Sunday, October 11, 2020

قابل پلھ

 قابل پلهه جي اتساهيندڙ زندگيءَ جو سفر

ڪنب شهر کان ٿورو اڳيان حاجي امام بخش پلهه جو ڳوٺ واقع آهي جتي منهنجا جگر پلهه برادران اسحاق پلهه، پنهون پلهه، قابل پلهه، مدن پلهه (مرحوم) رهندا آهن. خيرپور ۾ منهنجا جيڪي ڪيئي ڳوٺ/گهر آهن انهن ۾ هي به هڪ آهي.

قابل پلهه سان منهنجيون ڪيئي يادون سلهاڙيل آهن. اسان سياسي سفر ۾ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سجاڳي جا سڏ ڏنا، خيرپور کان راهوڪي تائين پيادل لانگ مارچون ڪيون ۽ پنهنجو پاڻ کي مڪمل نموني پنهنجي قوم، عوام ۽ انسانيت جي مڪمل آجپي ۽ آزادي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. رات هجي يا ڏينهن طوفان هجي يا مينهن اسان کي ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نه هوندي هئي. قابل پلهه سالن جا سال رڳو انقلابي رومانس ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي، سر جو سانگو لاهي محترم رسول بخش پليجو صاحب جو گارڊ ٿي ڪري ڪم ڪيو هو. تصويرن ۾ قابل پلهه جي ڪلاشنڪوف سان برادرم شاهنواز راڄپر سان جيڪا تصوير آهي ان دئور جي آهي.

پوءِ جڏهن سياسي زلزلا آيا، پارٽيءَ تي سر گهوريندڙ کي غدارن جا لقب مليا، اڳواڻ کان سواءِ سمورا ڄٽ ڊڪليئر ٿيا ته شاهنواز راڄپر هجي يا قابل پلهه، سائين ڪرم حسين وساڻ هجي يا ٻيا سوين ڪارڪن وائڙا ٿي ويا، بقول شاهنواز راڄپر جي ته ان وقت خودڪشي ئي هڪ رستو بچيو هو ته اسان سڀني زندهه رهڻ جا نوان گس ڳولهيا.

قابل پلهه ڪنب کان راڻيپور تائين سوزوڪي تي پهرين ڪنڊڪٽري، پوءِ ڊرائيوري ۽ پوءِ انهن جي وڪري ۾ بروڪر ٿي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. قابل پلهه پنهنجي ڪم ۾ سڀ توانايون لڳائي ڇڏيون هيون ۽ هوريان هوريان هو پنهنجي ان ڪم ۾ واڌارا ۽ سڌارا آڻينديون رهيو سوزوڪين جي وڪري کان پوءِ ڪارن ۽ ٻين گاڏين جي خريداري، وڪرو ڪرڻ لڳو، پهريون هن هڪ ننڍڙو دڪان آفيس طور ڪرائي تي ورتو هو بعد ۾ هڪ وڏو شوروم ڪرائي تي وٺي ڪم ڪندو رهيو ۽ هاڻي هن پنهنجو ڪروڙن جي ملڪيت جو پنهنجو شو روم جوڙايو آهي.

مان سمجهان ٿوته هٿين خالي ڪاروباري سفر جي شروعات ڪندڙ قابل پلهه جيڪڏهن مون وانگر سرڪاري نوڪري ڪري ها گزييٽيڊ آفيسر ٿي ها 19 گريڊ ۾ به پهچي ها ته هو مون وانگر رٽائرمينٽ تائين رڳو گهر به جوڙائي نه سگهي ها، مون وانگر هينڊ ٽو مائوٿ ئي رهي ها وٽس ٽڪو به بئنڪ بئلنس نه هجي ها.

هي قابل پلهه جيڪو مون کان گهٽ پڙهيل آهي، عمر ۾ مون کان ننڍو آهي، مون کي پنھنجي سياسي استادن ۾ شمار ڪندو آهي اهو پنهنجي هن عمر ۾ هڪ ڪامياب ڪاروباري انسان آهي جنهن وٽ پنهنجا اثاثا آهن، سندس نوڪري ڪندڙ وڏي ڀاءُ اسحاق پلهه يا مون وٽ ڇا آهي؟

مان هن ننڍڙي لکڻي ذريعي سنڌ جي انهن نوجوانن جيڪي سرڪاري نوڪري جي ڪڍ مجنون وانگي ديوانا آهن انهن کي پيغام ٿو ڏيڻ گهران ته اوهان جيڪڏهن واقعي به زندگي ٺاهڻ ٿا گهرو ته ڌنڌا ڪيو، ڪاروبار ڪيو ها جهڙي تهڙي حياتي گذارڻ ٿا چاهيو ته ڀلي نوڪري لاءِ سوچيو.

Palh Qabil Ishaq Palh, Shahnawaz Rajper

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو