Wednesday, November 6, 2013

پنگريو واقعو؛ ڪجھ سوال ۽ ڪجھ جواب




ڪجھ ڏينهن اڳ پنگريو ۾ ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي وارو جيڪو واقعو پيش آيو هو، ان وحشي پڻي تي ڪيئي مضمون اچي چڪا آهن. سياسي، سماجي، ادبي ۽ انساني حقن جي علمبردار ماڻهن پاران اهڙي انسانيت کان ڪريل حرڪت  جي مذمت ٿي چڪي آهي. مختلف ٽي وي چينلن توڙي فيس بوڪ ۽ ٽيوٽر تي گھڻائي پيغام پهچڻ سان گڏ ڪيئي واسطيدار وڊيوز به اپ لوڊ ڪيا ويا آهن. انهن ۾ هڪ ڳالهه تمام صاف آهي ته ان انسانيت سوز سانحي کي برپا ڪندڙ ڌرين ۽ فردن کي پنهنجي ڪيل ڪم تي ٽڪي پيسي جي به شرمساري ناهي. کين ته (شايد) ان ڳالهه تي فخر محسوس ٿيندو هجي ته  پنهنجي پر ۾هنن اسلام جي سربلندي وارو عظيم ڪارنامون سرانجام ڏنو آهي.  ان معاملي تي بحث اڃا به جاري آهي. شايد ڪجھ ڏينهن بعد اهو معاملو به ماڻهن کان ان نموني وسري وڃي جيئن سيتا وارو واقعو ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ هڪ چرئي ماڻهون جو مٿو سرعام لٺين باٺن، سرن سان چٿي، کيس گهلي شهر جي وچ چوڪ ۾ آڻي نعره تڪبير، نعره حيدري ۽ جيئي سنڌ جي نعرن  جي گونج ۾ باهه ڏيئي ساڙيو ويو هيو.- پر جيڪو اهم سوال آهي جنهن طرف اسان جو تمام ٿورو خيال ٿو وڃي ته آخرِ ڪار اهڙا هانو ڏاريندڙ واقعا هر هر ڇو ٿا رونما ٿين؟   

انگريزي اخبار ڊان جي 13 آڪٽوبر 2013 واري شماري ۾ سائرل الميڊا (Cyril Almeida) جو مضمون بعنوان ’ملاله کان نفرت‘ (Hating Malala)  شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ ليکڪ ان ڳالهه تي بحث ڪيو آهي ته طالبان سان گڏ عام ماڻهن جو هڪ حلقو به ملاله يوسف زئي سان نفرت ڪري ٿو ته ان جو ڪهڙو سبب آهي؟  جڏهن ته هن معصوم کي ننڍي عمر ۾ طالبان پاران گوليون هلائي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي، هِن کان ڪهڙو گناهه سرزد ٿيو هو سواءِ ان جي ته هوءَ ڇوڪرين جي تعليم جي حق ۾ هئي. ان سلسلي ۾ سندس چوڻ هو ته رياست کي جيڪي بنيادي ڪم ڪرڻ گھرجن اها ڪرڻ ۾ صفا ناڪام ويئي آهي. تعليم، صحت، امن امان، انصاف نالي ڪا شيءِ نظر ڪونه ٿي اچي. ان صورت ۾ماڻهون وڃن ته ڪيڏانهن وڃن ۽ ڪن ته ڇا ڪن؟

اهو هڪ تمام وڏو بنيادي نڪتو آهي، جنهن جي سمجھڻ سان ٻيون پيچيده ڳالهيون چٽي نموني سمجھ ۾ اچي وينديون. رياست جي ناڪامي ماڻهن کي ٻين رخن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪندي آهي.  مثال طور جڏهن عدالتون سالن جا سال ماڻهن جي معمولي ڪيسن تي فيصلا ڏيڻ بدران هر مهيني کين حاضري ڏيڻ جو ڪم ڪنديون ته ماڻهون لامحاله سرچاءُ ۽ پرچاءُ لاءِ ڳوٺ جي وڏيري وٽ ويندا جيڪو بيٺي بيٺي ڪونڪو فيصلو ٻڌائي کين روانو ڪري ڇڏيندو آهي.

 پاڻ وٽ ڪجھ اهڙا خانگي تعليمي ادارا آهن جتي جيڪا تعليم مهيا ڪئي ويندي آهي ان کي ڪنهن حد تائين پاڻ معياري تعليم جي زمري ۾ آڻي سگھون ٿا، پر اها انتهائي مهانگي آهي، ۽ غريبن جي پهچ کان صفا چڙهيل آهي. سرڪاري ادارن ۾ هيٺين ڪلاسن تائين تعليم مفت آهي جڏهن ته ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي سطح جي تعليم جو خرچ  به ڪنهن حد تائين غريب غربي جي پهچ ۾ آهي پر اها صفا ناڪاره بڻائي ويئي آهي. اهڙي صورت ۾ غريب ۽ گھٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ هڪ پاسي ڀت ٻئي پاسي باهه آهي. اهي خانگي ادارن جي ڳاٽي ٽوڙ خرچن ڀرڻ جهڙا ناهن ته ٻي پاسي انڌي جهڙي پيڪي تهڙي ساهرين واري ڪار لڳي پئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ غريب ماڻهون پنهنجن ٻارڙن کي مدرسن ۾ داخل ڪندا آهن، جنهن لاءِ وٽن اهو دليل هوندو آهي ته ٻارڙن کي رهائش، کاڌو پيتو مفت ٿو ملي ۽ الله ۽ رسول جي سنت جي متعلق علم به مليو وڃي.

صحت جي شعبي جو حشر به ساڳيو آهي.  سرڪاري اسپتالون ڪوس گھر کان گھٽ ناهن، جڏهن ته پرائيوٽ اسپتالن جا ڳاٽي ٽوڙ خرچ عام ماڻهن جي برداشت کان ٻاهر آهن. ان صورتحال ۾ ماڻهون پنهنجي دردن جو درمان پيرن، فقيرن، تعويذي ملن مولوين جي درن تي وڃي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

 پوليس جو ڪم آهي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ، ڏنگن، لوفر، چور چڪار، ڦورو ۽ طاقتور ماڻهن جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان کين بچائڻ،  پر زميني حقيقتون ان جي بنهه ابتڙ آهن. پوليس جو کاتو ته وڌ کان وڌ ماڻهن جي زندگين کي زهر بڻائڻ جي ڪڍ آهي.  سنڌ ۾ پوليس پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. ان ڪري عام ماڻهون سردارن، ڀوتارن، وڏيرن، پٽيلن يا ڀتي خورن جي درن تي وڃي تحفظ لاءِ ٻاڏائين ٿا. 

جڏهن ماڻهون رياستي ادارن مان مايوس ٿي غير رياستي عناصرن وٽ پنهنجي دردن جي درمان لاءِ پهچن ٿا ته اهي سندن مٿي تي هٿ گھمائي، کين ٻه چار ابتيون سبتيون ڳالهيون سڻائي، آسرا ڏئي روانو ڪندا آهن.  اهي جيئن ته عيار، مڪار، چالاڪ، حرفتي هوندا آهن ۽ آساني سان عام ماڻهن جي سطحي سوچ جو فائدو وٺندي ڪمال ڪاريگريءَ سان پنهنجا ذاتي ۽ گروهي مفاد حاصل ڪندا آهن. ماڻهون سمجھندا آهن ته کين ڪجھ نه ڪجھ ته ملي ويو پر حقيقت ۾ اهي سراسر گھاٽي جو فيصلو ڪري پنهنجو پاڻ کي وڏي ٻوهي ۾ وجھڻ جو سبب بڻجندا آهن. اهي ماڻهن جي سادگيءَ جو فائدو وٺندي کين بار بار اهو باور ڪرائيندا آهن ته هو ئي سندن اصلي رکوالا، ناخدا، همدرد ۽ هڏ ڏوکي، مرشد، ڀوتار سنڀاليندڙ ۽ پاليندڙ آهن. جيڪڏهن اهي سندن ڪڍ لڳندا، سندن چوڻ تي هلندا، کين پنهنجو اڳواڻ، مرشد، ڀوتار سمجھندا ته ان ۾ سندن پنهنجو ئي فائدو آهي. اهڙيون ڳالهيون ڪري اهي عام ماڻهن جي دماغن جي برين واشنگ جو ڪم ڪندا آهن.   جميل خان ”نواءِ انسان“ جولاءِ 2013 وارري شماري ۾ ”دماغي تطهير جي ذريعي ذهني غلامي“  ۾ لکي ٿو ته ”دماغي تطهير يا برين واشنگ واري پروگرام جو دارو مدار انهيءَ ڳالهه تي آهي ته فرد جي نفيسات کي مسلسل ڪشمڪش ۽ اظطرابي ڪيفيت ۾ رکيو وڃي، ايستائين جو هو ڪرڀ جي اظهار جا رستا تلاش ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي يا پوءِ ڇڙوڇڙ ۽ پريشان ڪندڙ فضا سان گڏ خود کي هم آهنگ بڻائي ڇڏي، پر جڏهن نفسياتي ڪشمڪش جو ماحول مسلسل قائم ۽ اظطرابي ڪيفيت فرد يا فردن تي هر لمحي مسلط رهي ته اهڙي صورت ۾ انفرادي يا اجتماعي سطح تي ماحول سان گڏ مثبت طور تي هم آهنگ هئڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ اهڙن روين اظهار ٿيڻ لڳي ٿو، جيڪي اخلاقي ۽ معاشرتي قدرن لاءِ انتهائي تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگھن ٿا.، اڪثر جڳهين تي انهي حڪمت عملي جو  منظم انداز ۾ نفاذ ڪيو ويندو آهي ته گھڻا ماڻهون حيواني سطح کان به هيٺ ڪري پوندا آهن ۽ اخلاقي قدر بيدرديءَ سان پامال ڪيا ويندا آهن، انساني نفسيات کي ڪشمڪش ۽ اظطراب ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ اهڙي فضا تشڪيل ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ بار بار هڪ ئي طرح جا منظر يا فرد يا فردن جي آڏو آندا وڃن ٿا ۽ وڏي گھرائيءَ سان گڏ انهن منظرن کي ماڻهن جي فڪرن تي حاوي ڪري ڇڏيو ويندو آهي“.   مٿي بيان ڪيل پس منظر ۾ جڏهن اسين سنڌ اندر سماجي شعبن واري ماحول جي پرک ڪنداسين ته اسان کي ڪي واضع اهڃاڻ ملي ويندا. سرڪاري ادارن جي ناڪامي جا انتهائي خوفناڪ اثر اسان جي معاشري ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا آهن.  ماڻهن جي سوچڻ ۽ سمجھڻ واري صلاحيت تمام هيٺين سطح تائين ڪري پيئي آهي. هاڻ اهي پنهنجو دماغ استعمال ڪرڻ بدران جيئن رئيس، ڀوتار، سردار، مرشد، مولوي چئي ان تي اکيون پوري عمل ڪرڻ کي ايمان سمجھڻ لڳا آهن. هر پاڙي ۾ ٻه ٻه ٽي مسجدون آهن. هر مسجد ۾ ٽيپ رڪارڊر رکيل آهي، جنهن تي هر وقت ڪو نه ڪو واعظ پيو هلندو آهي ۽ انهن مسجدن تي لڳل لائوڊ اسپيڪر اهو آواز پري پري تائين پهچائيندا آهن. اڪثر ڪري انهن ۾ چڙ ڏياريندڙ تقريرون هلايون وينديون آهن، جنهن ڪري مخالف فرقي وارا ۽ خاص ڪري  اقليتي برادري جا ماڻهون مستقل خوف جي سائي ۾ گذارڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن.

 سيتا ٻائي (فرضي نالو) جو ڪڻو شهيد بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي وسيلئه حق پروگرام ۾ نڪتو هيو. ”وسيلئه حق“ پروگرام تحت بي واهه ۽ غريب عورتن کي ٽي لک روپيا ڏنا ويندا آهن. اهي پئسه کين ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ لڳائڻ لاءِ پابند بڻايو ويندو آهي ته جيئن ان پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ پنهنجي پيرن تي بيهي سگھن. مالياتي مدد ڏيڻ سان گڏ انهن کي انهن پئسن مان ڌنڌي ڌاڙيءَ ڪرڻ جي سکيا پڻ ڏني ويندي آهي. پر جيئن ته اسان جي معاشري ۾ عورتون ڌنڌي ڌاڙي ۾ عملي حصو گھٽ وٺنديون آهن ۽ گھڻو ڪري مرد حضرات اهو ڪم سرانجام ڏيندا آهن. سو ان ڳالهه کي سامهون رکندي ڪڻي ۾ نالو نڪرندڙ عورتن کي اها سهوليت ڏني ويندي آهي ته اهي پنهنجي مڙس، پٽ يا اهڙي ڪنهن مرد جو نالو ڏئي سگھن ٿيون جيڪو بعد ۾ ساڳيو ڪم عملي طرح سرانجام ڏيڻ جو پابند هوندو ۽ ساڳي گھر ۾ ساڻن گڏ رهندو هوندو. ان سلسلي ۾ سيتا پنهنجي پٽ موهن (فرضي نالو) کي نامينيٽ ڪيو هيو. 28 سکيا حاصل ڪندڙن ۾ موهن سڀ کان غريب پر انتهائي فضيلت وارو نوجوان هو. سال 2013 جي فيبروري مهيني جي آخري ۽ مارچ جي پهرين هفتي جي ڏينهن جو قصو آهي ته لکي شهر ۾ ساڳي پروگرام تحت آيل بينيفيشريز جي مون سکيا پئي ڪرائي جنهن ۾ اهو موهن به هو.  ان پروگرام جي هڪ سرگرمي اها به هوندي آهي ته سکيا حاصل ڪندڙن کي بازار ۾ موڪليو ويندو آهي ته اهي اتي وڃي ڪونه ڪو ڌنڌو ڪن ته جيئن کين خبر پوي ته ڌنڌي ڪرڻ ۾ ڪهڙيون عملي ڏکيائيون آهن ۽ ٻيو ته ڪهڙي ڪم ۾ ڪيترو منافعو آهي. مون جڏهن موهن کي ان سرگرميءَ لاءِ چيو ته هن انتهائي شرمساري، عاجزي ۽ بي وسيءَ وچان وراڻيو هو ته ”سائين مون کان ڪير خريداري ڪندو“! مون  سندس ان تمام ننڍڙي جملي ۾ هن جي دک، درد، بي وسي، لاچاري کي سمجھي ورتوهو. اسان انگريزن، يهودين، هندن، عيسائين جي هٿن جون ٺهيل شيون ته وڏي چاهه سان خريد ڪندا آهيون، انهن کي استعمال ڪندا آهيون ۽ انهن تي فخر پڻ محسوس ڪندا آهيون پر پنهنجي ڳوٺ جي ڀيل، مينگھواڙ، مارواڙي کي پاڻ سان گڏ ويهارڻ ساڻن کائڻ پيئڻ، سندن هٿن جي شيءِ کي خريد ڪرڻ ۾ گھٽتائي محسوس ڪندا آهيون. اهڙي عمل کي وري اسان اسلام جي تعليمات سان ملائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.  اسلام ته اهڙي اونچ نيچ کي ختم ڪرڻ لاءَ آيو هيو، اهي رسمون ته دؤر جاهليت واريون آهن جن کي اسان اڃا تائين چچڙن وانگي چهٽيا ويٺا آهيون. ان سڄي معاملي جو ڏکوئيندڙ پهلو ئي اهو آهي ته هڪ انسان پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ڪاروبار کان رڳو ان ڪري پاسيرو ٿو رکڻ چاهي ڇوته ٻيا کيس اڇوت، ڪافر، ڪريل سمجھن ٿا. ان کان وڌيڪ انسانيت جي تذليل ٻي ڪهڙي ٿيندي پر اهو هڪ موهن ته ناهي ان جي پوري برادري ان ساڳي نهج تي سوچيندي هوندي. جن ڳالهين تي اسان کي شرم اچن گھرجي انهن تي پاڻ فخر ٿا ڪيون ۽ جن ڳالهين تي فخر ڪرڻ گھرجي انهن کان اسان کي نفرت ٿي محسوس ٿئي. اسان جي معاشري ۾اقليتي برادريءَ سان وهنوار ڪنهن به صورت ۾ هڪجهڙائي وارو ناهي، ۽ اسان ساڻن اهڙو ڪرڀ ڀريل رويو رکي ان ۾ پنهنجو شان سمجھندا آهيون. اهڙي سطحي سوچ ۽ سمجھ، چڙ ۽ نفرت، بغض ۽ ڪيني وارا رويا پاڻ هرتو نسري وڌي وڻ ناهن ٿيا، پر انهن جي عوام دشمن طبقن ۽ گروهن پاران آبياري ڪئي ويئي آهي.  وڏيرا، پير، مير، ڀوتار، سردار، خان، ملان، مولوي، ڪامورا ڪڙا، سرمائيدار، وياج خور بظاهر ڀلي ته الڳ الڳ نظر اچن، سندن مذهبي، سياسي قبلا کڻي ڪهڙا به هجن پر عوام کي ڇٿڻ، انهن جي حقن کي ڦٻائڻ، غريبن کي تعليم کان پري رکڻ، کين اقتصادي نموني پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي سمورن موقعن کان عاري رکڻ واري ايجنڊا تي اهي ڌريون هڪ ٻئي سان سؤسيڪڙومتفق آهن. ان نموني جي سماجي صورتحال اندر انبوهه  (Mob) واري خطرناڪ روين جو ڦهلاءُ ٿئي ٿو ۽ پنگرئي ۽ سيتا جهڙا سانحا رونما ٿين ٿا.

لکي متعلق ٿورو ٻڌائيندو هلان ته اهو ضلع شڪارپور جو تعلقه به آهي ته سکر کان شڪارپور روڊ تي ساڳي نالي سان ننڍڙو شهر به آهي.   لکي جي حدن سان ملحق علائقن ۾ ڪجھ طاقتور برادرين جو تمام گھڻو اثر و رسوخ آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهي ئي علائقا قبائلي جھيڙن جھٽن ڪري جهنم بڻيل آهن ۽ ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي حالت انتهائي رحم جوڳي آهي. لکي تعلقه هيڊ ڪواٽر آهي پر پوري شهر ۾ ڪٿي به مٺو پاڻي ميسر ناهي. شهر جا ماڻهون پيئڻ لائق مٺو پاڻي پري کان ڀري ايندا آهن. جيترا ڏينهن مون اتي سکيا پئي ڪرائي ته مان سکر کان مٺي پاڻيءَ جو ڪنستر ڀري کڻي ايندو هوس جيڪو اسان سکيا ڏيندڙ ۽ سکيا وٺندڙ پيئندا هياسين. لکي شهر ايندڙ يا ڳوٺن ڏانهن موٽندڙ مردن، عورتن، ٻارڙن جي لاءِ جيڪا مقبول سواري نظر آئي اهو گڏهه گاڏو هيو. شهر ۾ گڏهه گاڏن جي ڪابه ڪمي ناهي. ان ساڳي شهر ۾ مون گورنمنٽ پرائمري اسڪولن جي اسڪول مينيجمنٽ ڪاميٽين جي اهميت، انهن جي افاديت ۽ انهن کي سرگرم ڪرڻ بابت هڪ ٽريننگ به ڪرائي هئي. ان سکيا ۾ هڪ استاد سکر کان شڪارپور جي مين روڊ جي ٻنهي پاسن تي پرائمري اسڪولن جا نالا کڻي اهو ٻڌايو هو ته اهي سڀ جو سڀ بند آهن. ۽ ٻي ڳالهه جيڪا نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته ساڳي روڊ جي ٻنهي طرفن کان قدم قدم تي اوهان کي ننڍا توڙي وڏا مدرسا نظر ايندا. جت مدرسي جو استاد مولوي صاحب کٽ تي آهليل نظر ايندو جڏهن ته ننڍڙا کُتابي چندي جي پيٽي هٿ ۾ کڻي هر ايندڙ ويندڙ گاڏيءَ کان چندي جي التجا ڪندي نظر ايندا. سرڪاري رسمي تعليم جي تباهي ۽ مدرسن جي فراواني ۽ قبائلي سسٽم جي مضبوطيءَ جا خوفناڪ نتيجا ان علائقي واسي ڀوڳي رهيا آهن.  فرقي واريت ۽ ذات پرستي جون زهريليون سوچون پنهنجي عروج تي آهن، پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان قسم جي سوچ رڳو اڻ پڙهيل يا گھٽ پڙهيل ماڻهن وٽ نه آهي پراسان جا ڪيئي پڙهيل لکيل ماڻهون پڻ اهڙين انتها پسند روين جو شڪار ٿي ويا آهن. مثال طور تي ڀوري ڀيل واري واقعي کي ڪيس اسٽڊي طورکڻوٿا، ته اسان کي نظر ايندو ته ان بنهه غير انساني عمل ۾شامل جاهل ماڻهن جي بچاءُ واور ”نيڪ“ ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ  ڪيئي اسان جا نام نهاد پڙهليل لکيل به نظر اچن ٿا. سندن انداز ته ”ڀلا ڀيلن کي مسلمانن جي قبرستان ۾ پنهنجي ماڻهون کي پورڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي“ سندن اهو بيان بظاهر ته بي ضرر ٿو نظر اچي پر جي ٿورڙو به غور ڪبو ته اسان سمجھي ويندا سين ته سندن ان ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو ئي ته آهي ته ان قسم جي واقعي رونما ٿيڻ ۾ ڀوري ڀيل جي مائٽن جي ئي غلطي آهي ٻين لفظن ۾ ته اصل وارڌات جو محرڪ وري به اهي پاڻ ئي آهن، نه هو اهڙو ڪم ڪن  ها نه ئي پنگريو جي مسلمانن جي غيرت جاڳي ها.

حقيقي تعليم ۽ تربيت ماڻهن منجھ محض اکر شناسيءَ جي ادراڪ وارو ڪم ناهي ڪندي پر ان سان گڏ انسان جي روين ۾ مثبت تبديلي پڻ کڻي ايندي آهي. ماڻهن منجھ سهپ،رواداري، ڀائيچاري، هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شرڪت ڪرڻ  جا سڀاويڪ جذبا پڻ نمودار ٿيڻ لڳندا آهن. معاشري اندر اهڙي تعليم ۽ تربيت جي اڻ هوند عام خلق کي جانور بڻائي ڇڏيندي آهي، کين پنهنجي ذات کان سواءِ باقي سڀ دشمن لڳندا آهن. ڪاوڙ سندن نڪ تي رهندي آهي، ٿورين ٿورين ڳالهين تي خوناريزي روز جو معمول بڻجي پوندو آهي.  ماڻهون علم، هنر، ڏاهپ، سهپ، درگذر ڪرڻ جهڙين خصوصيتن کان وانجھا ٿي ويندا آهن. ذات پرستي ۽ توهم پرستي اهڙن معاشرن ۾ جنم وٺندي آهي. پنهنجي قبيلي، ذات پات کي اعلى ۽ باقي سمورن برادرين کي نيچ سمجھڻ جا رجحان چوٽ چڙهيل هوندا آهن. اهڙن معاشرن ۾ پيرن، ڀوپن، وڏيرن، ملن مولوين جي حڪمراني چوٽ چڙهيل هوندي آهي. اهي ماڻهن جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ هوندا آهن. ماڻهون انهن کي پنهنجي دردن جو درمان سمجھندا آهن. پيرن جا اوتار، وڏيرن ۽ ڀوتارن جو اوطاقون، مولوين جا حجرا آباد هوندا آهن. اهي ماڻهن جي سطحي سوچ مان خوب خوب ڪمائيندا آهن.

سنڌ اندر فرقيواريت، قبائلي سوچن، ذات پرستي، عدم سهپ جون پاڙن پٽڻ ۽ ان جي جاءِ تي امن ۽ ڀائيچاري، جي فضا کي قائم ڪرڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي ته واسطيدارن ادارن کي سرگرم ڪيو وڃي. صحت جون سهولتون، تعليم، انصاف جي فراهمي، روزگار جي موقعن تائين هر عام ۽ خاص شهريءَ جي پهچ کي يقنيي بڻايو وڃي. جڏهن ان قسم جا قدم کنيا ويندا ته مستقبل ۾ اهڙا هانو ڏاريندڙ واقعا رونما ٿيڻ جا گھٽ ۾ گھٽ امڪان رهندا.  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو