Sunday, October 11, 2020

ثناء ﷲ بلو

 ثناءَالله خان بلو بلوچ 

سنڌ اندر جيڪي پڙهيل لکيل ماڻهن جا ڳوٺ آهن انهن ۾ ڪوٽ بلا جو نالو به نمايان آهي. هن ڳوٺ مان ڪيئي تعليمي ماهر، انتظامي اهلڪار، شاعر، اديب ۽ دانشور پيدا ٿيا جن پنهنجي سهڻي سڀاءُ ۽ پنهنجي تخليقي سگھ سان نالو ڪمايو ۽ ديس واسين جي خذمت ڪئي.

سائين ثناء الله بلو به ساڳي ڳوٺ جو هڪ کاهوڙي ڪردار آهي. سائين ثناءَ الله بلي صاحب سان گورنمنٽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾ سالن تائين گڏ ڪم ڪرڻ، ساڻس گڏ سفر ڪرڻ ۽ آخر ۾ هڪ ٻئي جو پاڙيسري ٿي رهڻ جو موقعو نصيب ٿيو هو جنهن ڪري کيس سمجھڻ ۾ تمام گھڻي آساني رهي.

بلو صاحب عمر عزيز جا سٺ سال پورا ڪري 09 آڪٽوبر 2019ع جي ڏهاڙي سرڪاري نوڪريءَ جي حد پوري ڪري عزت ۽ احترام سان ايسوسئيٽ پروفيسر جي حيثيت سان رٽائر ٿيا آهن.

جيتري قدر مان سمجھي سگھيو آهيان ته سائين ثناءَالله بلو صاحب جي شخصيت جهڙي ٻاهر نظر اچي ٿي اها ئي سندس اندر ۾ پڻ آهي. وٽس ڪابه مصنوعيت ناهي. هو پنهنجي دل جي ڳالهه وڏي واڪي ۽ علي الاعلان چئي ڇڏيندو آهي، جيتوڻيڪ سندس ڪيل ڳالهين سان اختلاف رکڻ جون وڏيون گنجائشون هونديون آهن پر سندس خلوص ۽ اعتماد کي ڏسندي ساڻس اختلاف رکڻ تي شرمساري ٿيندي آهي. ثناءَ الله بلو صاحب جنهن به محفل ۾ هوندو ان جو مور هوندو آهي. وڏي واڪي ڳالهائڻ سندس قدرتي اسٽائيل آهي ان ڪري ائين لڳندو آهي ته اها ڪچهري نه هجي جهڙوڪر ڪو جرڳو هجي يا ڪنهن اين جي او جو گروپ ورڪ جو سيشن چالو هجي. سائين ثناءَالله بلو صاحب، سائين نورحسن لغاري صاحب ۽ سائين اعجاز ڪانهر صاحب جي ٽڪنڊي واري محفل جيڪا هو رات دير سان پٺاڻ جي هوٽل تي چانهه جي ڪپ تي روز مچائيندا آهن اها ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وٽان هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان به سندن شريڪ محفل رهندو آهيان جڏهن ته سائين امجد جتوئي صاحب پڻ ساڻن ساٿ ڏيندو آهي.

ثناء اللہ بلو صاحب ڀلي پار مان موٽڻ بعد حاجي صاحب جو لقب به ماڻي چڪو آهي جڏهن ته ڪاليج اندر ساڻس گهرائپ رکندڙ ڪليگ وري کيس "چاچو بلو صاحب" پڪاريندا آهن. حج کان اڳ ۾ شيو ڪندا هيا ۽ سندس وار ۽ مڇون هروقت چهچ ڪاريون هونديون هيون، ۽ سائين جن مون کي وقت سر رنگ نه ڪرڻ تي ٽوڪيندا رهندا هئا. ڀلي پار کان موٽڻ بعد سونهاري به رکيائون ته وارن جو رنگ روغن به ختم ڪري ڇڏيائون ان جي نتيجي ۾ هاڻي سندس مٿي توڙي ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ ڪارو وار ڳولهڻ لاءِ خوردبيني واري اک ڌارڻي پئي ٿي. بلي صاحب جي ٻي خوبي خوش لباسي آهي. هروقت اڇا اجرا، ڌوٻيءَ جا ڌوتل (يا ڌوٻي ء جهڙا ڌوتل) ڪپڙا پاتل هوندا آهن. سگريٽ ۽ چانهه سندس ڪمزوريون آهن. 

ثناء اللہ بلو صاحب پنهنجي اولاد کان سواءِ پنهنجي ڀائٽن، ڀاڻيجن، ڇوڪرن کان سواءِ ڇوڪرين جي لاءِ پڻ بڙ جي گھاٽي ڇانو جهڙا رهيا آهن. سندس ڀائيٽا هنوقت تعليم جي اعلي منزلن کي پيا ڇهن بنا شڪ جي ان ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. بلو صاحب تمام گھڻي همٿ ۽ حوصلي وارو انسان آهن. پنهنجي اڪيلي پٽ جي علاج معالجي واسطي هو سکر لڏي آيو، پهرين خانگي مسواڙي جاءِ ۾ رهيو ۽ بعد ۾ سرڪاري مسواڙي ڪوارٽر کي اچي وسايائين. ان وچ ۾ پنهنجي پٽ جي علاج معالجي لاءِ ڪراچي جا اڻ ڳڻيا چڪر ڪاٽيائين ۽ نيٺ کيس سندس جهد جو ثمر مليو ۽ سندس پٽ صحت مند خوشگوار زندگي گذاري رهيو آهي. پنهنجي پٽن، ڀائٽن کان پوءِ هاڻي سندس سڄو وقت پوٽي ۽ پوٽيءَ سان گذرندو آهي، سچ ته اهو آهي ته هو ٻارڙن کي ريجهائيندو رهندو آهي.

ثنا ءَ الله بلي صاحب پنهنجي آمدني وڌائڻ لاءِ ڪيئي ڪوششون ورتيون هيون جنهن ۾ ڪڪڙين جو فارم به شامل هيو اهو ڪم صرف اهي ڪندا آهن جيڪي عملي هوندا آهن جيڪي رسڪ کڻندا آهن. مون کي خبر ناهي ته کيس ان مان منافعو ٿيو يا مرڳو کيس گھران ڀري ڏيڻو پيو پر هڪ ڳالهه بهرحال طئي آهي ته کيس تمام وڏو تجربو ٿيو هوندو ۽ اهو تجربو کيس پنهنجي مستقبل جي منصوبن ۾ وڏي مدد ڏيندو. مون کي ان ڳالهه ۾ رتي برابر به شڪ ناهي ته ڪاميابيون بس اهي ئي ماڻيندا آهن جيڪي جوکم کڻندا آهن. بلو صاحب پنهنجي دل جو بادشاهه پڻ آهي. ٻيا اسان جهڙا سڌڙيا پروفيسر سڌون ڪندي رهجي ويندا آهن پر بلي صاحب برانڊ نئين جي ايل آئي ڪار خريد ڪري ڏيکاري جنهن تي هو ۽ سندس گھر جا ڀاتي آساني سان سفر ڪري رهيا آهن. 

مان سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهندي اهو محسوس ڪيو آهي ته مان پاڙيسرين جي حساب سان تمام گھڻو خوشنصيب رهيو آهيان. لغاري خاندان هجي، سائين احمر جو گھر هجي ۽ وري اتي ثناءَالله بلي صاحب جي رهائش به هجي ته اوهان کي پنهنجي گھر متعلق کٽڪي ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. مان ان معاملي ۾ انتهائي بي ڪار انسان رهيو آهيان پر نورحسن لغاري صاحب، سائين غلام حسين لغاري صاحب ۽ ثناءَالله بلي صاحب جي هوندي جيڪڏهن بجلي جو ڪو مسئلو پيدا ٿي پوندو هو يا گٽر اٿلي پوندا هيا ته مٿي ٻڌايل سڀ منهنجا پرين پيارا ان گڏيل ڪم کي ان نموني سرانجام ڏيندا هيا جهڙوڪر اهو رڳو سندن اڪيلي گھر جو مسئلو هجي ۽ مجال آهي ته رڳو هڪ دفعو به پنهنجي زبان تي ڪو شڪايت جو حرف به آندو هجين. سائين ثناءَالله بلو صاحب ۽ منهنجو گھراڻو هاڻي ڪو الڳ الڳ گھراڻا ناهن رهيا. اسان ٻئي خاص ڪري سندس خلوص ۽ سهڻي سڀاءُ ڪري ڪڙو منجهه ڪڙي جيئن لهار لپيٽيو وانگر ساڳي زنجير جا ڪڙا بڻجي ويا آهيون. 

مان اڄ کيس پنهنجي سرڪاري نوڪري جي پڄاڻي تي مبارڪباد پيش ڪندي دعا ٿو ڪريان ته شل سائين جن صحت سان، خوشحالي سان، خوشي سان، عزت ۽ وقار سان وڏي ڄمار ماڻين.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو