Friday, November 8, 2013

ڪراچي سنڌ آهي


     
  ڪراچي سنڌ جي دل ۽ راڄڌاني آهي،  ڪراچي سنڌ ۽ سنڌ ڪراچي آهي، ان ڪري ان شهر تي هڪ سئو فيصد نه پر هزار فيصد حق اسان جو آهي. اتي رهڻ، اتي پڙهڻ، روزگار جي سلسلي ۾ نوڪري يا ڪاروبار ڪرڻ جو به اهڙوئي حق اسان کي حاصل آهي. ان سلسلي ۾ ڪنهن نام نهاد سياسي پارٽي يا سياسي پارٽين جي نالي  مافيائون هلائيندڙ ڪنهن ٽولي جي اجازت جي ڪا ضرورت ناهي.

جيئن ته اسان جي وڏيرڪي ڪلاس جي اقتداري هوس، خود غرضي ۽ خود مطلبي، جيري ڪارڻ ٻڪري ڪهڻ واري روايت، خسيس وقتي مفادن ڪارڻ تاريخي حقن تان هٿ کڻڻ واري مڪروه ۽ ٻوهي واري سياست به انهن مافيائن کي هٿي ڏني آهي. هونئن اسان جا سياست ڪندڙ  سنڌي وڏيرا سنڌي عوام مٿان ته ڳالهه ڳالهه تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويندا آهن پر سندن سموري غيرت، انا، وقار، عزت اهڙن مافيائن سامهون دڦ ٿي اڏري ويندي آهي. اڄوڪي سائبر ايج واري دؤر ۾ اهڙو خسيس پڻو به بس سنڌي وڏيرڪي ڪلاس ۾ اتم درجا موجود آهي، نه ته نواب اڪبر خان بگٽي به ته پنهنجي قبيلي جو سردار هيو پر جنهن عظمت، وقار ۽ شان سان هن موت کي ڳلي لڳايو ته ان تي محض سندس ايندڙ ست پيڙهيون ئي نه پر پوري بلوچستان جي عوام سان گڏ ملڪ ۽ دنيا جا سمورا حق پرست ماڻهون پڻ سندس عظمت جا گيت ڳائيندا رهندا. ان سلسلي ۾ پٺاڻن جو خان به گھٽ ناهي، جڏهن به قومي مفادن جي ڳالهه ٿيندي آهي ته سرخپوش اڳواڻ جي پٽ ولي خان جي پارٽيءَ کان وٺي مذهبي ۽ قبائلي سردارن جي ساڳي ٻولي ٿي ويندي آهي.  پر افسوس ته اسان جي هن ڪلاس ۾ اهڙو رتي برابر به احساس نه آهي، ان ڪري اسان کي سنڌي وڏيرڪي ڪلاس تي اصل به ڀاڙڻو ناهي، اسان کي پنهنجا گس پاڻ ڳولهي هٿ ڪرڻا آهن. هت سوال ٿو پيدا ٿئي ته واقعي ڪي اهڙا گس، واٽون ۽ راهون به آهن جنهن تي هلي ڪو عام سنڌي به اهڙو وقتائتو، قومي مفادن کي فائدي وارو ڪم سر انجام ڏيئي سگھي ٿو؟
منهنجي نظرن ۾ ان جو هي آسان حل آهي ته اسان وڌ کان وڌ ڪراچيءَ ۾ اچي روزگار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، اتي دڪان کوليون، ڪاروبار ڪريون، نوڪري حاصل ڪريون، وسنديون آباد ڪريون، وڌ کان وڌ سنڌي اسڪول کوليون، ڪراچيءَ ۾ نه رڳو ووٽ داخل ڪرايون پر اتي جو ڊوميسائيل ٺهرائي ڪراچي يونيورسٽيءَ سميت اتي ٻين سمورن معياري تعليمي ادارن مان پنهنجن ٻارن جي تعليم جي حصول کي ممڪن بڻايون. ڳوٺاڻي وهنوارن، مامرن، ڪاروبارن، ملڪيتن،نوڪرين ۽ ٻين سببن ڪري اهو اسان سڀني لاءِ ته ممڪن نه آهي، پر پوءِ به ڪوشش ڪري هر گھر مان گھٽ ۾ گهٽ هڪ يا ٻن ڀاتين کي اتي ضرور ورسائڻ گھرجي. جي اسان سنڌي هر گھر مان محض هڪ ماڻهون کي ئي اتي ورسائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته ان عمل سان اتي اسان جي آبادي ڪروڙ کان به وڌي ويندي ۽ پوءِ ڪنهن به دهشت گرد، قبضي خور داداگير کي اهڙا جملا چوڻ جي جرئت به نه ٿيندي.

ڪراچي هر لحاظ کان هڪ جديد شهر آهي. وڏا وڏا شاپنگ مال، وڏيون تفريح گاهون، وڏيون رهائشي ڪالونيون،  جديد سهولتن سان آراسته معياري تعليم آڇيندڙ  تعليمي ادارا اتي ئي موجود آهن. نوڪريءَ يا روزگار جي سلسلي ۾ ته هي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جت سڀ کان وڌيڪ ملٽي نيشنل، نيشنل، انٽرنيشنل ادارا آهن، جناح ٽرمينل پاڪستان جو سڀ کان وڏو هوائي اڏو آهي، اسٽيل مل پاڪستان جي سڀ کان وڏي مل آهي، قاسم پورٽ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو بندرگاهه آهي، سوين ميلن تي پکڙيل خوبصورت سامونڊي ڪنارو آهي، ۽ ان کان سواءِ ٻيون هزارين سهولتون ميسر آهن. ان ڪري اوهان مان ڪوبه جيڪڏهن پڪو ارادو ڪري اتي پهچندو ته ڪراچي ان کي هرگز مايوس نه ڪندي، ۽ اهو هڪ ڏينهن پنهنجي منزل ضرور ماڻيندو. هت هڪ ڳالهه وڌيڪ به ٻڌائيندو هلان ته جي قانون جي ڪنهن حد تائين ڪجهه عملداري آهي ته اها به ڪراچيءَ ۾ ئي آهي ڇو ته هت سڀ کان وڌيڪ پڙهيل لکيل ماڻهون رهن ٿا جن کي آئين ۽ قانون ۾ مليل حقن جي پروڙ آهي.  هت ڊاڪٽرن، انجنيئرن، وڪيلن، پروفيسرن، استادن، ڪمپيوٽر جي ماهرن،  مسترين، ڊرائيورن، مڪينڪن ۽ ٻين هنرن جي ماهر ۽ ڄاڻون ماڻهن جي تمام گھڻي گھرج رهندي آهي، ۽ کين سندن مهارتن ڪري ان نموني عزت به پلئه پوندي آهي ته هڪ ته اهي بيروزگار نه رهندا آهن ۽ ٻيو ته کين هت باقي سنڌ کان وڌيڪ اجورو ملندو آهي.
               
هن وقت ڪراچي سنڌي اخبارن جي حوالي سان به مرڪز آهي ۽ ٿورو گھڻو پڙهيل لکيل نوجوان جنهن جو لاڙو پرنٽ ميڊيا جي صحافت سان هجي ته کيس ڪنهن نه ڪنهن سنڌي اخبار ۾ ڪانه ڪا نوڪري ملي ئي ويندي آهي. اڳتي جي ترقيءَ جو دارو مدار سندس محنت، ارادي ۽ اداري ۽ پنهنجي پيشي سان لاڳاپي ۽ ان سان ڳنڍيل مهارتن جي سکيا تي ٻڌل آهي. گذريل صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ منهنجي پوسٽنگ جڏهن ڪراچيءَ ۾ هئي ته محترم اعجاز مهر ان وقت روزانه ” جاڳو “ اخبار جو ڪراچيءَ لاءِ اسٽاف رپوٽر هيو، پوءِ سندس محنتن رنگ لاتو ۽ هينئر هو بين الاقوامي سطح جو صحافي ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. اخباري دنيا کان علاوه سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا به وڏي جوش ۽ ولولي سان ميدان ۾ لٿل آهي، انهن کي به هنرمند ۽ آرٽسٽڪ مائينڊ رکندڙ ماڻهن جي ڳولها آهي، جي ڪو جديد مووي ڪئمرا کي هلائڻ جو ماهر آهي، يا وٽس اداڪاريءَ جا جوهر آهن يا اوهان مان ڪو ڊراما لکڻ جو ماهر آهي، يا ڪمپيوٽر جي هارڊويئر يا سافٽ ويئر تي مهارت حاصل آهي  ته  سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا  کان سواءِ اردوءَ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا در به اوهان تي کلندي دير نه ڪندا، هونئن سنڌي جي چوڻيءَ مطابق ته وڌ کان وڌ پير پٽ نه ڏيندو زال ته نه کسيندو، سو هر جاءِ ۽ هر جڳهه تي جتي چڱائيءَ جو ذري برابر به امڪان موجود هجي ا تي وڃي ڀاڳ آزمائڻ ۾ ڪو حرج به ته نه آهي.

ڪراچيءَ جي هنج ڏاڍي وسيع ۽ سندس دل ڏاڍي نفيس آهي. پاڪستان جي سڀني شهرن کان وڌيڪ پڙهيل لکيل ماڻهون ته اوهان کي هت ئي ملندا، پر هيءُ شهر محض پڙهلين کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون نه ٿو ڏئي، هت هزارين حجم ۽ درزي آهن، لکين ڊرائيور ۽ ڪلينر آهن، هر بنگلي ۽ هر پلازه لاءِ چوڪيدار به آهن ۽ ان کان علاوه لکين اهڙا اڻ پڙهيل ملي ويندا جيڪي ڪو هنر سکي ٺٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن، ان ڪري اڻ پڙهيل هئڻ به ڪا رڪاوٽ ناهي. جي ڪو اڻ پڙهيل آهي ۽ کيس ڊرائيونگ اچي ٿي يا هو کاڌي پيتي پچائڻ ۾ ڀڙ آهي ته کيس ڪراچيءَ ۾ روزگار ملڻ جا ڏيڍ سؤ فيصد موقعا موجود آهن، ان سلسلي ۾ مان ضمانت کڻڻ لاءِ به تيار آهيان.

ان ڪري مٿين سنڌ ۾ جيڪي به پڙهيل لکيل، اڌ گھاٻرو پڙهيل، هنر مند ۽ غير هنرمند بيروزگار آهن ته انهن کي گھرجي ته قسمت جي ديويءَ جي مهربان ٿيڻ جي انتظار  ڪرڻ ۽ بي روزگاريءَ جو ماتم ڪرڻ بجاءِ پنهنجي قسمت پاڻ سنوارڻ ۽ صدين کان وڏڙن جي ڇڏيل ورثي کي ورسائڻ لاءِ کين ضرور بل ضرور ڪراچيءَ ڏانهن سفر ڪرڻ گھرجي.  اتي اڳ ئي خيمان کوڙي ويٺل سنڌي مهندارن ۽ مهانڊن کي به گھرجي ته روزگار، تعليم، ڪاروبار يا ٻي ڪنهن سبب جي اندرئين سنڌ کان آيل جوانن، پڪن، پوڙهن، نياڻين سياڻين جي  دل ۽ جان سان مدد ڪن ۽ کين نه رڳو گائيڊ ڪن پر کين وس آهر ورسائڻ ۾ سندن ڀرپور مدد پڻ ڪن.

ڪراچي اول ۽ آخر اسان جي آهي، ان ڪري ان جي مالڪي به اسان کي ئي ڪرڻي پوندي، ۽ اهو ان نموني ئي ممڪن آهي ته اسان اتي وڌ کان وڌ آباد ٿيون، ڪالونيون ٺاهيون، ووٽ اتي داخل ڪريون، اتان جو ئي شناختي ڪارڊ ٺهرايون ۽ پڻ ڊوميسائيل به ڪراچيءَ جو وٺون.           
katohar@gmail.com


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو