Friday, November 15, 2013

اڏر ڪانگ قاصد عجيبن اوتاري، ڪجانءِ پيش پرين سڄي ڳالهه ساري.


سائين ايم رحيم راولاڻي صاحب
اسلام عليڪم و حق موجود
سرڪار اوهان مون فقير تي هڪ اهڙو احسان ڪيو آهي جيڪو وسرڻ جوڳو ناهي.  اهو آهي اوهان جو پنهنجي سهڻي هٿ اکرن سان لکيل خط جيڪو مون گذريل عيد تي وصول ڪيو هيو. ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا. جيئن اوهان پنهنجي محبت نامي ۾ لکيو آهي ته اوهان مون واري مضمون واري اخبار کي ڪنڊائتو ڪري رکي ڇڏيو هيو ته جيئن وقت ملڻ تي ان جو جواب لکي سگھو،  بلڪل ساڳي نموني جنهن ڏينهن کان اوهان جو خط پهتو آهي ته ان جي هارڊ ڪاپي مون پنهنجي ليپ ٽاپ جي ٿيلهي ۾ جڏهن ته اوهان جي خط جي سافٽ ڪاپي (جيڪا مون پاران ڪمپوزڪئي آهي، جنهن ۾ اوهان جي هٿ اکرن سان ملندڙ جلندڙ فونٽ استعمال ڪيا اٿم) پنهنجي ليپ ٽاپ جي ايڇ ڊرائيو ۾ سانڍي رکيا اٿم. [1] اوهان جو خط مون کي وڏي عيد کان شايد ٻه ڏينهن اڳ مليو هيو . ساڳي عيد تي منهنجين پوٽين سيمان، افشان ۽  مهڪ سادي ڪاغر تي پنهنجي هٿن سان چٽسالي ڪري عيد ڪارڊ  جوڙي عيد واڌايون ڏنيون هيون.  انهن  (اوهان جي خط ۽ ڇوڪرين جي عيد ڪارڊن)  غيررواجي تحفن ملڻ تي مون کي بي انتها خوشي محسوس ٿي هئي ۽ مون کي ماضيءَ وارا اهي ڏينهن ياد اچي ويا هيا جڏهن اهي شيون وڏي معنى رکنديون هيون پر افسوس ته اهي ٻئي روائتون هاڻي پوين پساهن ۾ آهن.
مون اوهان جي خط پڙهڻ سان ئي هڪ مضمون لکڻ جي شروعات ڪئي هئي پر اهو ڪم به اڌورو رهجي ويو هيو. [2]
  اڄ مان جڏهن اوهان جي خط جو جواب پيو لکان ته اڄ حشر  (ڏهين محرم) جو ڏهاڙو آهي. ان ڪري منهنجي هن جواب کي تحفو سمجھڻ بدران تعزيت سان ڀيٽا ڏجو. تعزيت رسول ڪريم صلعم جي جن جي نواسي، مولا علي جي فرزند حضرت حسين جي جنهن کي ڪربلا جي ميدان ۾ ري خطا سندس ڪڙم قبيلي سان ڪوفين ڪٺو  هيو، ۽ ها تعزيت انهن سمورين دلپذير روائتن جي پڻ جيڪي هاڻي نابود ٿي چڪيون آهن يا ٿين پيون. مثال طور خطن لکڻ ۽ جوابن ڏيڻ جي عظيم روايت. خط لکڻ ۽ خط وصول ڪرڻ ڪو جهڙو تهڙو ڪم ته نه هيو پر اهو هڪ سلسلو هوندو هيو. جڏهن ڪنهن پرين پياري ڏي ڪو خط پٽ موڪلبو هيو ته پنهنجي ان خط جي جواب جو جيڪو اوسيئڙو، انتظار هوندو هيو اڄ جي نسل کي ان انتظار ۾ ايندڙ مزي جي ڪهڙي ڄاڻ جنهن مان پاڻ واري ٽهي لطف اندوز ٿيندي هئي. در تي ڪڙکو ٿيو ناهي، ماڻهون ايڏانهن ڊوڙ پاتي ناهي ته ضرور ٽپالي ڪنهن يار دوست جي ڇٺي چپاٽي کڻي آيو هوندو. اهي خط جڏهن پهچندا هيا ته انهن کي چمي اکين تي رکندا هياسين، انهن جي وصوليءَ لاءِ ته دل جو دهڪو هيٺ مٿي هوندو هيو پر انهن کي کولڻ لاءِ هٿ ڏڪندا هيا ۽ بار بار انهن کي اڳيان پويان ڏسڻو پوندو هيو. ائين ڀانئبو هو ڄڻ انهن جي کولڻ سان منجهن جيڪا برڪت آهي اها اڏا مي نه وڃي. خط کولڻ بعد ڪنڊائتو ٿي انهن جو مطالعو ڪبو هيو. يا جي سياري جي مند هوندي هئي ته سوڙ کان منڍي ڪڍي وهاڻي تي مٿو ٽيڪي انهن جو مطالعو جاري رکبو هيو، ۽ پوءِ بار بار انهن خطن کي پڙهندي به دل نه ڊاپندي هئي. انهن خطن جي پڙهڻ بعد انهن جي جواب لکڻ لاءِ باقاعدي وڏو اهتمام ڪيو ويندو هيو. خط جو جواب ڪهڙي پني تي لکجي، پين ڪهڙي استعمال ڪجي، ان ۾ ڪيترا رنگ هجن، پهريون ان جو ڪچو ڊرافٽ ٺهندو هيو پوءِ ان ۾ ضروري واڌارا ۽ سڌارا ڪري ان کي آخري شڪل ڏبي هئي. جنهن خط  جو جواب لکبو هيو ته ان کي سامهون رکي ان جي سٽ سٽ جو جواب ڏنو ويندو هيو.  بعد ۾ اهو خط يا مليل سمورا خط ڪنهن مقدس صحيفي وانگر سانڍي رکيا ويندا هيا. ماضيءَ ۾ اوهان ۽ ڪجھ ٻين مهربان دوستن پاران لکيل محبت ناما مون وٽ آڃا تائين محفوظ سانڍي رکيل آهن. منهنجو هڪ تمام پيارو دوست آهي، جنهن کي اوهان زندگيءَ ۾ ناڪام اديب ۽ ناڪام انسان چئي سگھو ٿا جيڪو هر طرح سان اسان واري سماج ۾ مس فٽ آهي. اهو پنهنجي يونيورسٽي واري دؤر جو تمام وڏو عاشق هوندو هيو. ڏينهڪ هڪ خط ته پنهنجي محبوبا کي ضرور لکندو هيو ۽ انهن جا جواب وصول ڪندو هيو. هن وصول ٿيندڙ خطن جي تمام گھڻي حجم ڪري انهن کي هڪ وڏي ڳوڻ ۾ سانڍي رکيو هيو. هڪ ڏينهن ڇا ٿيو ته سندس خطن کي ڪو هيروئن جو موالي کڻي ويو. کيس پنهنجي ان سرمائي جي ائين چورائجي وڃڻ جو ڏک اڃ سوڌو ستائيندو رهندو آهي. سو سائين مون چيو پئي ته اها روايت ختم پئي ٿيندي وڃي حقيقتون اهي آهن جيڪي اوهان پاڻ پنهنجي خط ۾ بيان ڪري آيا آهيو ته ”موجوده دؤر  ۾ موبائيل ماڻهن کان خط لکڻ ڇڏائي ڇڏيا آهن. اکرن جي اڪير، سٽن جي سڪ ورلي وڃي رهي آهي. هرڪو ڪن تي ننڍڙو اوزار رکي پنهنجو مطلب پورو ڪري ٿو. “ سو سڄڻ سائين[3] ان ڪري مون پنهنجي هن خط کي تعزيت نامي سان ڀيٽ ڏني آهي. 
حقيقت ۾ ڪن ڳالهين تي روئڻ پٽڻ ۽ هاءِ گھوڙا ڪرڻ جي ضرورت به هوندي آهي. اهو انهن  سٺين روايتن جي ختم ٿيڻ/ وڃائجي وڃڻ جي ڏک جو اظهار ته هوندا ئي آهن پر ان کان  وڌي ڪري اهو ماتم انهن جي ياد کي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ جو سبب پڻ بڻجندو آهي.
خطن تي مشمتل ادب جي پنهنجي هڪ وڏي تاريخ آهي. خطن ۾ ماڻهون پنهنجي اصليت کي ظاهر ڪندو آهي ۽ خط پنهنجن پيارن، ياردن دوستن ڏانهن لکبا آهن جن سان تمام ويجھي انسيت هوندي آهي. ان ڪري خاص ڪري خطن ۾ ماڻهن جا نفيس جذبا پوريءَ سچائي سان نظر ايندا آهن. هي هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن تي ماڻهون پي ايڇ ڊي جي ٿيسز جيترو مواد گڏ ڪري سگھي ٿو.

سائين مون جڏهن اوهان جو خط پڙهيو هو ته منهنجي اندر ۾ هڪ اڪير/اساٽ طوفان بڻجي اٿي هئي ته مان ان موضوع تي ڪو ڊگھو مضمون لکان. خطن جي اهميت، انهن جي تاريخي افاديت تي پنهنجن خيالن جو ويچار ڪريان ۽ دنيا جو جيڪو عظيم ادب خطن وسيلي پاڻ سڀني تائين پهتل آهي ان جي اپٽار ڪريان. مون کي  هنوقت شيخ اياز جو ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪپوريا ڪاپڙي“ پيو ياد اچي جيڪو سندس ڪجھ لکيل خطن تي مشتمل آهي. سيخ اياز هونئن ته سڄو سون آهي پر مون کي سندس اهو ننڍڙو ڪتاب پارس جيان لڳندو آهي. ڇا ته ٻولي آهي، نفيس احساسن کي جنهن ڪمال ڪاريگريءَ سان سنڌ ۽ هند جي هن قويءَ لفظن جو روپ ڏنو آهي، اهو ڪمال آهي. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن شيخ اياز ڪوبه ٻيو ڪتاب نه لکي ها يا شاعري نه ڪري ها بس اهو هڪ سندس ڪتاب هجي ها تڏهن به کيس عظيم  لکارين ۾ جاءِ ملي وڃي ها. ان کان پوءِ مون فيض احمد فيض جو  پنهنجي وني ڏانهن لکيل خطن تي ٻڌل ڪتاب ”صليبين مري دريچي مين“ پيو ياد اچي. واهه .....شيخ اياز هجي يا فيض احمد فيض سندن اصل سڃاڻپ ته سندن شاعري آهي پر سندن نثر به ڪمال جو آهي. الائي ڇو مون کي شاعرن پاران لکيل نثر مان تازي برسات بعد ڌرتيءَ مان پيدا ٿيندڙ مهڪ جي خوشبوءِ ايندي آهي. فيض جي ان ڪتاب جي هڪ ڳالهه مون کي اڄ به ياد آهي جنهن ۾ هو پنهنجي وني کي چئي ٿو ته ”تنهنجو پيار ڏسي منهنجي دل اڃا وڌيڪ سٺو انسان ٿيڻ جي خواهش ٿي رکي“. ان کان پوءِ نهروءَ پاران پنهنجي عظيم ڌي اندران ڏانهن جيل مان لکيل تربيتي خطن جي ياد ٿي اچي ته ڪيئن نه هڪ پيءُ پنهنجي ڌيءَ جي سکيا جيل مان ويهي ڪئي آهي. ان نموني سائين جي ايم سيد ڏانهن لکيل مختلف دوستن يا سائين جي ايم پاران لکيل دوستن ڏانهن خطن تي ٻڌل ڪتابن جو وڏو ذخيرو سنڌي ادب جي سونهن بڻيل آهن. ”ڏونگر سي ڏورينديون“ سائين جي ايم سيد جي نياڻي ڊاڪٽر درشهوار سيد ۽ سائين جي ايم سيد جي هڪ ٻئي ڏانهن لکيل خطن تي ٻڌل ڪتاب آهي.

واڄٽ ويراڳين جا ـــ هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا لکيل خط سهيڙيل آهن. ساهڙ جا سينگار ــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ماياناز عالم اديب جناب سائين علامه آء آء قاضي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن.   خط ۽ مضمون ـــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالم ، اديب، ۽ سياستدان جناب علي محمد راشدي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن. ڪي وسرن نه مور .....نور الدين سرڪي...هندستاني اديبن پاران لکيل خطن تي ٻڌل ڪتاب. [4]

خطن کان سواءِ ڪيئي گيت، غزل، نغما خطن متعلق لکيل آهن. مثال طور هڪ ڪلام جيڪو اسان واري ٽهيءَ ۾ ڏاڍو مشهور هوندو هو ته  ـ’اڏر ڪانگ قاصد عجيبن اوتاري، ڪجانءِ پيش پرين سڄي ڳالهه ساري‘، واسطا اي رب دا جانوي وي ڪبوترا، چٺي ميڏي ڍول نون پهچا وين وي ڪبوترا، . عجب اتفاق اهو ٿيو ته جڏهن پٽيوالو اوهان جو خط کڻي مون کي ڏنو هو ته مون پنهنجي ليپ ٽاپ تي لتا پاران 1982ع ۾ فلم شڪتي لاءِ ڳايل گيت جيڪو سپر اسٽار اميتا بچن ۽ آرٽ فلمن جي راڻي سميتا پاٽيل تي فلمايل آهي پئي ڏٺو؛ هم ني صنم ڪو خط لکا، خط مين لکا، اي دلربا، دل ڪي گلي، شهرِ وفا....هم ني صنم ڪو خط لکا[5]....هونئن جي ڳولها ڪبي ته اهڙا سوين گيت غزل جيڪي خطن متعلق آهن اسان کي ملي ويندا. پنڪڇ اداس پاران ڳايل ”ڇٺي آئي هي ڇٺي آئي هي، بڙي دنو ڪي بعد هم بي وطنون ڪو ياد وطن ڪي مٽي آئي هي“، يا جڳجيت پاران ڳايل هي غزل ڪيڏي معنى ٿو رکي ته ”نه ڇٺي نه ڪوئي سنديس، جاني وه ڪونه سا ديس جهان تم چلي گئي“. يا بارڊر فلم جو ڪلام ڪيڏو نه مشهور ٿيو هيو ”سنديسي آتي هين، همين تڙپاتي هين، ڪه گھر ڪب آئوگي، لکو ڪب آئوگي“. بهرحال خط لکڻ، خطن ۾ خوشبوءِ ڀري موڪلڻ، خط پڙهڻ، سانڍي رکڻ وري وري پڙهڻ، اکين تي رکي چمڻ، اهي سڀ روايتون ختم ٿينديون پيون وڃن. انهن کي ائين بي گورو ڪفن دفن ٿيڻ نه ڏجي ۽ جيئن ته اوهان شروعات ڪئي آهي ۽ ڪجھ دير سان ئي سهي پر مان ان جو جواب ان خيال سان لکان پيو ته ٻيو ڪو اهو عمل ڪري يا نه ڪري پاڻ ان روايت کي زندهه رکي سگھون ٿا. موبائيل تي ڀلي ماڻهون موتيءَ جهڙا خيال به هڪ ٻئي سان ونڊي پر اهي هوا ۾ تحليل ٿي ويندا آهن جڏهن ته خطن ذريعي ونڊيل خيال ڊاڪيومينٽ جي شڪل وٺي زندهه رهندا آهن.
مان وري به اوهان جو ٿورائتو آهيان ۽ اميد ته اهو نيڪ ڪم جيڪو اوهان شروع ڪيو آهي اهو جاري رهڻ گھرجي.
اوهان جو پنهنجو
اميرگل ڪٽوهر
اسسٽنٽ پروفيسر آف ڪامرس
گورنمنٽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر.
گھر جو ڏس پتو؛
گھر نمبر 03، گورنمنٽ اسلاميه ڪاليج ڪالوني سکر سنڌ
موبائيل نمبر 1187 712 0333
اي ميل katohar@gmail.com
منهنجو سنڌي بلاگ؛ http://katohargul.blogspot.com/
سلام دعا سڀني گھڻگھرن کي.
Date:Friday 15/11/13
10th Muhram-ul-Haram



[1])http://katohargul.blogspot.com/2013/11/blog-post_14.html( اوهان جو خط هاڻي منهنجي سنڌي بلاگ تي پڻ موجود آهي..
                                                                                     [2] عيد جون خوشيون
مون کي هن سال 2013ع واري عيدالاضحى تي چار عدد خوشيون نصيب ٿيون آهن. حالانڪه انهن مان صرف هڪ ڳالهه جو تعلق  سڌي نموني عيد سان آهي.
ان کان اڳ جو مان انهن ڳالهين کي اوهان سان ونڊيا  تمهيد طور ڪجھ اهڙا ويچار لکڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان جن کي سمجھي اوهان منهنجي انهن ڳالهين کي ان پس منظر ۾ ڏسي ۽ پرکي سگھندا. جيئن هر انسان جي شڪل ۽ صورت سان گڏ سوچڻ جو انداز منفرد هوندو آهي بلڪل ساڳي نموني هر ماڻهونءَ جي خوش ٿيڻ، مختلف شين مان حظ حاصل ڪرڻ جو انداز پڻ نرالو هوندو آهي. جن ڳالهين تي مون کي بي انتها خوشي ٿيندي آهي، ٿي سگھي ٿو ته ساڳيون ڳالهيون ٻين لاءِ انتهائي بوريت جو سبب هجن.  ڪي ماڻهون عيد جو سڄو ڏينهن يارن دوستن سان تاش راند کيڏي، هڪ ٻئي سان ٽهڪن جي مٽا سٽا ڪري آنند ماڻيندا هجن ته ڪي ملازم وري عيد جي ڏينهن تي موڪل هئڻ ڪري هفتن يا مهينن جي ننڊ جي ڪسر پوري ڪرڻ لاءَ پنهنجو پاڻ کي بسترن حوالي ڪندا آهن. ننڍي هوندي عيد واري ڏهاڙي اسان دوست جيستائين سئنيما تي ڪا فلم نه ڏسندا هياسين ته جهڙوڪر اسان جي عيد ئي مڪمل نه هوندي هئي. مان عيد جو بي چيني سان انتظار ان ڪري به ڪندو هوس ته ان ڏينهن تي فلم ڏسڻ لاءِ بابا پاران پئسن سان گڏ اجازت به ملندي هئي. عمر وڌڻ، مختلف تجربن مان گذرڻ، مخصوص ماحول اندر رهڻ، مطالعي ۽ مشاهدي جي ڪري مون اندر (هر ماڻهون وانگر) پسند ۽ ناپسند جا معيار تبديل ٿيندا رهيا آهن. ستر جي ڏهاڪي جي آخري سالن کان وٺي نوي جي ڏهاڪي تائين مان انتها درجي جو سوشل هوندو هوس. رات ڏينهن يارن دوستن سان گڏ نون ماڻهن سان ملڻ ساڻن ڪچهريون ڪرڻ ئي منهنجو محبوب مشغلو هوندو هيو. جيئن ته ان زماني ۾ ترقي پسند سياست جو جيڪو رومانس هوندو هيو، مان به ان ۾ انتها درجي تائين شامل ڪار هيس. پر بعد ۾ جڏهن سياسي طور تي دليون ٽٽي ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ويون ۽ اهي جن کي پنهنجو سياسي ديوتا سمجهندا هياسين انهن پاران ڪفر جون فتوائون لڳائي سر عام سنگسار ڪرڻ جا پروانا جاري ٿيا ته وائڙا ٿي ويا سين. بقول سائين شاهنواز راڄپر جي”سن 1988ع کان پوءِ...اسين سڀ دوست انڌي ڪاڻي اٺ کان به سستي اگھ ۾ وڪامجي وياسين،  ان کان پوءِ وارو دؤر ڏاڍو ڏکيو هو جو سڀ ڪنهن کي پنهنجا موڙا پنهنجي سر تي هيا ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي سر جي هئي. عوامي سياست ۾ جنهن رفتار سان اڳتي وڌي رهيا هئاسين ته...ڪنهن به پٺ ورائي ڪونه ڏٺو هو ته ته پويان به ڪا شيءِ بچيل آهي يانه؟ اسان جي ليڊرن جي وڪامجڻ کان پوءِ واري صورتحال ۾ ٻه رستا هيا هڪ ته خودڪشي ڪري پنهنجي جان آجي ڪرائي وڃجي ۽ ٻيو ته اهڙين ڏکين حالتن ۾ پنهنجي پاڻ کي سنڀالي وري نئين سر شروعات ڪجي“ (ڏسو کجيءَ جو فصل ۽ عالمي مارڪيٽ [ليڪک فيض علي ڪٽوهر]جو مهاڳ صفح نمبر09) . اهو ساڳيو وقت هيو ته مون کي ماستري (ليڪچررشپ) پڻ ملي چڪي هئي. هاڻي مان پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ لکڻ واري پاسي ڏانهن رخ ڪري  پنهنجو پاڻ کي بچايم. سچ پڇو ته مطالعي جي شوق ۽ جهڙو تهڙو لکڻ (رنڍا روڙڻ) واري عمل مون کي ان ماڻهون مار ماحول کان ٻاهر ڪڍيو.  انهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مان ساڳي ماحول ۾ رهان پيو پنهنجي طبيعت جي ان نئين جڙيل لاڙي  (پڙهڻ ۽ لکڻ)  مان تمام گھڻو حض حاصل ڪندو آهيان. اهڙين نين سرگرمين ڪري گھڻو تڻو تنهائي واري ماحول ۾ رهڻو پوندو آهي. ان ڪري اڳ جيڪو مان انتها درجي جو سوشل هوندو هوس هاڻي نه رهيو آهيان. پر ان جي معنى اها هرگز نه وٺڻ گھرجي ته مان مردم بيزار ٿي پيو آهيان. نون توڙي پراڻن يارن، دوستن، ڪامريڊن سان ملڻ جا موقعا ڳولهيندو رهندو آهيان ۽ انهن سان ملي ڪري به تمام گھڻو آسيس ملندو آهي. وقت جي وهڪري سان گڏ  محض ماڻهونءَ جي طبيعت ۾ ڦيرا گھيرا  ناهن آيا پر ٽيهه سال اڳ جيڪا دنيا هئي، جيڪو ماحول هيو، جنهن قسم جا رشتا ناتا هيا ۽ جنهن نموني ماڻهون هڪ ٻئي سان خوشيون ورهائيندا هيا اهو به بنهه تبديل ٿي چڪو آهي. اڳي يار دوست هڪ ٻئي سان رابطي رکڻ لاءِ خط وڪتابت جو سهارو وٺندا هيا ۽ هاڻي موبائيل،  انٽرنيٽ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. نئين نسل کي ته اها خبر به ورلي هوندي ته ڪي پوسٽ آفيسون به هونديون آهن جيڪي اسان جا خط پنهنجي منزل تي پهچائڻ وارو ڪم سرانجام ڏينديون آهن. اڳ انهن پوسٽ آفيسن تي عيد ڪارڊ موڪلڻ جي جيڪا رش لڳندي هئي اڄوڪو نسل ته ان جو ڪاٿو به لڳائي نه ٿو سگھي. پوسٽ آفيسون عيد کان ٻه ٽي ڏينهن عيد ڪارڊ موڪلڻ لاءِ بوڪنگ بند ڪري ڇڏينديون هيون.
سو مون لاءِ هن عيد جون خوشيون ان ڪري به تمام گھڻيون وڌي ويون ڇوته مون کي پنهنجي هڪ تمام آڳاٽي ڪليگ، دوست، محسن، استاد ۽ انمول انسان،  پرين پياري سائين پروفيسر محمد رحيم راولاڻي پاران وڏي اڪير، پيار ۽ سڪ منجھاران لکيل خط مليو آهي.   
هن عيد تي مون کي منهنجين پوٽين سيما، افشان، پره ۽ مهڪ پنهنجن هٿن سان عيد ڪارڊ ڊرائنگ ڪري عيد واڌايون ڏنيون آهن. 
منهنجي پڦاٽ مسٽر فيض علي ڪٽوهر جو تحقيقي ڪتاب ”کجيءَ جي تاريخ ۽ عالمي مارڪيٽ“ ڇپجي منهنجي هٿن تائين پهتو آهي. ياد رهي ته اسان جي ڳوٺ پنواڙي مان سنڌي ادب جي آبياري لاءِ هي ٻيو ڪتاب آهي. ان کان اڳ مسٽر انور پرديسي (داد محمد ڪٽوهر) جي شاعريءَ جو ڳٽڪو ”دل جي آڳر تي“ اڳ ئي مارڪيٽ جي زينت بڻجي چڪو آهي.
منهنجي تمام پياري پوٽي مسٽر حسنين مجيب جي طهر جو پروگرام رکيل آهي.
مان هتي پوئين ٻنهي واقعن کي ڇڏي پهرين سڻايل خوشيءَ جي خبرن تي تبصرو ڪرڻ ٿو چاهيان. ان جا ڪيئي سبب آهن. هاڻي عيد ڪارڊ موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ جو جهڙوڪر رواج ئي ختم ٿي چڪو آهي. ڪنهن زماني ۾ يارن دوستن، مٽن مائٽن وٽان اڪيچار خوبصورت عيد ڪارڊ موصول ٿيندا هيا ۽ پڻ موڪلبا هيا. پر هاڻي پاڻ سڀ ايس ايم ايس، فيس بوڪ، ٽيوٽر تي ساڳيون ڳالهيون شيعر ڪري ٿا ڇڏيون. ائين ڪرڻ سان هڪ ته پئسو تمام گھٽ ٿو خرچ اچي، پيغام جلدي اڳلي وٽ پهچيو وڃي، وقت جي بچت به ٿئي ٿي. پر جيڪي احساس عيد ڪارڊ وصول ڪندي پيدا ٿيندا هيا اهي ڪونه ٿا اڀرن. هر شيءِ جهڙوڪر مشيني ۽ فارملٽي ٿي محسوس ٿئي. اوهان مان هر ڪنهن محسوس ڪيو هوندو ته اسان جيڪي عيد واڌايون وصول ڪندا آهيون ته اهي اسان جي پرين پيارن پاران وقت ڪڍي لکيل، ڪمپوز ٿيل تمام گھٽ هونديون  آهن. اسان جيڪي سوين عيد واڌايون ٻين دوستن وٽان موصول ڪندا آهيون ته بمع پروف جي چڪن سان اهي اڳتي دوستن ڏانهن فارورڊ ڪري ميار لاهي بادا بي ميار ٿي ويهي رهندا آهيون.
ٻين جي خبر ته انهن کي هوندي پر مون کي عيد ڪارڊ وصول ڪندي ايڏي ته خوشي ٿيندي هئي جنهن جو ڪو ڪاٿو ئي لڳائي ڪونه ٿو سگھجي. مون وٽ برادرم شاهنواز راڄپر جا موڪليل جهازي سائيز وارا عيد ڪارڊ اڄ به موجود آهن ۽ منهنجون نظرون جڏهن به انهن کي ڏسنديون آهن ته هٿن جون آڱريون خودڪار نموني انهن کي ائين ڇهنديون آهن جهڙوڪر اهي مقدس صحيفا هجن. انهن عيد ڪارڊن تي ڳالهيون پرنٽ به ٿيل هونديون هيون پر پرين پيارا پنهنجي پاڪ هٿن سان انهن تي اوهان لاءِ ڪي ٻه چار اکر وڏي عزت ۽ احترام سان لکندا هيا. انهن لکيل اکرن مان اڻ مئي خوشبوءِ پئي مهڪندي هئي.

[3] پروفيسرسائين لعل محمد سولنگي صاحب جو تڪيه ڪلام
[4] سرڪي صاحب جي سهيڙيل ڪتاب ”ڪي وسرن نه مور“ تي تبصرو ڪندي خطن جي اهميت ۽ افاديت تي ستار لکي ٿو ته؛
عام چوڻي آهي ته خط اڌ ملاقات هوندي آهي، جيتوڻيڪ خط لکڻ ايترو ته خانگي معاملو هوندو آهي جوان لاءِ چيو ويندو آهي ته اوهاڻ ٻئي جو لکيل خط، پوءِ ڀل اهو اوهان جي ڀاءُ ڏانهن ڇو نه هجي، ۽ کڻي اهو لکيل به هجي پر پڙهڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته لکڻ واري جا، جنهن ڏانهن خط لکيو ويو آهي، ان سان الاجي ڪهڙا تعلقات هجن. ممڪن آهي ته ان ۾ اوهان جي تعريف ڪيل هجي يا ممڪن آهي اوهان جي خلاف هجي، ان جواهو مقصد ٿيو ته خط اهڙي امانت آهي، جنهن کي جيترو ٿي سگهي باسلامت پهچائجي پر ڪي خط اهڙا به ٿيندا آهن، جن ۾ ملڪ، قوم، ٻولي، ادب، جذبات،اقرار، اعلان، اجتماعي خوشي يا اجتماعي دک درد سلبا آهن يا انهن جي باري ۾ عام کي ٻڌائڻو هوندو آهي، اهڙا خط عام طور تي ڄڻ قوم جي امانت ٿي ويندا آهن، انهيءَ ڪري انهن جو ڇپجڻ انتهائي ضروري ٿي پوندو آهي.

”خطن جو ساونحي مطالعو“ ڪندي، اسان جو جاکوڙي دوست ڪليم لاشاري لکي ٿو ته: ”خطن رستي ماڻهو دلي ڪيفيتون، شخصي تعلق، زندگيءَ جا راز ڳجهه ڳوهه، ڪاوڙ، محبت، بيچيني، سڪ،۽ سور........ مطلب ته هر جذبي جو اظهار ڪري ٿي سگهيو. ائين خط دلي تعلق قائم رکڻ جو هڪ وڏو ذريعو بڻجي ٿو.“مٿي ڏنل مثال مان ظاهر آهي ته خط بنهه ذاتي ڳالهين جو اظهار ڪرڻ لاءِ لکيو يا موڪليو ويندو آهي، پر ائين ناهي. ادب ۾ اديب هڪٻئي جي ادب پارن تي پنهنجي راءِ جو اظهار ٻن طريقن سان لکت ۾ ڪري سگهندا آهن. هڪڙو اظهار جو طريقو ان ادب پاري تي تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ يا تبصرو ڪرڻ يا وري خط رستي ان ادب پاري بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ آهي.

ان حوالي سان خطن جا ڪيترائي قسم ٿي وڃن ٿا ۽ ادب جي دنيا ۾ ڪيترن ئي وڏن وڏن اديبن، مفڪرن،دانشورن، شاعرن ۽ سياسي دانائن جا خط مشهوري ماڻي چڪا آهن. مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ ئي 20 کن شخصيتن جا خط ڇپيل آهن. جڏهن ته ان جو به اعتراف ڪيو ويو آهي ته ڪيترائي خط هن ڪتاب ۾ اچڻ کان رهجي ويا آهن. خطن ۾ هر قسم جا مسئلا طئه به ڪياويندا آهن، ڳوڙهن ۽ ڳنڀير مسئلن تي اپٽار پڻ ڪئي ويندي آهي. اهڙن خطن جي ادب ۾ پڻ جوڳي جاءِ آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ به ڪيترائي خط ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. جن ۾ سڀ ڪان وڌيڪ مشهور خط شيخ اياز جا لکيل محمد ابراهيم جويو ڏانهن آهن جيڪي ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ جي نالي سان ڇپيا هئا ۽ پنهنجي ڇپائيءَ جي وقت کان اڄ ڏينهن تائين مشهور آهن ۽ پڙهي پسند ڪيا وڃن ٿا. انهن کان سواءِ هڪ ڪتاب سائين جي- ايم- سيد پاران لکيل خط سندس ڌيءَ ڊاڪٽر درشهوار سيد ڏانهن، ٻن اديبن جا خط، عبدالقادر جوڻيجو ۽ محمد ابراهيم جويو جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خط پڻ 1999 ۾ ڇپيا آهن. انهن کانسواءِ ڪجهه ٻين ٻولين مان ترجمو ٿيل خط به ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. تاجل بيوس ڏانهن به آيل مختلف اديبن، ادب دوستن ۽ پڙهندڙن جا خط، ڪتابي صورت حاصل ڪري چڪا آهن“.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو