڙهي ايندا آهن. اسان سيلانين جو قافلو جڏهن پنڌ ئي پنڌ مٿي چڙهي رهيو هو ته مٿان ڪي ٻار اسان کي حيرت سان ڏسي رهيا هيا ۽ سوچي رهيا هوندا ته ”هي چريا ڏسو ڪنهن سواري تي اچڻ بداران پنڌ پيا اچن!“. جڏهن اتي پهتو هوم ته سڀ کان پهرين انهن ٻارڙن کي ”اسلام عليڪم ياعلي مدد“ چئي هٿ ملايو هوم جيڪي پنهنجي مائٽن سان گڏ اتي گھمڻ آيا هيا ۽ جبل جي چوٽي تان چوگرد گھمي ڦري قدرتي حسن جي نظارن مان حظ حاصل ڪري رهيا هيا. ٿوري جھٽ ساهه پٽي درگاهه ۾ پهتم جتي اسان جي قافلي جا ٻيا ساٿي اڳ ئي پهچي چڪا هيا ۽ علي علمدار جي ڊگھي قبر واري ڊگھي چپوتري اندر لڳل سهڻن ٽائلس تي ويهي سفر جا ٿڪ ڀڃي رهيا هيا ۽ تمام ڊگھي قبر کي حيرت سان ڏسي رهيا هيا. ان قبر جو منهن اولهه طرف جڏهن ته پير اوڀر طرف هيا. قبر هڪ ڊگھي ڪاري چادر سان ڍڪيل هئي ۽ ان مٿان وري ٻيون ننڍيون چادرون جن تي قل شريف لکيل هيا اهي به رکيل هيون. قبر جي لانڍي تمام خوبصورت انداز سان جڙيل هئي، هوا جي داخلا ۽ نڪاسي لاءِ چئني پاسن کان بندوبست ڪيل هو. ڪنهن دوست اتي اها ڳالهه ٻڌائي هئي ته درگاهه جي اها جڙت، آرائش ۽ تزئين سيد خورشيد احمد شاهه صاحب جن ڪرائي آهي. ان قبر جي آستان ٻاهريان ۽ پوري ان ماٿريءَ تي چوگرد مختلف قسم جي وڻن سان گڏ غازي عباس جا علم لڳل هيا جيڪي انوقت هوا ۾ ڦڙڪي رهيا هيا. لانڍيءَ جي ڀرپاسي ۾ ڪي دوست نياز لنگر تيار ڪندي بلند آواز ۾ حيدري نعرو (نعره حيدري-ياعلي) پڻ لڳائي رهيا هيا. جڏهن ته درگاهه اندر زائرين جي اچ وڃ ۽ دعائن جو سلسلو به هلندڙ هو. سکر ۾ جتي اسين رهندا آهيون ته اسان جي گھر جي بلڪل سامهون چيهل شاهه بادشاهه جي درگاهه آهي ان درويش جو قد نوگز ٻڌايو پيو وڃي ۽ ان نسبت سان سندس قبر به نوَ گز ڊگھي آهي ۽ ان ڪري سکر ۾ اهو نوَ گز پير جي نالي سان مشهور آهي. اهڙي هڪ ڊگھي قبر بلوچستان جي علائقي زيارت ۾ خواري بابا جي پڻ آهي جتي مان ٻه دفعا وڃي چڪو آهيان ۽ خواري بابا جي متوليءَ جي قهوهه جي سبيل به پيتي اٿم پر هي ته معاملو نو گزن کان تمام گھڻو چڙهيل آهي فيض علي ماپ وٺي ٻڌايو ته پورا پنجاهه فوٽ ڊگھي قبر آهي. ان متعلق وڌيڪ تفصيل به فيض عليءَ ئي ٻڌايا ته اها ڪنهن ماڻهو جي قبر ناهي پر اهو ڪاٺ جو ڊگھو علم هو جيڪو جڏهن شهيد (ڪاٺ جو علم جڏهن زبون ٿي ويندو آهي، ڳري ويندو آهي يا ڪن به سببن ڪري ٽٽي پوندوآهي ته ان کي علم جو شهيد ٿيڻ چيو ويندو آهي) ٿي ويو ته ان کي اتي پوريو ويو آهي. درگاهه جي مهڙ تي مختلف رنگن جي موتي داڻن سان جڙيل خوبصورت موڙ پاتل هو جنهن جي مٿئين پاسي 786 ۽ ان جي هيٺيان انهن موتين سان ئي پير سيد علي علمدار شاهه بادشاهه لکيل هو، اتي ئي هڪ تسري لوڻ جي ڀريل پئي هئي ۽ ان جي ڀرسان چندي چاڙيءَ لاءِ پيتي پڻ رکيل هئي. هڪ ننڍڙي پينگهي ۾ زائرين جي تلاوت ڪلام پاڪ جي سهولت خاطر قرآن شريف پڻ رکيل هو جنهن جي مٿان ريشمي رومال پيل هيا. مون اتي سوچيو هو ته ڪيئي اسان جا دوست ان کي بدعت به قرار ڏيندا پر مون کي ان ڳالهه جي خوشي هئي ته هاڻي اها ٽڪري آباد ٿي ويئي آهي ۽ مون جهڙي ڪنهن به فطري حسن پرست کي ٻيو ڇا گھرجي، هو اتي اچي چانڊوڪي راتين کي واديءَ ۾ اڀرندي ڏسي سگھي ٿو، سج جي پهرين ڪرڻن جو استقبال ڪري سگھي ٿو، اولهائين پاسي پوري ميداني علائقن ۾ کجين جي وڻن جي باغن جون خوبصورت قطارون به ڏسي سگھي ٿو ته جابلو چوٽي تي گھلندڙ سدا بهار هوائن جو هڳاءُ به حاصل ڪري سگھي ٿو. اهو ئي ته اسان به گھرون ٿا ته هنن ماٿرين جي حسين وادين کي آباد ڪجي، اتي سيلانين جي سهولت جهڙوڪر روڊ رستو، کاڌي پيتي جون شيون، حفاظت کي يقيني بڻائي هنن وادين کي بچائجي به ته انهن مان ڪمائجي پڻ. علي علمدار، ڇتن شاهه بادشاهه، اڌم سلطان، ڪالڪا ديوي جو مندر، نينهن جبل (چار ٽڪر جبل)،اڀن شاهه جهڙا نظارا هڪ ئي جابلو واديءَ ۾ ڪٿي هوندا! اسان ڪيڏا نه خوشنصيب آهيون ته اهو حسن ۽ اهي خوبصورتيون قدرت اسان کي پنهنجو پاڻ عطا ڪيون آهن پر افسوس ته اسان ڪيتري قدر نه بي قدرا، نادان ۽ جاهل آهيون ته انهن حسين ترين نظارن، ماڳن مڪانن جي خوبصورتين ۾ اضافو ڪرڻ بدران ميسارڻ جي ڪڍ آهيون. هي ته اسان تي انهن درويشن يا انهن درويشن سان عقيدت رکندڙ انسانن جن عنايتون آهن ته انهن هي درگاهون قائم ڪري جھنگل ۾ منگل ڪري رکيو آهي، ڪاش ڪا هوش مند حڪومت اچي ۽ هنن ماڳن کي ٽوڙڻ، تباهه ڪرڻ بدران ان کي سيلانين جي گھمڻ جهڙو جوڙي استعمال ڪري ته هوند هي سڄي وادي جرڪي ۽ مرڪي پئي. مون اتي دوستن کان قل پڙهائي اها دعا گھري ته ”مالڪ جي هن قبر ۾ ڪو انسان آهي ته ان جي روح کي ٻي صورت ۾ منهنجي وڏڙن جي روح کي قلن جو ثواب ڏيڻ جي عنايت ڪندا“ دعا گھري درٻار مان نڪري فقرائي ڪوٺيءَ ۾ سلام ڪري پهتاسين تي اتي ستل ڪجھ دوستن جي سرير ۾ جهڙوڪر ساهه پئجي ويو ۽ اهي سڀئي اٿي ڪري وڏي اڪير سان ڀاڪر پائي مليا، ائين ته لڳي ئي ڪونه پيو ته اسان هڪ ٻئي کان واقف نه هجون يا اسان جي هي ڪا پهرين ملاقات هجي! اسان اڃا اتي وڇايل رلين تي پنهنجو وجود ئي مس جهڙو رکيو هو ته  بي تڪلفي سان ساڻن ڪچهريءَ جي شروعات ٿي ويئي. اتي هڪ جھونو ويٺل هو جنهن سان فيض علي حال احوال وٺڻ شروع ڪيا ته هن ٻڌايو ته هو حسين آباد جو اڄڻ آهي. حسين آباد ۽ اسان جو ڳوٺ هڪ ٻئي جا پاڙيسري آهن ان ڪري اسان سندس مٽن مائٽن جا نالا کنيا ۽ هن وري اسان جي پاسي پنهنجي واقف ڪارن جي پڇا ڪئي. حالي حوالي ٿيندي ٻڌايائين ته هو ڪڙمي آهي ۽ پر ڪجھ عرصي کان سندس هڪ اک ۽ پير ۾ ”حساب“ ٿي پيو آهي ۽ هو ٽن ڏينهن کان درگاهه جي صحن ۾ پنهنجي چڱ ڀلائي جي نياءُ جي سلسلي ۾ ٽِڪيل آهي پر اڃا تائين پير کيس ڪو اشارو ناهي ڏنو. فيض عليءَ کيس تسلي ڏني ته ”تون گھٻراءِ نه بس اڄوڪي رات ۾ توکي نياءُ ملي ويندو“ يار ڏاڍو خوش ٿي ويو. غربت جو اٻوجهائپ، وهمن، وسوسن سان چولي دامن جو ساٿ آهي. ڪو غريب انسان جڏهن گھريلو سماجي وهنوارن يا بيمارين جي ور چڙهي ٿو وڃي ۽ وٽس انهن جي حل جي نه ته صلاحيت نه وسيلا ٿا رهن ته اهو پنهنجو پاڻ کي مطمئين ڪرڻ لاءِ پيرن فقيرن، ملن پنڊتن، درگاهن ۽ آستانن ڏانهن رجوع ٿو ڪري، ان عمل سان کين ٻيو ته ڪو ظاهري فائدو شايد نه ملي پر هو نفسياتي طرح ڪنهن حد تائين مطمئين ٿي موٽندو آهي ته “هاڻي مولا پنهنجن پيارن جي صدقي ضرور ڀلائي ڪندو”. ان کان پوءِ درگاهه جي متولي لُنڊ فقير سان ڊگھي ڪچهري ٿي. لنڊ فقير اسان جي سمورن وڏڙن کي سڃاڻي پيو. هو منهنجي پيدائش کان ٻه سال اڳ 1961ع ۾ ئي اسان جي ڳوٺ پنواڙي کي ڇڏي چڪو هو، مذيدار انسان هو وٽس ٻڌائڻ لاءِ ڪيئي قصا هيا جيڪي اسان ٿڪاوٽ ڪري ٻڌڻ جهڙا نه هياسين. ٿوري جھٽ ۾ لنڊ فقير بصرن ۾ ڪڪڙ جي آنن جو ٻوڙ، لسيءَ جو جڳ ۽ ڪڻڪ جي ماني جا اوڦراٽا کڻي اچي سموري فقراءُ جي سامهون رکيا. اسان کيس گھڻُوئي چيو ته بابا نياز تيار پيو ٿئي اهو کائينداسين ته وراڻيائين ”اهو به کائبو هي به مولا جو نياز ئي ته آهي“. ان مانيءَ تمام گھڻو مزو ڏنو، ماني ۽ ٻوڙ کائي لسيءَ جا ٻه گلاس جو پيتم ته ننڊاکڙو ٿي پيم، اڃا پير ئي نه ڊگھيريا هئم ته ٻاهران آواز آيو ته ٽوليون ٺاهي ويهو ته نياز ورهايون“  اهو نياز وري ماني کان وڌيڪ مذيدار هيو. ڪڪڙ جي گوشت سان تيار ڪيل برياني جنهن ۾ ڇولن سان گڏ مناسب مصالحآ پيل هيا جن کي کائيندي انهن مان هٿ ڪڍڻ لاءِ ئي دل نه پئي چوي ۽ مون کي وري هُرِکُرِ پنهنجي پيٽ جي هئي ته اڄ نه جلاب ٿيو ته ڪڏهن نه ٿيندو. مون کي مولا جيڪي مرض ڏنا آهن انهن ۾ هڪ اها مئي پيٽ جي بيماري به آهي، ٿورو کاڌو ناهي ۽ پيٽ خراب ٿيو ناهي. گذريل سال ته ان بيماريءَ ڪري تمام گھڻو لوڙيو هوم. اها برياني اڃا مس ختم ڪئي هئي سين ته فقراءُ چانهه جي سبيل کڻي آيا. مولوي صاحبن جي مسجدن ۽ مولائين جي آستانن تي اهو فرق سو ضرور آهي ته فقراءُ سڀ ڪجھ ونڊي ورڇي کائيندا آهن، جيڪو ونڊ مليو سڀني جي سامهون اچي رکبو، مولوي صاحبان وري رمضان ۾ چڱو چوکو الڳ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ رکي هائو مائو ٽاري اڪيلي سر نوش فرمائيندا آهن. انوقت ٻپهريءَ جو وقت اچي ٿيو هو، سج پنهنجي پوري آب تاب ۽ پوري گرمائش سان وادي ۾ پنهنجي حاڪميت قائم ڪري چڪو هو. منهنجي دل پئي گھريو ته ڏينهن ٺاري پوءِ اتان نڪرجي پر پوءِ وري يادگيري آئي ته ڳوٺ گھر جا ٻار سکر وڃڻ لاءِ صبح کان وٺي منهنجي انتظار ۾ ويٺا آهن جي اسان درگاهه تان دير سان نڪرنداسين ته پوءِ متان گھڻي دير نه ٿي وڃي. بس الله سائينءَ جو نالو وٺي واپسيءَ جو پروگرام جوڙي وري رکيوسين کڙيءَ تي زور پر هن دفعي ساڳين پيرن تي موٽڻ بدران جابلو سلسلي ۾ وچان هڪ شارٽ ڪٽ رستو ڳولهي لڌو هوسين. ڪٽوهر ٽڪريءَ جي اوڀارين پاسي کان جبل جي ننڍي چڙهائي چڙهي جو سامهون نهاريو سين ته سامهون روڊ پئي نظر آيو. هونئن صحرائن وانگر جبلن ۾ پڻ اهو نظر ايندو آهي ته اهو بس ويجھو پنڌ آهي پر جڏهن ماڻهو ان طرف هلڻ لڳندو ئي ته خبر پوندي آهي وڃ هي ته تمام پري آهي. ائين اتان کان نظر ايندڙ روڊ به ايترو ڪو ويجھو نه هو. ٻيو وري فيض علي جي ڪري منهنجي پنڌ جي رفتار به ڪجھ جھڪي ٿي پئي هئي جو موصوف تمام باريڪ بينيءَ سان هرهڪ ڀٿر جي حيثيت کي جاچي جوچي اڳتي قدم کڻي رهيو هو ۽ انوقت به جابلو ڀٿرن سان پنهنجي جھولي کڻي ڀري هيائين ۽ هر دفعي وانگر هن دفعي به سندس چوڻ هو ته ”يار هن جبل جي هر شيءِ قيمتي، تاريخي ۽ عجيب آهي، خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪهڙي شيءِ کي کڻجي ۽ ڪهڙيءَ کي اتي ڇڏجي“.  اتيئي مون کي انساني مٿي سان تمام گھڻي مشابهت رکندڙ پٿر مليو هو ۽ جنهن کي جڏهن فيس بوڪ تي ونڊيو هوم ته سائين طارق عزيز ڪولاچي صاحب ان تي هي تبصرو ڪيو هو:

(This is clearly seen as skull of a Homosapien or ape-like creature. Upper jaw n lower jaw r prominent. It's a gr8 discovery) 

۽ ان سان گڏ ڪال ڪري ان کي انوکي ڊسڪوري ڄاڻائيندي تاڪيد ڪيو هيائين ته اهو کيس ڪوئٽه موڪلي ڏياريان ته جيئن هو ان جي ليبارٽري ٽيسٽ ڪرائي ان جي عمر معلوم ڪري سگھي. اسان جو سفر جاري هيو ٿورو اڳيان هڪ جابلو لڪ جي اوٽ ۾ جتي ڇانورو هو ۽ هوا به گھلي رهي هئي ننڍڙي ساهي پٽي سين، پاڻي پيتو سين ۽ پوءِ وري ڇڪيو سين پنڌ کي، مان سڀني کان اڳ اڳ هلي رهيو هوس ۽ منهنجي دلي تمنا هئي ته هاڻي جيترو جلدي ماڳ تي رسجي اوترو سٺو، اهو دل ۾ سوچي مون روڊ وارو رستو ڇڏي جابلو چوٽين جي وچان ويندڙ رستوورتو هو. پويان سيف علي به منهنجو ساٿ ڏنو ۽ جيڪو پاڻيءَ جي هڪ ننڍي بوتل به کنيو آيو هو. باقي دوست روڊ واري پاسي کان واپس ٿيا هيا. ماٿري مان وڏي مقدار ۾ بجريءَ  جي ڪڍائي ڪري رستو ويتر ڏکيو ٿي پيو هيو ٻيو ته گرمي پنهنجي جوڀن تي هئي ۽ منهنجي رفتار به ڪجھ تيز ٿي ويئي هئي ٿورو اڳيان جبل ٽڪي پٿر ڪڍڻ وارن بگٽين جون ڪکائيون جھوپڙيون جڙيل هيون، انهن جا ٻار اسان کي رستي تان جاٺا هڻندي سهڪندي ڏسي محظوظ ٿي رهيا هيا جڏهن ته اتي موجود ڪجھ عورتن ۽ هڪ ٻن مردن اسان تي اڇاتري نظر وجھي نظر انداز ڪري پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي ويا هيا جو انهن ان ساڳي روٽ تان اسان کي اڳ به ڪيئي دفعا ايندي ۽ ويندي ڏٺو هيو.جيئن ته اسان جو سفر جابلو وادين جي وچ ۾ هلندڙ هو ان ڪري وڏين ٽڪرين جي اوٽ ڪري هوا صفا بند ٿي ويئي هئي، مٿان گرمي ۽ پنڌ جنهن کٽڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. هاڻي منهنجي نظرن ڪنهن ڇانو جي ڳولا پئي ڪئي جتي ويهي ڪا ساهي پٽي سگھجي. ڪجھ وقت کان پوءَ هڪ انگريزي ٻٻر جو جھڳٽو نظر آيو ۽ ان جي ڏامين کي مٿي ڪري ڪنڊن کان پاڻ بچائي گھڙي سوا ويهي ساهه پٽيو هوم ۽ اتي مون کي اهو محاورو سمجھ ۾ آيو هو ته جهان درخت نهين وهان جهاڙي بهي درخت هي. ٿوري ساهي پٽي سيف علي کان بوتل وٺي ڍڪ پاڻي جو پيتم جيڪو انوقت اوٻاريل پئي لڳو. پاڻي سان منهن به ڌوتم ۽ هٿ آلا ڪري وارن کي پاڻي پهچايم. ساهي پٽڻ، پاڻي واپرائڻ ۽ مٿي جا وار آلا ڪرڻ واري عمل جسماني قوت ٿوري گھڻي بحال ڪئي ته وري سفر جاري رکيوسين پر ٿوري ئي دير ۾ مون کي سج جهڙوڪر کائڻ لڳو هو نيٺ جيئن تيئن ڪري شاهنودي بادشاهه جي ٽڪريءَ پويان ڪنڊيءَ جي وڻ وٽ پهچي ان جي ڇانو ۾ آهلجي پيو هوم. اسان جو آخري معرڪو اڃا رهيل هو ۽ اها هئي شاهنودي بادشاهه واري چڙهائي. جبلن تي چڙهائي ڪندي ماڻهو جو ساهه چڙهي پوندو آهي اهو سوچي منهنجو ته اتان اٿي اها ننڍڙي چڙهائي ڪرڻ لاءِ دل ئي نه پئي چاهيو پر ان تي چڙهڻ ۽ ان کي پار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ته نه هيو. پاڻيءَ جي بوتل مان ساڳيو ڪم ٻيهر وٺي همٿ ڪري کڻي چڙهڻ شروع ڪيو هوم، سيف علي سائين ته جابلو ٻڪرين وانگي ٺينگ ٽپا ڏيندي چڙهائي ڪري رهيو هو جڏهن ته منهنجو هڪ دفعو وري ساهه منجھندي پئي محسوس ٿيو. انوقت مون پنهنجو پاڻ تي ملامت پئي ڪئي ته مون کي ڪهڙي لنڊي کاڌو هو ته اهڙين گرمين ۾ جبل جي سير جو پروگرام جوڙيو هوم پوءِ خبر ناهي ڪيئن شايد معجزاتي نموني اها ٽڪري سر ڪري وري چوٽيءَ تي ويهي تيزيءَ سان ڌڙڪندڙ دل جي رفتار جي نارمل ٿيڻ جو انتظار پئي ڪيم ته هيٺيان گل بهار ۽ فيض علي هٿ لوڏي ۽ وڏي واڪي ڪجھ چوڻ پئي چاهيو، شايد منهنجي سلامتيءَ سان پهچڻ جو پڇي رهيا هيا. ساهن کي سنوت ۾ آڻي شاهنودي بادشاهه جي ٽڪري جي اڌ تي هڪ جابلو ڇپ هيٺيان جڙيل ڪمري جي صحن وٽ پهتو هوم جت جبل جي ڇانو هئي ۽ جتي رليون وڇايل پيون هونديون آهن. اسان کان اڳ ئي اتي هڪ سانورو جوان ويٺو هو جنهن سان هٿ ملائي مان اتي سمهي پيو هوس. طبيعت جڏهن خاصي بحال ٿي ويئي هئي ته نوجوان سان حالي احوالي ٿياسين. سندس نالو دلبر علي ذات ڦلپوٽو هئي. يار پريالوءَ ڀرسان ڦل ڳوٺ جو رهواسي هو. مون مٿس رعب وجھڻ لاءِ چيو ته ”دلبر اسان هتان کان علي علمدار تائين صبح جو پنڌ ويا هياسين ۽ هاڻي وري اتان کان ئي پنڌ واپس پهتا آهيون“ مون ڏٺو ته سندس منهن تي حيرت ۽ شڪ جون لڪيرون اڀري آيون هجن. وراڻيائين “اهو ته تمام وڏو مفاصلو آهي ۽ اوهان ائين ڇو ڪيو؟” هاڻي مان کيس ڇا ٻڌايان ها ته اسان ائين ڇو ڪيو اهو ته اسان جو معمول رهيو آهي. مون سندس جواب ڏيڻ بدران کانئس حال احوال ورتا. هاڻي منهنجي حيران ٿيڻ جو وقت هو. هن ٻڌايو هو ته “مان پنهنجي ڳوٺ کان هيستائين سائيڪل تي چڙهي آيو آهيان ۽ اهو منهنجو معمول آهي”. سندس اها ڳالهه ٻڌي منهنجو ٿڪ ڪافور ٿي ويو ۽ مان هن نوجوان کي دلچسپي سان ڏسڻ لڳس ۽ ڊائري کولي سندس معلومات کي درج ڪرڻ لڳس. دلبر علي ڦلپوٽي متعلق مون فيس بوڪ تي اسٽيٽس رکيو هو جيڪو تمام گھڻن دوستن کي پسند آيو هو ۽ تبصرن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هلي پيو هو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. اتي مون لکيو هو ته؛

دوستو اڄ لڳ ڀڳ ويهه/پنجويهه ڪلوميٽرن جي جابلو پنڌ کان پوء منهنجي جسم مان ساهه نڪرڻ وارو هو ته الائي ته ڪيئن شاهنودي بادشاه واري ٽڪري جي وچ تي جڙيل ڪمري نما ٿاڪ تي ٿڪ پڃڻ لاءِ وڇايل رلي تي پنهنجي جسم کي اڇليو هوم ته اتي ڀرسان ئي هڪ سانوري نوجوان تي نظر پئي هئي. اهو جيڪو مون سان گڏ ويٺل نوجوان آهي اهو ڦل ڳوٺ پريالوءِ جو دلبر علي ڦلپوٽو آهي. هي هڪ عظيم سائيڪلسٽ آهي. پنهنجي ڳوٺ کان شاهنودي بادشاهه جي درگاهه (شادي شهيد خيرپور جي ڀرسان) تائين سائيڪل تي چڙهي آيو آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن سندس هڪ ڀيڻ جي شادي صالح پٽ ڀرسان ٺڪراٺي ۾ ٿي هئي ته هن سوچيو هوته ڀيڻ جي گهر تائين پهچڻ ۽ واپس ٿيڻ وارا خرچ کانئس چڙهيل آهن ۽ ان کان پوء هن سائيڪل جي پيڊل تي کڙي رکي هئي ته اها وري نه کنئي ۽ هاڻي ٺڪراٺي يا ٻئي ڪنهن به پاسي وڃڻ لاءِ سائيڪل کي استعمال ڪندو آهي. سندس چوڻ هو ته ٺڪراٺي کان سواء گمبٽ واري علائقي سڳيون ڏانهن به سندس سائيڪل تي اچ وڃ جاري رهندي آهي. هو پنهنجي ڪنهن دوست سان ملڻ ڪوٽ لالو پڻ پنهنجي سائيڪل تي وڃڻ جو خواهشمند آهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه وقت لاءِ هن موٽر سائيڪل پڻ رکي هئي پر ان ۾ کيس مزو نه آيو ۽ هو واپس پنهنجي سائيڪل سواري ڏانهن موٽي آيو.

سيف علي جي سوال ته رات جو اڪيلو هن جابلو علائقي جي ويران قبرستان ۾ توکي ڊپ نه ٿيندو؟ وراڻيائين ته اهو سندس لاءِ ڪو مسئلو ناهي.

ڪهڙا ڪهڙا نه انمول نوجوان اٿيليٽ اسان وٽ موجود آهن. ڪاش ڪو کيس پروفيشنل سائيڪلسٽ واري پاسي متعارف ڪرائي ته هو جهجهو ڪمائي به سگهي ٿو ته سنڌ جو نالو به روشن ڪري سگهي ٿو.

هن سفر جون ڪجھ ٻيون جھلڪيون هي آهن ته ان ۾ سيف علي سائين شاندار ڦوٽوگرافي پڻ ڪئي هئي، هڪ تصوير ۾ ته ننڍڙي مصور جي ڊوڙندي تصوير نڪتل آهي جنهن ۾ سندس ٻئي پير هوا ۾ آهن. 

هن سڄي سفر ۾ مان سڀني کان گھڻي ٿڪاوٽ محسوس ڪئي هئي جڏهن ته گل بهار سان به لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال رهي پر معجزاڻي نموني ننڍڙو مصور سندس والد فيض علي ۽ سيف علي هشاش بشاش ئي رهيا. 

هن سفر ۾ اسان کي ڪجھ نادر پٿر/فاسل جا نمونا پڻ مليا جن مان ڪجھ انساني عضون سان مشابهت رکندڙ پڻ هيا، هڪ انساني منڍيءَ سان مشابهت رکندڙ پٿر جو ذڪر مان اڳ ئي ڪري آيو آهيان.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو